Home / دنيا / اولهه ورجينيا جي 3 لک آبادي پاڻيءَ لاءِ پريشان!!
above article banner

اولهه ورجينيا جي 3 لک آبادي پاڻيءَ لاءِ پريشان!!

اولهه ورجينيا جي 3 لک انساني آبادي گذريل ٻن ڏينهن کان پيئڻ جي پاڻي توڙي وهنجڻ ۽ ڌوئڻ لاءِ سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ اهو  پهريون ڀيرو آهي جو رياست جي 9 ڪائونٽيز ۾ هن وقت واٽر ايمرجنسي جي صورتحال ڊڪليئر ڪئي وئي آهي، جنهن جو وڏو سبب انساني صحت کي بچائڻ وارو مقصد ٻڌايو پيو وڃي. ميڊيا رپورٽس مطابق رياست اولهه ورجينيا کي گادي واري شهر چارلسٽن ۾ واقع هڪ نديءَ مان پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو پر ٻه ڏينهن اڳ ئي اهو انڪشاف ٿيو ته ان نديءَ ۾ ته فئڪٽرين ۽ ڪارخانن کي فراهم ٿيندڙ ڪيميڪل ليڪ ٿي وڃي ڇوڙ ٿيو آهي. رياستي حڪومت توڙي انتظاميا فوري طور الرٽ ٿي وئي، شهرين کي پاڻي جي استعمال کان روڪيندي وارننگ جاري ڪئي وئي، رياست اولهه ورجينيا توڙي آمريڪي صدر اوباما ايمرجنسي ڊڪليئر ڪندي شهرين کي خبردار ڪيو ته پاڻيءَ جي رپورٽ اچڻ تائين نديءَ مان فراهم ٿيندڙ پاڻي نه واپرايو وڃي نه استعمال ڪيو وڃي،   رپورٽن مطابق ڪول انڊسٽري مان ڪيميڪل جو ڇوڙ ان نديءَ ۾ ٿيو،جتان شهرين کي پاڻيءَ جي فراهمي وارو پلانٽ شروع ٿئي ٿو، چارلسٽن ڪمپني جو ٽئنڪر هتي جي سيمنٽ، ڪول ۽ مائيننگ فئڪٽريز کي ڪيميڪل فراهم ڪندو آهي، هن ڀيري به ان ئي ٽئنڪر مان ڪجهه ڪيميڪل وهي نديءَ ۾ داخل ٿيو. انتظامي عملدارن فوري طور پاڻيءَ جا سيمپل وٺي ليبارٽري چڪاس لاءِ موڪليا آهن. واٽر ڪمپني جي ترجمان چيو آهي ته پاڻي اکين ۽ چمڙيءَ لاءِ نقصانڪار ٿي سگهي ٿو،جمعي واري ڏينهن 737 اهڙن مريضن کي ورجينيا جي پوائزن سينٽر علاج لاءِ آندو ويو، جن بابت خدشو  ظاهر ڪئي پئي ويو  ته اهي ڪيميڪل واري پاڻيءَ جا متاثر آهن.

رياست جي ماحوليات جي تحفظ واري اداري اهو چئي فئڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو آهي ته 5 هزار گيلن ڪيميڪل ليڪ ٿيو آهي،اداري کي ڪيميڪل جي ليڪ ٿيڻ بابت ان وقت خبر پئي، جڏهن کين معلوم ٿيو ته پاڻيءَ ۾ ڪجهه نئون مادو محسوس ٿي رهيو آهي، جنهن بعد لاڳاپيل عملدارن سائيٽ جو دورو ڪيو ۽ اهو پتو لڳايو ته نديءَ وٽ ڪيميڪل جو وڏو مقدر موجود هو. سموري صورتحال جي پيش نظر فريڊم انڊسٽريز جي صدر گيري سائودرن پريس ڪانفرنس ذريعي عوام ۽ اختيارين کان معافي وٺندي چيو آهي ته هو معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن، ايمرجنسي کي منهن ڏيندڙ ادارا ورجينيا جي متاثر ڪائونٽيز ۾ عوام کي پاڻي پهچائڻ واري آپريشن ۾ مصروف آهن.

By :International Media Moniter

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو