Home / بلوچستان / لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا
above article banner
لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا

لک بهاري ۽ بنگالي سنڌ جا شهري بڻجي ويندا

پاڪستان جي ٻين صوبن ۾ پڻ غير قانوي طور رهندڙ غير ملڪي موجود آهن. پر انهن جو ايترو جهجهو تعداد ڪونهي جو اهي مقامي اقتصادي حالتن تي اثرانداز ٿين. پر سنڌ ۾ ڌاريا سنڌ جي اقتصادي حالت تي بري طرح اثرانداز ٿين ٿا. ڪراچي حيدرآباد، سکر جي شهري علائقن ۾ ڌارين جي وڏي تعداد ۾ اچڻ سبب شهري ٻهراڙي جي تناسب تي فرق پوي ٿو. ڪراچيءَ ۾ خاص طور امن امان جا مسئلا پيدا ٿين ٿا. شهري سهولتن جو فقدان پيدا ٿئي ٿو. “سنڌ ۾ 25 لک بنگالي آباد آهن. جن کي سنڌ جو گهرو کاتو غير قانوني قرار ڏئي چڪو آهي”. سنڌ جي اڳوڻي آءِ جي افضل شگري 2004ع ۾ سنڌ حڪومت کي رپورٽ ڏيندي ٻڌايو هو ۽ سفارش ڪئي هئي ته انهن بنگالين کي پاڪستان مان تڙيو وڃي، ڇاڪاڻ ته انهن جو هڪ وڏو تعداد ڪراچي ۾ غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث آهي. هلندڙ سال جي شروعاتي ڏهاڙن ۾ قومي اسيمبلي ۾ جڏهن ملڪ جي امن امان جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه هلي رهي هئي ته قومي اسيمبليءَ کي گهرو معاملن واري وزارت ٻڌايو هو ته ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين جو تعداد 50 لک کان وڌي ويو آهي، جن مان اڪثريت سنڌ ۾ رهي ٿي.

ڌارين ۾ 20 لک بنگالي، اڍائي لک افغاني ۽ ٻين ملڪن جا 5 لک ڌاريا شامل آهن. 1997ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ ميان نواز شريف جي حڪومت هئي ته سنڌ حڪومت کان باضابطه راءِ ورتي وئي هئي ته بنگالين کي سنڌ ۾ شهريت ڏني وڃي. پر سنڌ حڪومت وفاقي تجويز جي مخالفت ڪندي وفاق کي خبردار ڪيو هو ته سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جا سنگين نتيجا نڪرندا. ان وقت جي رپورٽ ۾ وفاق کي جيڪي انگ اکر ڏنا ويا هئا تن مطابق ان وقت بنگالين جو تعداد 20 لک، جڏهن ته برمي 2 لک، ايراني ۽ افغاني هڪ هڪ لک جي لڳ ڀڳ آهن. چينين ۽ سري لنڪن جو پڻ چڱو تعداد موجود آهن. هي پرڏيهي عام طور تي ساڄي ڌر سان تعلق رکڻ سبب لساني تنظيم يا مذهبي جمائتن کي ووٽ ڏين ٿا. انڪري اهي جماعتون ئي ڌرين کي ووٽ جي حق جون حامي آهن ۽ اهي سيل قائم ڪري ڌارين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ۽ شهريت جا ٻيا ڪاغذ تيار ڪري ڏيڻ ۾ مدد ڪن ٿا.
سنڌي ماڻهن کي ته شاهه عبدالطيف ڀٽائي درس ڏئي ويو هو ته “ڌريان ئي ڌاريا مٽ مئي جا نه ٿيا”. بلڪه شاهه سائين ته ڌارين جي ٻولي سکڻ کان به منع ڪئي هئي “جي تو فارسي سکي گولو تون غلام”. 2011ع ۾ جڏهن گهر شماري ٿي هئي ته ان ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ان فيصلي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو هو. جنهن ۾ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته “صرف ان ثبوت تي ڪنهن کي شهريت نٿي ڏئي سگهجي ته وٽس سنڌ ۾ شناختي ڪارڊ يا ڪنهن ملڪيت جو مالڪ هجڻ جو سرٽيفڪيٽ هجي”. متحده قومي موومينٽ قومي اسيمبلي ۾ هڪ بل پيش ڪيو آهي جنهن تي بحث هلندڙ آهي. سندن مطالبوآهي ته جيڪڏهن پاڪستاني ڇوڪري ڪنهن غير ملڪي مرد سان شادي ڪري ته سندس مڙس کي پاڪستان جي شهريت ڏني وڃي. خبر ناهي ته هو ڪهڙي ملڪ جي ماڻهن کي ان طريقي سان شهريت وٺي ڏيڻ جا حامي آهن. پر گذريل هفتي قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ انهيءَ موضوع تي بحث دوران قومي اسيمبلي جي هڪ ميمبر اهو دلچسپ تبصرو ڪيو هو ته “جيڪڏهن اهو قانون پاس ٿي ويو ته هندستان جو گهرو وزير چدم برم وينا ملڪ سان شادي ڪري پاڪستان جو وزير داخله ٿي سگهي ٿو”. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ ۾ گهرو معاملن جي وزارت جي سيڪريٽري خواجه صديق اڪبر ڪميٽي کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان حڪومت نادرا کي هدايت ڪندي ته اها 25 لک بنگالين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺاهي ڏئي. گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ پڻ تيل ڦليل ڪري ٽي وي چينلز کي انٽرويو ڏيندي اهو اعلان ڪيو آهي ته هن نادرا کي اهڙا سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. خوشيءَ جي ڳالهه آهي ته سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه وفاق جي فيصلي جي باوجود ڀنڀور عالمي ڪانفرنس جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته 1956ع کانپوءِ ۽ سنڌ آيل ڪنهن به شخص کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ملندو ۽ نه وري سندن رجسٽريشن ڪئي ويندي. 2009ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي اجلاس دوران ايوان کي ٻڌايو ويو هو ته سنڌ ۾ 16 لکن کان وڌيڪ غير قانوني پرڏيهين کي واپس انهن جي وطن اماڻي سگهجي ٿو. پر ان لاءِ وڏي رقم کپي جيڪا سنڌ حڪومت وٽ نه آهي. اسين سمجهون ٿا ته حڪومت اهو نيڪ ارادو ڪري ۽ ڌارين کي واپس اماڻي. سنڌ حڪومت 80 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ رکي آهي. اسين سمجهون ٿا ته سنڌي ماڻهو ان تي ضرور اتفاق ڪندا ته اسين هڪ سال جي ترقياتي بجيٽ ڌارين جي نيڪالي لاءِ خرچ ڪريون. اسانکي هڪ سال تائين روڊ رستا نه کپن. جيڪڏهن اهو ممڪن ڪونهي ته سنڌ حڪومت هر سال پنج لک ڌارين کي واپس اماڻڻ لاءِ بجيٽ ۾ رقم کڻي.
پاڪستان سرڪار 1951ع ۾ ويسٽ پاڪستان سٽيزن شپ ايڪٽ منظور ڪيو هو. جيڪو ماهرن مطابق ايترو ته ڊفيڪٽو آهي جنهن ۾ پرڏيهي ماڻهن کي پاڪستان ۾ اچڻ کان روڪي ئي نٿو سگهجي. اهو ايڪٽ 1973ع جي قانون جو پڻ حصو آهي ۽ 20 هين ترميم ٿيڻ باوجود ڪنهن به ڌر انکي نه ته چيلنج ڪيو آهي ۽ نه ئي وري تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. باقي صوبن لاءِ ته ان ايڪٽ جي ڪا اهميت ئي ناهي. ڇاڪاڻ ته ڌارين جي آبادڪاري انهن جو سڌي ريت ڪو مسئلو ئي ناهي. ڌاريا ته صرف سنڌ ۽ خاص طور ڪراچيءَ جو رخ ڪن ٿا. پر حيرت آهي ته سنڌ جي ڪنهن به قوم پرست، ڪنهن به وڪيل يا پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڪنهن به اڳواڻ انهيءَ ايڪٽ کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ته پري جي ڳالهه آهي پر اڄ ڏينهن تائين اهڙو مطالبو به نه ڪيو آهي. اهي ڌارين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪهڙ ي قانون تحت ڪري رهيا آهن؟ ڪو ته هجي جيڪو گهرو معاملن واري وفاقي سيڪريٽري خواجا صدي اڪبر کان ڪن مهٽ ڪندي اهو پڇي ته ڀلا جيڪڏهن بنگالين کي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪرڻ جو فيصلو سندس هٿ ۾ ئي آهي ته پوءِ قومي ۽ صوبائي اسيمبليون ڇا جي لاءِ ڪم ڪري رهيون آهن؟ جيڪڏهن بنگالين کي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ڏنا ويا ته اها ڪهڙي ضمانت آهي ته برمي، ايراني ۽ هندستاني اهڙو مطالبو نه ڪن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيادت کي اهو سوچڻ گهرجي ته اهي اهڙا فيصلا نه ڪن جن جي بنگالي اڳواڻ صالح ظهور ۽ شيخ فيروزالدين ته آجيان ڪن پر پي پي جا ووٽر سنڌي ماڻهو انجا مخالف هجن. وفاقي وزير رحمان ملڪ جو پنهنجو ڪو به چونڊ تڪ ڪونهي. هو پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي سنڌ جي ووٽن تي سينٽر چونڊيل آهي. اهو ان سلسلي ۾ ڪو به قدم کڻڻ کان اڳ سو ڀيرا سوچي ته اهو جنهن سنڌ جو ٽُڪر کائي ٿو انجي نمڪ حلالي ان تي فرض آهي. هو سنڌ جي آواز کي سمجهي ته سنڌ ڌارين کي نيڪاليءَ جي حامي آهي. انهن جي آمد جي هرگز نه.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو