Home / اسپيشل افيئر / برگر ڪيڏانهن ويو؟
above article banner

برگر ڪيڏانهن ويو؟

مون ڏاڍي ڪوشش ڪئي ته هن ڏانهن نه ڏسان ليڪن پاڻ کي روڪي نه سگهيس. مون کي خبر هئي ته اها غلط ڳالهه آهي، ليڪن تجسس جي هٿان مجبور هئس. آءُ دبئي جي هڪ ريسٽورنٽ ۾ لنچ ڪرڻ آيو هئس، منهنجي اڳيان اڳين ميز تي هڪ عرب جوڙو ويٺو هو.

مرد هڪ ٽي شرٽ ۽ خاڪي شارٽس پهريل هو، جڏهن ته عورت مٿي کان وٺي پيرن تائين ڪاري عبايا سان ڍڪيل هئي، اهو اهڙي قسم جو عبايا هو جنهن ۾ عورت جون فقط اکيون نظر پئي آيون. منهنجي خيال ۾ ان کي نقاب چون ٿا. ايئن به نه هو ته ڪو مون ڪا نقاب پهريل عورت پهريون ڀيرو ڏٺي هئي، دبئي ۾ اها هڪ عام ڳالهه آهي، خاص طور مالز (Malls) ۾ جتي اهي پرديدار بيبيون پنهنجي مڙسن سان گڏ مهانگن ڊزائنر آئوٽ ليٽس تي خريداري ڪندي نظر اينديون آهن، نه وري مون پهريون اهڙي ڪا عورت ڪنهن ريسٽورينٽ ۾ ڏ|ي هئي. اصل ۾ مون کي هميشه کان تجسس رهيو آهي ته اهڙيون عورتون عام هنڌن تي ڪهڙي ريت کاڌ خوراڪ کائينديون هونديون، اهو ئي خيال ان عورت کي ڏسڻ وقت آيو.

جوڙي ٻه بيف برگر، ٻه گلاس ڪولا جو آرڊر ڏنو. مرد پنهنجو چمڪندڙ موبائل فون هڪ سائيڊ تي رکي ان لذيذ برگر تي ڄڻ ته حملو ڪري ڏنو. عورت ڪولا جو جوس گلا س هورياn هوريان کنيو ۽ پنهنجي نقاب سان اوڍيل منهن جي بلڪل هيٺان کڻي وئي، ان کانپوءِ هن پنهنجي کاڏيءَ تان ٿورو نقاب هٽايو ته جيئن گلاس ۾ موجود اسٽرا سندس وات تائين پهچي سگهي.

اها سموري مشق ڏسڻ ۾ ڏاڍي ڳوري ۽ ٿڪائيندڙ پئي لڳي، خير آءُ ڪير ٿيان ڪجهه چوڻ وارو. اها ان عورت جي پنهنجي مرضي هئي ۽ سندس ساٿي مرد کانئس ڏاڍو خوش نظر اچي رهيو هو. آءُ بار بار ان جوڙي ڏانهن ڏسي رهيو هئس. ڇو ته هاڻي سوال اهو هو ته عورت ٻه بيف ڪباب، کوڙ سارا پنير، ٽماٽر ۽ سلاد تي ٻڌل ان سگهي متاري برگر کي ڪيئن ٺڪاڻي لڳائيندي. پڪ سان هوءَ ان لذيذ برگر مان گرانهه کڻڻ لاءِ منهن تان نقاب ضرور لاهيندي.

jan-31-2015

ليڪن نه جناب، هوءَ حيا جي پتلي نوجوان عرب عورت، پنهنجي غير عرب، غير مهذب ڀينرن وانگر هرگز نه هئي. پنهنجي پاڪدامني کي داو تي لڳائڻ بدران (ان ۾ ڊزائينر بيگ، سون جي گهڙي جهڙين شين جي نمائش شامل نه آهي) هوءَ پنهنجي وات ۽ نڪ مٿان پيل ڪاري نقاب جي اندر برگر کڻي وئي ۽ ……… ڪرنچ!

ان کان اڳيان مون ۾ ڏسڻ جي همت نه هئي. ليڪن مون پنهنجو پاڻ کان اهو سوال ضرور ڪيو ته اهو سڀ ڪجهه نارمل ته نٿو لڳي نه؟

دبئي ۾ هڪ صحافي جي حيثيت سان ڪم ڪندڙ هڪ دوست ٻڌايو ته سعودي عرب ۽ متحده گڏيل عرب امارات ۾ گهڻين عورتن لاءِ اها معمول جي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته: “ هتي اسان جهڙن (غير عرب) ڪم ڪندڙ ڪوشش ڪندا آهن ته ان جو نوٽيس نه وٺن، پوءِ به ان تي ڳالهه ٻولهه ضرورت ڪندا آهن. هو هتي جو رعايت يافته طبقو آهن ۽ اسان فقط “افرادي قوت” آهيون.

شرم حيا ۽ پارسائي جي اهڙن ٻوجهل مظاهرن لاءِ يا ته انتهائي شاهوڪار ۽ رعايت يافته هجڻ ضروري آهي يا وري مڪمل طور پاڳل! 

ليڪن اهو ڪنهن جو فيصلو آهي؟ ڇا عرب عورتون پنهنجي مرضي سان اهڙي ريت پبلڪ ۾ پنهنجي عبايا ۽ نقاب پويان کائينديون پيئنديون آهن يا سندن مرد کين ايئن ڪرڻ لاءِ چوندا آهن؟

ان حوالي سان ٻه ٿيوريون آهن. انهن مان سڀ کان مقبول جيڪا مون کي ٻڌڻ لاءِ ملي، اُها اِها هئي ته اهو سڀ ڪجهه امير گهراڻن جون عورتون پنهنجي مڙسن کي خوش رکڻ لاءِ ڪنديون آهن جيڪي مٿن تمام گهڻا ڏوڪڙ خرچ ڪندا آهن. يعني چوڻ جو مطلب اهو آهي ته اهي مرد پنهنجي عورتن تي ان لاءِ خرچ ڪندا آهن ته جيئن اهي پنهنجي عورتاڻي حيا جي سندن تصور کي سگهه بخشين. ٻي ٿيوري ڪنهن حد تائين قبوليت جوڳي آهي. تمام گهڻن عرب ۽ غير عرب ليکڪائن مسلم دنيا جي اشرافيه ۽ مڊل ڪلاس وچ ۾ حجاب، عبايا ۽ نقاب جهڙين شين جي وڌندڙ لاڙي جي حوالي سان گهڻو ڪجهه لکيو آهي. انهن انهي لاڙي ۾ واڌ جو ڪارڻ انهن قديم ريتن رسمن کي قرار ڏنو آهي جنهن ۾ مسلمان عالمن (نبي ڪريم جي وصال کانپوءِ) اهڙا قائدا قانون ۽ اصول رائج ڪيا جيڪي هڪ قبائلي مرد جي نقطئه نظر کي آڏو رکي ٺاهيا ويا هئا.

انهن ليکڪائن جو چوڻ آهي ته حقيقت ۾ اسلام ۽ ان جي پيغمبر عورتن کي آزادي ڏياري هئي ۽ قبائلي سماج ۾ سندن رتبو مٿاهون ڪيو هو ليڪن نبي ڪريم جي وصال کانپوءِ عالمن (جيڪي سڀ جو سڀ مرد هئا) قرآن ۽ اسلام کان اڳ وارين قبائلي ريتن رسمن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيو.

Picture2

انهن مسلمان ليکڪائن جوخيال آهي ته جيڪڏهن عورتن کي چونڊ جو حق ڏنو وڃي ته اهي اهڙين اڪثر ريتن رسمن کي رد ڪري ڇڏينديون جيڪي مٿن مڙهيون ويون آهن. سندن چواڻي اڪثريتي مسلم سماجن ۾ عورتون، مردن جي اخلاقي تصور خلاف بغاوت ڪنديون آيون آهن. اهڙيون بغاوتون هاڻي هوريان هوريان سعودي عرب ۾ به زور وٺي رهيون آهن. جتي عورتون احتجاج طور ڪار ڊرائيو ڪري قانون ٽوڙي رهيون آهن. جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ايئن هلندو رهيو ته پوءِ اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن اهي عورتون، قدامت پرست عرب عورتن تائين، اهڙين ريتن رسمن خلاف آوازا اٿارينديون، جيڪي نه ته انهن ٺاهيون آهن، نه وري انهن جو تعلق ڪنهن خاص اسلامي حڪم سان آهي.

مون پنهنجي دوست کان پڇيو ته عرب ملڪن ۾ موجود امير ۽ مڊل ڪلاس پاڪستاني عورتون جن عربن جون قدامت پسند ريتون رسمون اختيار ڪري ورتيون آهن. ڇا اهي به نقاب جي پٺيان کاڌ خوراڪ کائينديون نظر اچن ٿيون؟ ڇو ته مون کي هينئر تائين پاڪستان ۾ ته اهڙيون عورتون نظر نه آيون آهن. هن ٻڌايو ته اهو سچ آهي ته تيل سان مالا مال عرب ملڪن ۾ رهندڙ ڪيتريون ئي پاڪستاني عورتن پنهنجي ڏکڻ ايشيائي تهذيب کي عربي ٻهروپ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهن، ليڪن هن به ڪنهن پاڪستاني عورت کي نقاب پويان برگر کائيندي نه ڏٺو آهي. ٿورو تصور ڪريو پاڪستان ۾ ورڪنگ ڪلاس يا مڊل ڪلاس عورت ايئن ڪندي ڪيئن لڳندي ؟ هن کي پنهنجي شرافت جو ماسڪ وري وري ڌوئڻو پوندو؟ جيڪڏهن هو گهٽ کائڻ سبب نه مري سگهي ته پوءِ پڪ سان ڊٽرجنٽ يا لانڊري جي خرچ سبب ضرور مري ويندي

DAWN MAG©

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو