Home / بلوچستان / لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا
above article banner
لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا

لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا

هي ڳالهه سمجهه کان مٿانهين آهي ته آخر پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت ۾ ئي ڌارين کي سنڌ ۾ آڻڻ يا سنڌ ۾ رهندڙ ڌارين کي شهريت ڏيڻ جا معاملا ڇو پيدا ٿيندا آهن. شهيد بينظير ڀٽو جي حڪومت دوران بهارين کي سنڌ آڻڻ جو اعلان هونئن ته عوامي احتجاج کانپوءِ واپس ورتو ويو هو. پر هن ڀيري شايد وفاقي وزير رحمان ملڪ ۽ اسانجو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه بنگالين تي وڌيڪ مهربان نظر اچن ٿا.

هو چون ٿا ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ڇاڪاڻ ته 16 ڊسمبر 1971ع کان اڳ ۾ پاڪستان ۾ رهندڙ بنگالين کي قومي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جي سفارش ڪئي آهي. انڪري انهن جي اها فرمائش پوري ڪندي 2 يا 4 هزار نه پر 25 لک بنگالين کي سنڌ ۾ شهريت ڏني ويندي. 25 لک بنگالين جو مقصد ته قومي اسيمبليءَ جون شايد 2 ۽ صوبائي اسيمبليءَ جون 4 کان 5 سيٽون ڌارين جي جهوليءَ ۾ وڃي سگهن ٿيون. سنڌ ۾ ڌارين جي رجسٽريشن لاءِ قائم ڪيل اداري نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي (نارا) پاران 2011 ۾ جاري ڪيل رپورٽ موجب سنڌ ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ ڌارين جو انگ 26 لک کان وڌيڪ آهي. جڏهن ته قوم پرستن ۽ غير سرڪاري انگن اکرن مطابق صرف ڪراچي ۾ 35 لک کان وڌيڪ ڌاريا رهن ٿا. جن ۾ سڀ کان وڌيڪ هندستاني بنگالي ۽ برمي آهن. جڏهن ته ايراني، افغافي، عرب ۽ چيني پڻ جهجهي تعداد ۾ رهن ٿا. “گذريل مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ اسانجا 35 ڪائونسل چونڊيا ويا هئا. قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن ۾ پڻ حصو ورتو پر ڪامياب نه وياسين. بهرحال لکين ووٽ پيا.” بنگالين جي سياسي تنظيم پيپلز مسلم ليگ جو سربراهه صالح ظهور چوي ٿو.

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ 18 جنوري ۽ پنجاب ۾ 30 جنوري تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪندي چونڊن لاءِ سنڌ ۾ 23 فيبروري ۽ پنجاب ۾ 13 مارچ جون تاريخون تجويز ڪيون آهن، چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني چيو آهي ته چونڊن کي اڻ ڄاڻايل وقت تائين ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سنڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

هن تنظيم جي ڪراچي اولهه ۾ آفيس آهي. جتي هر وقت بنگالي چڱي تعداد ۾ موجود رهن ٿا. وٽن بنگالين جي ڪمپيوٽرائزڊ ڊيٽا موجود آهي. اڳوڻي صوبائي وزير بئريسٽر شاهده جميل پڻ صالح ظهور سان صلاحون ڪندي کين سياسي پتا کيڏڻ جا گُر ٻڌائيندي رهي ٿي.

  • سنڌ جو حصو
  • پنجاب جو حصو

وڌيڪ پڙهو

هتي سوال اهو ٿو ٿئي ته قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ کي آخر بنگالين کي شهرت ڏيڻ جو درجو ڇو پيدا ٿيو آهي؟ انجو جواب سڌو سنئون اهو آهي ته ڪراچي مان چونڊ کٽيندڙ لساني تنظيم هجي يا ساڄي ڌر جا سياستدان انهن سنڌ ۾ هميشه ڌارين کي شناختي ڪارڊ ڏيڻ جي حمايت ڪئي آهي. هاڻي جڏهن بنگالين جو ٽڪو پاڪستان جي رپئي جي ڀيٽ ۾ ڏيڍوڻ تي وڌي چڪو آهي ته ڌارين رهائڻ جي شوقينن کي خطرو پيدا ٿي چڪو آهي ته هي همراهه هوريان هوريان بنگلاديش واپس نه هليا وڃن. انڪري ان جهرڪيءَ کي قابو ڪرڻ لاءِ داڻو وجهڻ ضروري آهي. هن وقت سنڌ ۾ اسٽيبلشمينٽ هڪ طرف مهاجر صوبي جي نالي تي ڌارين کي گڏ ڪري رهي آهي ته وري ٻئي طرف بنگالين کي رعايتون ڏنيون پيون وڃن. سنڌي ماڻهن کي ۽ خاص طور سنڌي ماڻهن جي ووٽن تي چونڊجي ويل نمائندن کي سوچڻ جي ضرورت آهي ته ڪٿي هي فيصلو سنڌ ۾ نام نهاد مهاجر صوبي جي سازش جو حصو ته ناهي.

ٺيڪ آهي بنگالين پاڪستان جي قيام لاءِ جهدوجهد ۾ حصو ورتو هوندو. پر ڇا اها حقيقت ناهي ته انهن الڳ ملڪ ٺاهيو. اڄ هنن جو پنهنجو وطن آهي. اهي اوڏانهن ڇو نه ٿا وڃن؟ پر جيڪڏهن کين پاڪستان ۾ ئي رهڻو آهي ته پوءِ صرف سنڌ ڇو؟ ڪراچيءَ ۾ لٺ بستيءَ کان ڪياماڙيءَ تائين ماهيگيرن جي آبادين ۾ بنگالين جو هڪ وڏو تعداد رهي ٿو. جيڪو غير قانوني هجڻ سبب مقامي وڏيرن لاءِ مڇيءَ جو شڪار ڪري ٿو ۽ اجرت پڻ مقامي مهاڻن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ وصول ڪري ٿو. ان سبب هڪ طرف ته اسانجو مقامي مهاڻو بي روزگار ٿئي ٿو ۽ اقتصادي مسئلن جو شڪار رهي ٿو ته وري ٻئي طرف وڏيرا انهن بنگالين کان غير قانوني ڪم ڪرائي مقامي ماڻهن کي هيسائن ٿا. “سنڌ حڪومت جي پابنديءَ جي باوجود مقامي وڏيرا سمنڊ ۾ بنگالين جي مدد سان بولوگجو ڄار استعمال ڪن ٿا. جنهن سان مڇيءَ جو ٻج مري وڃي ٿو ۽ مڇيءَ جو شڪار گهٽجي ٿو”. ماهيگيرن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم جو اڳواڻ سيد محمد علي شاهه “افيئر” سان ڳالهائيندي چوي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته “بنگالين ۽ برمين مقامي ماهيگيرن جي اقتصاديات کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. سو ڏيڍ سو جي ڏهاڙي تي ڪم ڪن ٿا ته وڏيرا مقامي ماڻهوءَ کي ڪم ڇو ڏيندا؟”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو