Home / ڪئپيٽل افيئر / طالبان سان ڳالهيون؛ لبرل قوتن جي شڪست
above article banner

طالبان سان ڳالهيون؛ لبرل قوتن جي شڪست

ڇا هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن جي اها خام خيالي ناهي ته اهي اڄ به اهو سمجهن ٿا ته جنرل ضيا مري ويو آهي؟ ڪير ٿو چوي ته ضيا مري ويو آهي؟ ضياءَ ته هن ملڪ جي نس نس ۾ تحليل ٿيل آهي، جيڪڏهن اها ڳالهه سچ هجي ها ته پيپلزپارٽي ۽ ان جون اتحادي جماعتون، جن جي گهڻائي ضياءَ جي پيداوار آهي، ارڙهين ترميم وقت هن ملڪ جي آئين مان جنرل ضيا کي نيڪالي ڏئي ڇڏين ها، پر اها ڪنهن ۾ به جرئت نه هئي، ته هو ايئن ڪري سگهن،

اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ايندڙ ڪيترن سالن تائين ان ڳالهه جي اميد ڪرڻ به خام خيالي آهي ته ڪو جنرل ضيا کي هن ملڪ جي آئين مان به نيڪالي ملي سگهندي. پر هاڻي ته ضيا ماڳھين مچي مواڙ ٿي پيو آهي، ۽ ٿلهو ٿي ٿونا هڻڻ لڳو آهي،

اڄڪلهه آئين جي آرٽيڪل 62 ۽ 63 جو وڏو گوڙ متل آهي، هر ڪنهن جي اها خواهش آهي ته انهي تي عملدرآمد ٿئي، خاص ڪري هن ملڪ جون اهي سياسي ۽ مذهبي ڌريون جيڪي جنرل ضيا کي اڄ به سڌي ۽ اڻ سڌي طرح پنهنجو محسن سمجهن ٿيون، اهي ان ڳالهه تي بضد آهن ته عام چونڊن دوران اليڪشن ڪميشن آئين جي انهن آرٽيڪلن تي عمل ڪرائي.

اسان پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ اضافي لاءِ هن ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 62 جا ڪجهه نقطا اوهان آڏو رکون ٿا، جيڪي ارڙهين ترميم بعد به جيئن جو تيئن موجود آهن، هن آرٽيڪل جا چند نقطا پڙهو ۽ اندازو لڳايو ته ڇا جنرل ضيا مري ويو آهي!.

” هر اهو پاڪستاني پارليامينٽ جو ميمبر نٿو ٿي سگهي جيڪو سٺي ڪردار جو مالڪ نه هجي، عام طور تي اسلامي حڪم جي حوالي سان انحراف ڪرڻ ۾ مشهور هجي، اسلامي تعليمات جو خاطر خواھ علم نه رکندو هجي، ۽ اسلام جي مقرر ڪيل فرضن جو پابند نه هجي، ۽ ڪبيرا گناهن کان پاسو نه ڪندو هجي، هو سمهجدار ۽ پارسا نه هجي، فاسق هجي، ايماندار ۽ امين نه هجي، ۽ عدالت ان سلسلي ۾ کيس ان قسم جو ڏوھي قرار ڏنو هجي، هن پاڪستان جي قيام کانپوءِ ملڪ جي سالميت خلاف ڪم ڪيو هجي، يا نظريه پاڪستان جي مخالفت ڪئي هجي“

ضيا جي جهاز ڦاٽڻ کي 25 سال ٿي ويا، ، بهاولپور ويجهوC/1-30 جي رک مان هٿ آيل ڄاڙي جي فيصل مسجد جي اڱڻ ۾ ٺهيل قبر تي جيتوڻيڪ رش ناهي، پر هن جا معتقد هاڻي ملڪ جي گهٽي گهٽي ۾ ڦهلجي ويا آهن، اگربتين بدران بارود جي بوءِ ۾ هاڻي ساھ کڻڻ ڏکيو ٿي پيو آهي، هن ملڪ ۾ نظريه پاڪستان اصل ۾ ضيائي نظريو آهي، جنهن جي آبياري پنجاب جي اشرافيه ڪئي آهي.

34

تحريڪ طالبان پاڪستان( ٽي ٽي پي) پاران حڪومت کي ڳالههين جي آڇ تي سندن نقطئه نظر سان سهمت ٿيندڙ ڌريون خوش آهن ، ٽي ٽي پي هن ملڪ جي آئين ،قانون ۽ حڪومت کي مڃڻ کان انڪاري آهي، هو هن ملڪ تي قبضو ڪري ان مٿان پنهنجي مرضي جي شريعت مڙهڻ چاهي ٿي، هن ملڪ جي رياستي ادارن هنن کي پاليو هو، اڄ به زميني حقيقتون ان ڳالهه جي شاهدي ڏين ٿيون ته هن ملڪ جي رياستي ادارن انهن مان هٿ نه ڪڍيو آهي، جيتوڻيڪ پاڪستان جي فوج جي ترجمان ملڪ ۾ چونڊون ملتوي ڪرائڻ واري سازش ۽ طالبان جي پٺڀرائي جي ترديد ڪري چڪي آهي، پر فاٽا سيمت هن ملڪ جا باخبر سياستدان اڄ به وڏي واڪي اهي ڳالهيون ڪن ٿا، ٽي ٽي پي پاران ڳالههين جي آڇ بعد اهو سمجهڻ گهرجي ته هاڻي فيصلائتي ڪن جنگ جو وقت اچي ويو آهي، هن ملڪ جي رياست ان ڪري انهي جنگ جو فيصلو نٿي ڪري سگهي ته جن ”ٻچن“ کي هن هٿن سان پيدا ڪري جوان ڪيو هو، هو انهن مان هاڻي ڪيئن هٿ ڪڍي، سڄو بار سولين تي اچي پيو آهي، ۽ سولين به ٻن قسمن جا آهن، هڪڙا ڪافر ٻيا مومن! ان ڪري مومنن کي مان ڏيڻ لاءِ تياريون شروع ٿي ويون آهن. هن ملڪ جي آئين ۽ قانون کي نه مڃيندڙن سان هن ملڪ جي حڪومت کي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، اهو اسان جو نه پر هن ملڪ جي اڪثريت جماعتن جو اهو خيال آهي، هو سمجهن ٿيون ته ان کانسواءِ انهي جنگ مان جان نه ڇُٽندي، جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته بشير بلور جي شهادت وقت طالبان سان اڻکٽ جنگ جو اعلان ڪندڙ باچا خان جو حقيقي ۽ روحاني اولاد پنهنجي قاتل طالبانن سان امن جون ڳالهيون ڪرڻ جو اعلان نه ڪري ها،

هي به هڪ عجب ڪهاڻي آهي، اوهان کي شايد حيرت ٿئي ته اي اين پي عام چونڊن ۾ وڃڻ کان اڳ ۾ ئي ذهني طور تي چونڊون هارائي چڪي آهي، کيس ان ڳالهه جي پڪ آهي ته طالبان کيس ميدان ۾ اچڻ ئي نه ڏيندا، جيڪڏهن ائين ٿيو ته پوءِ سمجهو ته ڪي پي مان لبرل ڌريون چونڊجي نه سگهنديون.

14 فيبروري ويلنٽائين ڊي هو. ان ڏينهن نوجوان ڳاڙها ويس ڪري هن ڏينهن جو آڌر ڀاءَ ڪري رهيا هئا، ته ان ڏينهن اي اين پي جا اڳواڻ ڳاڙهيون ٽوپيون ۽ ڳاڙها مفلر ڳچي ۾ وجهي اسلام آباد جي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ۾ ويلنٽائين ڊي جي مخالف مولوين جو آڌر ڀاءَ ڪري رهيا هئا. هِنن جي ميزباني ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ٿي رهي هئي، ”اسان هن ڏينهن جي چونڊ ان ڪري ڪئي هئي ته اهو ڏينهن امن ۽ پيار جو عالمي ڏينهن آهي، ان ڪري اسان عسڪريت پسندن کي امن جو پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا“، اي اين پي جو سينيٽر زاهد خان صحافين کي ٻڌائي رهيو هو. پر ان ڏينهن هنن جي مهمانن جي اڪثريت ”يومِ پرده“ ملهائي رهي هئي، اها اي پي سي ان ڪيمرا هئي، جنهن ۾ ڪوبه صحافي شريڪ نه هو، سج لٿي بعد ڪانفرنس هال مان ڪجهه ليڊر نڪتا، خبر پئي ته گڏيل پڌرنامي بابت صلاح مشورا جاري آهن، وڏي وٺ پڪڙ بعد ويچاري اي اين پي امن ڳالههين جي ڳالهه ته ڪئي پر انهي پڌرنامي ۾ نه دهشتگردن جو ذڪر هو نه طالبان جو ڪو لفظ شامل هو، اوهان سمجهي سگهو ٿا ته جيستائين ان پڌرنامي تي سڀ ڌريون اتفاق نٿيون ڪن تيستائين ان کي جاري ڪرڻ جي ميزبان ۾ سگهه ۾ سگهه ئي نه هوندي آهي. هن اي پي سي ۾ جماعت اسلامي، ۽ تحريڪ انصاف شريڪ نه ٿيون هيون، پڌرنامي جاري ڪرڻ وقت اي اين پي جي اسفند يار ولي چيو ته ايندڙ اي پي سي جي ميزباني جي يو آءِ جهلي آهي، هن اي پي سي جي ٻئي ڏينهن مردان ۾ خيبر پختون خواھ جي وزيراعلي ۽ اسفنديار ولي جي ڀاڻيجي امير حيدر خان هوتي مٿان آپگهاتي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هو خوشقسمتي سان بچي ويو، طالبان انهي حملي جي ذميواري قبول ڪئي، طالبانن اي اين پي جي اي پي سي جي پڌرنامي کي اڳ ۾ ئي رد ڪري ڇڏيو هو.

“فاٽا جي مختلف ايجنسين ۾ 40 هزار دهشتگرد آهن ،جن مان صرف 3 هزار پختون آهن ، باقي سڀ پرڏيهي آهن“ اي اين پي جو ايم اين اي حمايت الله يار مونکي ٻڌائي رهيو هو، ”اسان عام چونڊن ۾ نه نڪري سگهنداسين، ووٽرن تائين پهچڻ ئي اسان لاءِ مسئلو بڻيل آهي”.

” طالبان اسان جي خلاف کليل جنگ جو اعلان ڪري چڪا آهن.ڪي پي ۾ 60 سالن ۾ 9 يونيورسٽيون ٺهيون، اسان 5 سالن ۾ ايتريون قائم ڪيون، 74 ڪاليج قائم ڪيا، ايم ايم اي جي اڳوڻي حڪومت جا عهديدار ته ترقياتي رٿائن جي 25 سيڪڙو رقم اڳواٽ ڪڍائي کيسي ۾ وجهندا هئا، اسان مٿان بدعنوان هجڻ جي هڪ منظم مهم هلائي وئي، ۽ مٿان کان طالبان به بڇيا ويا“ هن پنهنجي ڳالهه کي اڳتي وڌايو، سندس چهري مان پريشاني کي سمجهڻ ڏکي ڳالهه نه هئي.

ٻن هفتن بعد 28 فيبروري تي جڏهن مولانا فضل الرحمان جي ميزباني ۾ اي پي سي ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿي ته اها ان ڪيمرا نه هئي، پر هن اي پي سي ۾ هن دفعي نه رڳو ميان نواز شريف شامل هو، پر فاٽا جا سمورا نمائندا به موجود هئا. هن اي پي سي جون ٻه ڳالهيون انتهائي اهم هيون هڪ اها ته هن اي پي سي ۾ هن ملڪ جي لبرل ڌرين جو نقطه نظر صرف حاصل خان بزنجو ۽ محمود خان اچڪزئي پيش ڪيو، اهي ان ڪري ڀري ٻيڙي ۾ اڪيلا هئا، جڏهن ته پيپلزپارٽي حڪومت ۾ هجڻ سبب مخدوم امين فهيم معرفت رڳو اها ڳالهه ڪئي ته طالبان سان امن ڳالهيون ڀلي ڪيون وڃن پر اهي ملڪ جي آئين قانون ۽ حڪومتي رٽ کي سامهون رکي ڪيون وڃن، جڏهن ته باقي سموريون ڌريون ان ڳالهه تي اتفاق ڪري رهيون هيون ته طالبان سان امن جي قيام لاءِ ڳالهيون ڪيون وڃن، ان لاءِ ملڪ جي آئين ۽ قانون جو شرط لازمي ناهي، ميان نواز شريف ته ٻئي ڳالهيون ڪيون، يعني ”اي بي ٺيڪ تي او ڀي ٺيڪ“ واري ڳالهه هئي، هن طالبان سان ڳالهين جي به ڳالهه ڪئي ته اهو به چيو ته جي يو آءِ جيڪو حڪم ڪندي اسان کي قبول هوندو، ٽيون نقطه نظر ناليواري صحافي سليم صافي جو هو، جنهن کي به تقرير لاءِ گهرايو ويو، هن کي ڇو گهرايو ويو؟ اهو خود هڪ سوال آهي، پر طالبانن سان رابطا هجڻ ۽ انهي موضوع تي دسترس هجڻ سان گڏوگڏ اهو پيغام به ڏنو ويو ته ملڪ جون سياسي ڌريون ميڊيا جي راءِ کي به اهميت ڏين ٿيون، صافي جي تقرير ڪيترن ئي حوالن سان اهم هئي، هڪ ليکي هن جي تقرير اي اين پي جي ظاهر نه ٿيل موقف جي به شاهدي هئي، ته ڪيئن طالبان ايندڙ عام چونڊن ۾ خطرناڪ قسم جي دهشتگردي جي تياري ڪري رهيا آهن. هن جو چوڻ هو ته ” طالبان جي اڳواڻ عظمت الله معاويه پهريون ڀيرو کيس خط لکي انهي ڳالهه جو اظهار ڪيو هو ته هو پاڪستان سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا. هن چيو ته پاڪستان ۽ عالمي اسٽيبلشمينٽ قبائلي علائقن کي گذريل 50 سالن کان پنهنجي ليبارٽري بڻائي رکيو آهي، طالبانن جون فرنچائيز اسلام آباد ، لاهور، ڪراچي ۽ ٻين شهرن ۾ آهن، هن انڪشاف ڪيو ته ايندڙ عام چونڊن لاءِ 150 آپگهاتي بمبارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ به ٿي چڪي آهي، هن چيو ته هن ملڪ ۾ اهي ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون ته پاڪستاني طالبان سان ان ڪري ڳالهيون نه ڪيون وڃن ته اهي پاڪستان جي آئين کي قبول نٿا ڪن، ڇا افغان طالبان افغانستان جي آئين کي مڃن ٿا؟ هن چيو ته هتي طالبانن اسڪول بند ڪيا هئا، پر وزيرستان ۾ اسڪول کليل آهن، ملا عمر سمورين ملالائن جا اسڪول بند ڪرايا هئا، هن چيو ته بلوچ عسڪريت پسندي به اسان پيدا ڪئي آهي، اسان کي طالبانن سان ڳالهيون ڪرڻيون پونديون، جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته طالبان ڪمزرو آهن، ته اهو خام خيالي ۾ رهي ٿو، طالبانن بنون جيل ٽوڙيو، پر اسان جي رياست ڪجھ به نٿي ڪري، هن چيو ته هن ملڪ جا اهم ماڻهو يا ته طالبان کي ڀتو ڏين ٿا يا مصلحتن خاموش آهن، هن چيو ته موجوده حڪومت اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ چاهي ٿي، ۽ هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته 2014ع ۾ آمريڪا جي وڃڻ بعد اسان پاڻ ان مسئلي کي حل ڪنداسين، پر اهو ياد رکو ته جيڪڏهن ان مسئلي کي حل نه ڪيو ويو ته 2014ع ۾ سڄو پاڪستان وزيرستان بڻجي ويندو، هن اها به دعويٰ ڪئي ته جيڪڏهن هتي اي پي سي ۾ ميان نواز شريف، مولانا فضل الرحمان ۽ سيد منور حسن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي وڃي ته طالبانن کيس ان ڳالهه جي ضمانت ڏني آهي ته هو انهن جي سڪيورٽي پاڻ ڏيندا، “

جڏهن ته محمود خان اچڪزئي به هن ڪانفرنس ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون اهو اهڙو ڪڙو سچ هو جيڪو گهڻو ڪري ملڪ جي اردو اخبارن جي سرخين ۾ جاءِ والاري نه سگهيو، هن چيو ته فاٽا ۾ ايف سي قانون ختم ڪري هڪ ووٽ جي بنياد تي اسيمبلي ٺاهي وڃي، قبائلين جي خاموشي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، اهي جيڪڏهن اٿيا ته پاڪستان کي ڀسم ڪري ڇڏيندا، هن چيو ته هزارين تاجڪ، ازبڪ، چيچن ۽ عرب فاٽا ۾ ڪيئن آيا ۽ اڃا تائين ڪيئن ويٺل آهن؟ هن ملڪ جي سياسي قيادت به اتي نٿي وڃي سگهي، اسان جا فوجي ۽ جاسوسي ادار هنن جي مٿي تان پنهنجو هٿ لائن ته خبر پئجي ويندن ته اهي فاٽا ۾ ڪيئن ٿا رهي سگهن، هن چيو ته اسان مٿان اهو الزام آهي ته اسان ايٽم بم وڪرو ڪيو، ايٽم بم ڪا ٽافي ته ناهي، جنهن کي اسان وڪرو ڪيو اهو( لبيا) ئي اسان جي مٿان ئي شاهد ٿي بيهي رهيو، هن آڇ ڪئي ته طالبان مسئلي جو حل پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ڳالههين کانسواءِ ٻيو ڪوبه ناهي، هن چيو ته هو حامد ڪرزئي، پير برهان الدين ۽ ٻين جي ذميواري پاڻ کڻي ٿو، جيڪڏهن ڪنهن کي اعتبار نه هجي ته ڪعبي ۾ به ڳالهيون ڪرائي سگهجن ٿيون،

حاصل خان بزنجي به سڌيون ڳالهيون رکيون ته جيستائين هن ملڪ جي رياست جي پاليسي تبديل نه ٿيندي تيستائين هتي امن نه ٿيندو، هن چيو ته اسان پهرين پئسا وٺي جهادي ٺاهيا، پوءِ انهن کي مارڻ لاءِ طالبان ٺاهيا، ۽ طالبانن کي مارڻ لاءِ لشڪر ٺاهيا، هيستائين 15 لک پشتون ۽ افغاني مارجي ويا آهن پر اها جنگ بند ٿيڻ جو نالو نٿي وٺي.

ملڪ جي ٻن وڏين پارٽين اي اين پي ۽ جي يو آءِ پاران اي پي سي سڏائڻ جو سبب واضح آهي ته انهن ٻنهي جو گهڻو تعلق خيبر پختون خواھ سان آهي، مولانا واري اي پي سي ۾ ايندڙ اي پي سي لاءِ ڪنهن به ڌر ميزباني جهلڻ جو اعلان نه ڪيو آهي، ان ڪري اهو سمجهڻ گهرجي ته ويجهي مستقبل ۾ ان مسئلي تي اي پي سي ٿيندي نظر نٿي اچي، جنهن ڏينهن مولانا جي اي پي سي ٿي ان جي ٻئي ڏينهن آمريڪي سفير مولانا سان ملاقات ڪئي هئي ته صدر زرداري، جيڪو آمريڪي دٻاءَ جي باوجود ايران گئس پائيپ لائين جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ ويو هو اهو بنا صحيح ڪرڻ جي موٽي آيو، خطي ۾ تبديل ٿيندڙ صورتحال ۾ هن ملڪ جي ساڄي ڌرين طالبانن جي حيثيت کي وڌائي ڇڏيو آهي، ڪالهه تائين جيڪي آپگهاتي حملن کي غير شرعي ۽ حرام قرار ڏئي رهيا هئا، اهي به طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ جا حامي بڻجي ويا آهن،

هن دفعي اي اين پي کي طالبان نه رڳو ڪي پي ۾ پر ڪراچي ۾ به تمام گهڻو ٽف ٽائيم ڏنو آهي، ۽ ان جو سڄو فائدو جي يو آءِ کي ٿيو آهي، جي يو آءِ ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪي پي مان اڪثريت حاصل ڪرڻ چاهي ٿي، طالبان هن دفعي ڳالههين جي آڇ ڪري رهيا آهن، جي يو آءِ ملڪ جي قومي منظرنامي ۾ طالبان سان ڳالهين جي حوالي سان انتهائي اهميت حاصل ڪري ورتي آهي، ملڪ جي ايندڙ سياسي منظرنامي ۾ ساڄي ڌر جو اتحاد طاقتور ٿيندي نظراچي پيو، ايندڙ عام چونڊن ۾ انهن جي اڪثريت جا امڪان به آهن، طالبانن جا ضامن جي يو آءِ ، نون ليگ ۽ جماعت اسلامي آهن، ايندڙ عام چونڊون خوني هونديون ، ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي، اهي رڳو ڪي پي ۽ بلوچستان۾ نه پر ڪراچي ۽ پنجاب ۾ به ماڻهن جا ٻچا کائينديون،

Email:razak.khatti@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو