Home / سنڌ افيئر / اتر سنڌ ۾ ايڌي ايمبولينس سروس بند ٿيڻ جا امڪان
above article banner

اتر سنڌ ۾ ايڌي ايمبولينس سروس بند ٿيڻ جا امڪان

نسيم بخاري

 شڪارپور جي ٺاروپور پاڙي سان تعلق رکندڙ انيس شاهه کي جڏهن پنهنجي ڀيڻ جي شادي واري موقعي تي چاچي گامڻ شاهه جي موت ۽ ان جي لاش جي سندس ڳوٺ نور محمد شجراع تائين رات جي ويل ايمبولينس جي اڻاٺ واري احساس جي ڪيفيت سان منهن ڏيڻو پيو ته ان گهڙي اهو لمحو هن لاءِ ڪنهن المئي کان گهٽ نه هو.

اهو ته ڀلو ٿئي ان جي هڪ مائٽ جو جنهن جي تڏهوڪي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر سان واسطيداري ڪم آئي ۽ پوليس جي ايمبولينس ۽ سيڪيورٽي ۾ اڌ رات جو ميت پنهنجي منزل تي رسي هئي.
شڪارپور ڪنڌڪوٽ نيشنل هاءِ وي ڏوهي وارداتن جي حوالي سان خطرناڪ رڪارڊ رکي ٿو جنهن تي سج لٿي کانپوءِ سفر انتهائي خطرناڪ تصور ڪيو ويندو آهي.
اهو ئي سبب هو ته ٽيڻ چئوڻ تي ڪرائي جي آڇ باوجود انيس وارن سان ڪا به ايمبولينس نه پئي هلي ۽ هن جي مائٽ جا تعلقات هن لاءِ مددگار ثابت ٿيا، جيڪڏهن اها ميت وقت تي پنهنجي منزل تي نه پهچي ها ته پڪ سان لاڳاپيل خاندان ۽ مائٽن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي ها.
حڪومت جو پهريون فرض خلق جي کاڌ خوراڪ، ٻارڻ ۽ لٽو ڪپڙو توڙي رهائش جڏهن ته ٻيو فرض اخلاقي ۽ فڪري تعمير جا ذريعا ميسر ڪرڻ آهي، پر اهي ڪم ته پنهنجي جاءِ تي جڏهن سڀ ڪم ان جي ابتڙ ٿيڻ لڳن ته پوءِ عوام سرڪار مان ڪهڙي اميد رکي ؟ صحت ۽ تعليم سرڪار جي بنيادي ذميواري آهي پر جتي جان جي سلامتي نه هجي اتي ٻي ڪهڙي خاطري ڪجي؟ ايڌي ايمبولينس کان ڦر ۽ انهن جي دعوائن وارا پنهنجي نوعيت جا پاڻ وٽ ڪي پهريان مثال ڪو نه قائم ٿيا آهن ايڌي کانسواءِ خانگي سرڪاري ايمبولينس به نشانو بڻايون ويون آهن.
شڪارپور ۾ جن ڏينهن ۾ قبيلائي جهيڙا عروج تي هئا ۽ خاص ڪري مهر- جتوئي تڪرار سبب گهر گهر لاش ٿي مليا تن ڏينهن ۾ لاش کڻڻ لاءِ پهتل 7ايمبولينسون ۽ انهن جا ڊرائيور ظلم، تشدد ۽ وحشت جو کاڄ بڻيا هئا ۽ ڪيترن ڏينهن تائين انهن جي بازيابي مسئلو بڻيل رهندي هئي. هٿياربند ايمبولينس ۽ ڊرائيورن کي پنهنجي مقصد لاءِ استعمال ڪندا هئا ۽ ڏينهن جا ڏينهن لاش بي يارو مددگار پيا هوندا هئا.
ايڌي جي ايمبولينس سان پيش آيل شرمناڪ واقعن جو تفصيل تمام ڊگهو آهي پر ان سيريز جو آخري واقعو هنن سٽڻ لکڻ تائين جيڪو سامهون اچي چڪو هو سو حيدرآباد مان شهدادڪوٽ ميت کڻي وڃڻ واري ناٽڪ دوران پيش آيو، ميت رڳو بهانو هئي هٿياربندن کي ايمبولينس کپندي هئي. ان سلسلي ۾ انچارج ايس ايس پي قمبر-شهدادڪوٽ خالد مصطفيٰ ڪورائي واقعي جي تصديق ڪندي مغوي ڊرائيور جي بازيابي جي حوالي سان ڪوششن بابت ٻڌايو ۽ اهو پڻ ٻڌايو ته ايمبولينس بلوچستان جي حدن ۾ غائب ٿي وئي.
ان حوالي سان جڏهن سکر، جيڪب آباد، خيرپور، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور سميت اڪثر شهرن جي ايڌي رضاڪارن سان رابطو ڪيو ويو ته انهن سڀني جو مجموعي طور موقف اهو آڏو آيو آهي ته گاڏي ڏيڻ کان اڳ جيڪڏهن دفتر ۾ ايندڙ ماڻهن کان پنهنجو شناختي ڪارڊ، موبائل ۽ فون نمبر جي گهر ڪجي ٿي ته اهي ڌمڪائين ٿا. تشدد ۽ ڀڃ ڊاهه ڪن ٿا ۽ گهربل سهڪار نه ٿا ڪن. هنن ٻڌايو ته اسان ايمبولينس سروس بند ڪرڻ بابت سوچ ويچار ۾ آهيون ۽ ٿي سگهي ٿو ته بدامني جي خطرناڪ ۽ خوفناڪ صورتحال جي ڪري ڪجهه عرصي لاءِ ايمبولينس سروس معطل ڪري ڇڏجي .
جيڪڏهن احتجاجي طور تي رڳو علامتي حوالي سان به ائين ٿئي ٿو ته تصوير ڪيو ته ان عمل سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا معرفت جڳ جهان تائين پهتل اهو واءُ سواءُ اتر سنڌ جي ڪهڙي تصوير کي اڀاريندو؟ اتر سنڌ جتي عوام جي ڀلائي ۽ خيراتي ادارن جو چڱو خاصو ڏڪر آهي جتي اسپتالون عذاب گهر آهن ۽ عام ماڻهن جي

اهنجن جو ڪنهن کي به نه ته ڪو احساس نه وري ڪا پرواهه آهي.
اتي ذهنن ۽ ضميرن کي لڄائيندڙ ڏوهي وارداتن جا دڳ بند ڪرڻ لاءِ سياسي سماجي ۽ انتظامي سطح تي ڪو به ٽوڙ ڏسڻ ۾ نه ٿو اچي. حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته ايمبولينس جي ڦرجڻ ۽ غائب ٿيڻ وارن واقعن جي ڇنڊ ڇاڻ ته پنهنجي جاءِ تي پر ڪنهن نندا به نه ڪئي آهي، ڪنهن اهو ضروري ناهي سمجهيو ته ان حوالي سان ڪا دانهن ڪو ڪ ڪري.
“ افيئر” طرفان جڏهن ايڌي ايمبولينس سروس سان لاڳاپيل معراج احمد سان ڳالهايو ويو ته هن ٻڌايو ته ايڌي جون لڳ ڀڳ ڏهه ٻارنهن ايمبولينسون کسجي چڪيون آهن حيدرآباد ۾ ٽي، سکر ۽ نوابشاهه ۾ هڪ، جڏهن ته ٻه ڪراچي ۾ گاڏيون هٿيارن جي زور تي کسيون ويون آهن.
معراج احمد جوخيال آهي ته سياستدانن جي دلچسپي واقعن ۽ واردتن ۾ ڪافي حد تائين گهٽتائي آڻي سگهي ٿي. جڏهن ته پوليس جو ڪارائتو ڪردار امڪاني خطرن کان ڇوٽڪاري جي پڪ ۽ ضمانت ثابت ٿي سگهي ٿيو. 1998 ۾ ڄامشورو مان ايمبولينس کسجڻ حيدرآباد ۾ پهرين واردات هئي. ٻه ٽي مهينا اڳ شهدادپور ميت ڇڏي موٽندڙ گاڏي باقر موري وٽان کنڀي آهي ۽ ٽئين واقعي ۾ خالد مصطفيٰ ڪورائي ٽي وي چينل تي ۾مغوي ڊرائيو رجي بازيابي ۽ پاڻ وٽ ان جي پهچ جا احوال ته ڪيا پر حقيقت اها آهي ته هن پورو واءُ سواءَ ئي نه ورتو هو. اهو ڊرائيور رات جو اٺين وڳي پاڻ هرتو خود اسان وٽ پهتو هو.
همراهه وڌيڪ چيو ته پوليس جو جارحاڻو رويو خدمت جي جذبي تان روح کڻائي ڇڏي ٿو ۽ پوليس جي نااهلي جي ڪري سزا طور تي عام ماڻهو تڪليف ڀوڳي ٿو جيڪو انتهائي ڏکوئيندڙ آهي. اڳ ايڌي ايمبولينس هڪ فون ڪال تي ميسر ٿي ويندي هئي هاڻ احتياطي تدبيرن ۽ قانوني پيچيدگين مسئلا وڌائي ڇڏيا آهن.
هڪ خيراتي اداري جي ايمبولينس جو کنڀجڻ انتظاميه لاءِ جنهن خواري جو سبب بڻجڻ گهرجي ها اها خواري ان ڪري نه ٿي آهي جو انهن واقعن تي سڄاڻ ڌرين پاران ڪا زبردست قسم جي هاءِ گهوڙا نه ٿي آهي ۽ نه ئي ان تي اهو دٻاءٌ وڌو ويو آهي جنهن سان اها حرڪت ۾ ايندي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو