Home / ايڊيٽوريل / اسٽيبلشمينٽ عوام ءِ مجاهدن مان هڪ جي چونڊ ڪري !
above article banner

اسٽيبلشمينٽ عوام ءِ مجاهدن مان هڪ جي چونڊ ڪري !

ڀٽائي سرڪار ڪنهن جاءِ تي چيو آهي ته ، “ڪنوار جڏهن شادي، لائون لهڻ جي رات، گهوٽ يا ڍول جا، ڍڪڻ مٿي سبتي بجاءِ ابتا پير ڏٺا ته کيس ان ئي گهڙي يقين ٿي ويو ته جنهن سان کيس سڱ وڌائون سو ڪوجهي پريت ڪندو. کيس هُن مان چڱائي ڪا نه ٿيندي.”
گڏيل هندستان جي تاريخ جا بکيا ڪو نه ٿا اکيڙيون ته ڇا ڇا ٿيو ۽ ڪنهن ڪيئن ڪيو بس هڪ ڳالهه ئي لک جي ڳالهه آهي ته مذهب جي بنياد تي سياست جنهن ورهاڱي جا بنياد وڌا ان ورهاڱي جي نتيجي ۾ لکين انسانن جو ڪوس به ٿيو ته ڪروڙين دربدر به ٿيا. جڏهن ملڪ جي بنياد ۾ ئي عقيدي جي بنياد تي قتل وغارت هجي ته ان مٿان جيڪي به ٿنڀ ٻڌبا سي سيڪ بنياد ۾ پيل مواد کان ئي وٺندا رهندا. مذهب انسان ۽ خدا وچ ۾ معاملو آهي، رياست ۽ سياست جو ان ۾ نه اچي نه وڃي پر جڏهن رياست جڙي ئي ان تعلق جي انحرافي تي ٿي ته نتيجا اها ئي نڪرندا جيڪي اسان توهان اڄ مذهب ۽ سياست کي گڏائڻ سبب ڏسون پيا. هر ماڻهو ٻئي کي سڌي رستي تي آڻڻ جو ثواب ڪمائڻ جي چڪر ۾ هٿ ۾ باٺو کنيو بيٺو آهي. مٿان وري الميو ته اهو آهي ته رياست جو اڻ ڌري ناهي رهي. عام ماڻهو ڪاڏي وڃي؟
فرقيواراڻي دهشتگردي ۽ طالبان وڌندڙ اثرکان اڳ اسان وٽ جماعت اسلامي ۽ ان جهڙيون کوڙ ساڄي ڌر جون سياسي جماعتون هونديون هيون جن رستي رياست تي قابض اسٽيبلشمينٽ پنهنجي مخالفن تي دٻاءُ وجهندي هئي. اسٽيبلشمينٽ ۽ هن جي سياسي جماعتن جي اها نظرياتي هم آهنگي ون يونٽ ڀيري ته نظر آئي ئي آئي جڏهن هڪ زبان، هڪ قوم ۽ ملڪ جي نعري هيٺ هنن ٻنهي اتحادي قوتن(اسٽيبلشمينٽ ۽ مذهبي سياسي جماعتون) ملڪ جي سيڪيولر ۽ وطن دوست سياسي قوتن جن ۾ بنگالي، بلوچ، پٺاڻ، ۽ سنڌي شامل هئا، کي دين ۽ ملڪ دشمن لئبل ڪرڻ شروع ڪيو. جي ايم سيد، مجيب، باچان خان، صمد خان، ميان افتخار ۽ بزنجو وغيره رڳو اسٽيبلشمينٽ جا نه پرسياسي مذهبي جماعتن جا به غدار هيا. اسٽيبلشمينٽ جي اها پاليسي اڳتي هلي افغان جهاد، ڪشمير جهاد وغيره وغيره جي شڪل ۾ نظر آئي، نائين اليون کانپوءِ اسٽيبلشمينٽ آمريڪا سان ڪهڙي ڪهڙي ڊبل، ٽرپل گيم کيڏي ڏوڪڙ به ڪمايا ته “ مجاهد اثاثا” به بچايا. اڄ ملڪ ۾ هي جيڪو به طالبنائيزيشن، فرقيوار دهشتگردي جو ديو ڏسون ٿا سو ان پاليسي جو لازمي نتيجو آهي. ان ڪري نتيجي جو ليڪو ڪٽڻ بجاءِ سبب ختم ڪريون، سبب تي ڳالهايون.

january-15-2014
مذهبي سياست ۽ مذهبي شدت پسندي ۾ تمام باريڪ لڪير آ. پاڪستان ۾جماعت اسلامي جي شاگرد ونگ جمعيت هٿان کاٻي ڌر توڙي جمهوريت پسند شاگردن جون تعديون ته ڪنهن کان ناهن وسريون نه ئي بنگالين کان البدر ۽ الشمس وسري ٿو ، پر پوءِ جنهن ريت جنرل ضيا اچي مذهبي سياست واري فيڪٽر کي رياست جي پرڏيهي پاليسي جو اهم جز بڻائي ڇڏيو سو ته سدابهار ٿي چڪو آهي. حميد گل ٽائيپ جرنيل اهڙن مجاهدن کي پنهنجو “اثاثو” قرار ڏيندا رهيا آهن جن هٿان نه رڳو افغان ۽ ڀارت بلڪه ملڪ اندر مذهبي اقليتون ۽ شعيه محفوظ ناهن رهيون. اهي ئي مجاهد، جن کي سينگاري اسٽيبلشمينٽ افغانستان ۾ Strategeic Depth ۽ ڪشمير ۾ Bleed India جي پاليسي حدف حاصل ڪرڻ لاءِ موڪليندي رهي آهي سي اتان واندا ٿي هتي اچي پنهنجي عقيدي کان ٻاهر رهندڙن جو رت وهائڻ ۾ لڳي ٿا وڃن. عيسائي، قادياني، شيعه ۽ سائي پٽڪي، ڪو به جيئرو ناهي ڇڏڻو. هاڻ جڏهن ڪو دادلو به هجي ۽ کيس هٿ ۾ ترار به هجي ته پوءِ ڳاٽن جو خير ئي گهري سگهجي ٿو.
“افيئر” جي راءِ اها آهي ته هن ملڪ جو ڀلو گهرندڙ سياسي ۽ سماجي ڌريون هاڻ اسٽيبلشمينٽ سان سڌو ڳالهائن ته اها “مجاهدن” بابت پنهنجي پاليسي پڌري ڪري ته اهي هن ملڪ لاءَ “اثاثا” آهن يا تباهي جو سامان. طالبان ڪي به سٺا يا خراب ناهن. سڀ طالبان هڪ جهڙا ئي آهن. سندن سوچ ۽ نيت صاف ۽ چٽي آهي. بندوق جي زور تي اهي هڪ اهڙو نظام مڙهڻ چاهن ٿا. جنهن جي جهلڪ ملا عمر جي افغانستان ۾ اسان ڏسي چڪا آهيون. اسان جيڪڏهن ان خوشفهمي ۾ آهيون ته هڪڙا طالبان اسان جي ونگار وهندي افغانستان جي ڪارزئي سرڪار جو جيئڻ حرام ڪندا ته ٻيا کانئن بچيل هٿيار ۽ ڏوڪڙ وٺي اسان جو جيئڻ حرام نه ڪندا ته پوءِ اها اسان جي سڀ کان وڏي خوش فهمي هوندي. ڪشمير کي آزاد ڪرائيندڙ مجاهد مقامي مجاهدن سان سنگت نه نڀائيندا ۽ ونگارون نه وهندا ته اها به اسان جي ڀل هوندي. اهي سڀ هڪ آهن. هڪ ئي مرڪز تي جمع ٿين ٿا. سندن ايجنڊا هڪ آهي. طاقت جي زور تي پنهنجي مسلڪ کي رياست تي ٿاڦڻ. رڳو هڪ رياست نه پر روسي انقلاابي ٽراٽسڪي جي مسلسل انقلاب وانگر پوري دنيا تي انقلاب مڙهڻ. هاڻ اهڙن جنونين کي جڏهن هڪ ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ان آسري ۾ ته اهي خارجي ۽ داخلي پاليسين ۾ ونگارون وهندا، ڇيڪ ڇڏيو ويٺي هجي ته پوءِ نتيجا اهڙا ئي نڪراندا جهڙا نڪرن پيا.
خيبرپختون خواهه ۽ پنجاب ۾ مجاهدن جا فصل افغان ۽ ڪشمير جهاد لاءِ پوکيا ويا. بلوچستان ۾ علحدگي جي پکڙيل باهه کي وسائڻ لاءِ فرقيواريت کي هوا ڏني وئي هاڻ سنڌ جي قومي شعور کي چٿڻ لاءِ سنڌ ۾مدرسن جو ڄار ۽ ڪراچي ۾ طالبان شوريٰ قائم ڪيون پيون وڃن. ظاهر آ ته هڪ بربادي سڀ جو مقدر هوندي. ان باهه مان لاهور ۽ فيصل آباد به ڪو نه بچي سگهندا.
ان ڪري اسٽيبلشمينٽ پنهنجي پاليسين ته نئين سر غور ڪري. طئي ڪري ته اها ڪنهن جي پاسي آهي؟ عوام جي ؟ جيڪو مجاهدن جي نشاني تي آهي يا مجاهدن جي؟ جيڪي عوام کي فتح ڪري اتي اهڙو راڄ قائم ڪرڻ چاهن ٿا. جنهن سان تاريخ جو چرخو ابتي رخ وهي. خير تاريخ ته ابتي رخ نه وهي سگهندي. بربادي ۽ تباهي جي آثارن مان جيڪي گل ڦٽيا سي وري گلشن کي آباد ڪندا. پردير بهرحال گهڻي ٿي چڪي هوندي. پر جي تاريخ جو اهو ئي فيصلو آ ته پوءِ گهٽ ۾ گهٽ اسان کي ته ان جي تياري ڪرڻ کپي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو