Home / ڪور افيئر / بلاول جي ثقافتي ايمرجنسي سنڌ فيسٽيول: کيل ختم، پئسا هضم!
above article banner

بلاول جي ثقافتي ايمرجنسي سنڌ فيسٽيول: کيل ختم، پئسا هضم!

پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري “ثقافتي ايمرجنسي” نافذ ڪندي سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جي منطق نهايت عجيب ۽ غريب آهي. مثال طور سرڪاري طور تي جاري اشتهار ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سان پيار ڪيو ۽ پنهنجي ثقافت تي ناز ڪيو؟ سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان لکنوي ثقافت واري شيرواني پهريل بلاول ڀٽو زرداري اردو ۽ انگريزي ۾ ڪندي سنڌ امڙ سان وابسته هڪ تاريخي اعلان کي ٽوڙي “ مرويسون مرويسون پاڪستان نه ڏيسون” سان ڪيو. سنڌ ثقافت کاتي کي ان سنڌ فيسٽيول ڪرائڻ لاءِ ذميوار بڻايو ويو آهي. کاتي جي وزير سنڌ جي وزير اعليٰ جي خاص معاون شرميلا فاروقي آهي جڏهن ته سندس مڙس وري بلاول ڀٽو زرداري جو ميڊيا ترجمان آهي. سنڌ فيسٽيول تي نظر وجهڻ کان پهرين سنڌ جي ثقافت کاتي جي اندرين معاملن تي نظر وجهڻ سان خبر پوي ٿي ته سنڌ گورنمينٽ رولز آف بزنس جي حوالي سان وزيراعليٰ سنڌ جي ڪنهن به خاص معاون کي ڪنهن به کاتي جو وزير نٿو بڻائي سگهجي. ان قانون جي ڙ شرميلا فاروقي کي غير قانوني طرح کاتي جي وزير مقرر ڪيو ويو آهي. نيب عدالت ڪراچي 4 جي 2001ع جي هڪ فيصلي جي مطابق شرميلا فاروقي، ان جو والد عثمان فاروقي ۽ والده انيسه فاروقي 2021ع تائين ڪنهن به عوامي عهدي لاءِ نا اهل آهن. مٿن غير قانوني ملڪيتن گڏ ڪرڻ ۽ ڪرپشن جي ڪيس ۾ نيب سان پلي بار گين ڪرڻ کانپوءِ مذڪوره پابندي لڳائي ويئي هئي.

Picture2

ٻئي طرف جڏهن پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ فيسٽيول ملهائڻ لاءِ پلاننگ ڪري رهي هئي ۽ ان ڏس ۾ سنڌ جي ثقافت کاتي کي ذميواري ڏني وئي پئي ته کاتي جي سيڪريٽري سعيد اعوڻ کي چيو ويو ته هو هڪ سمري سنڌ جي وڏي وزير کي موڪلي جنهن ۾ ثقافت کاتي جا ترقياتي فنڊن جا 25 ڪروڙ روپيه سنڌ فيسٽيول لاءِ منتقل ڪرڻ لاءِ لکيو وڃي. سيڪريٽري سعيد اعواڻ سمري موڪلڻ بجاءِ کاتي جي چارج ڇڏي ڏني. جنهن کانپوءِ انعام الله ڌاريجي کي کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. انعام الله ڌاريجي کي به مذڪوره سمري موڪلڻ جو چيو ويو پر ان به سمري موڪلڻ بجاءِ چارج ڇڏڻ کي بهتر سمجهيو. جنهن کانپوءِ پيپلز پارٽي اڳواڻن جي منظور نظر ثاقب سومرو جنهن وٽ اڳ ۾ ئي هڪ انتهائي اهم کاتي لينڊ يوٽيلائيزيشن جي به چارج آهي. کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. هن اچڻ سان ئي سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي سمري موڪلي جنهن (قائم علي شاهه) نه صرف ثقافت کاتي جي ترقياتي اسڪيمن جا 25 ڪروڙ سنڌ فيسٽيول کي ڏنا بلڪه 20 ڪروڙ وڌيڪ آئوٽ آف بجيٽ پئسا به ڏنا. ثقافت کاتي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ فيسٽيول جي پروگرام مان پئسه ڪمائڻ لاءِ سياستدان ۽ آفيسر شاهي جي ڪرپٽ مافيه سرگرم آهي ۽ ان مافيه جون نظرون يونيسڪو ۽ يو ايس ايڊ جي تقريبن 2 ارب روپين جي رقم طرف آهن جيڪا سنڌ جي ثقافتي ورثي کي بچائڻ لاءِ کاتي کي ملي چڪا آهن

ممي ڊيڊي ڪلاس جي لاءِ ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ناچ گاني جون رکيل محفلون سنڌ جي ثقافت کي ڪيترو تحفظ ڏينديون ان جو فيصلو پڙهندڙن تي ڇڏجي ٿو. ان کان سواءِ سنڌ بينڪ هڪ انعامي اسڪيم به سنڌ فيسٽيول لاءِ جاري ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته ڊسمبر مهيني جي آخر ۾ سنڌ فيسٽيول جو اعلان ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته مذڪوره سنڌ فيسٽيول لاءِ هڪ روپيو به سرڪاري خزاني مان خرچ نه ڪيو ويندو. سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو يقينن ڪو به سنڌ جو ماڻهو مخالف نه هوندو پر سنڌ جا ترقياتي فنڊ هڪ نمائشي پروگرام تي خرچ ڪرڻ يقينن هڪ سواليه نشان آهي. سنڌ جا 50 سيڪڙو کان وڌيڪ غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهو حڪمرانن کان هڪ سوال ڪن ٿا ته امن امان، صحت ۽ تعليم جهڙن بنيادي مسئلن کي حل نه ڪري سگهندڙ اختيارين کي اهو حق آهي ته هو سنڌ فيسٽيول جهڙا پروگرام ڪن. هيپٽائيٽس بي ۽ سي ۾ ورتل سنڌ جا ماڻهو حيران ۽ پريشان آهن ته سنڌ جي سموري سوسائٽي کي ڪرپشن ۽ شارٽ ڪٽ وسيلي سان دولتمند ٿيڻ جهڙي ٽرينڊ ڏانهن ڌڪيندڙ حڪمرانن کي اهڙا ڪم جڳائين ٿا؟

سنڌ جا حڪمران اڳئين ۽ هن دور ۾ ڪرپشن، نااهلي ۽ بدانتظامي جا رڪارڊ قائم ڪندي هاڻي نالي ۾ نهال قومپرستي جي دڳ تي آهن. سنڌ کي بجاءِ سٺا روڊ رستا ڏئي، بند پيل هزارين اسڪول کولرائڻ، سنڌ جي عوام کي صحت جون بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي جذباتي ۽ سکڻا نعرا ڏيڻ جي روش اختيار ڪئي وئي آهي. ڪرپشن جي ورچڙهيل سنڌ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي مذاق ٿي سگهي ٿي ته اينٽي ڪرپشن کاتي جو وزير منظور وساڻ هجي. سنڌ جي حڪمرانن کي سوچڻ کپي ته پنجاب حڪومت سنڌ جي تعليمي بورڊن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردن ۽ انهن جي ماڻهن کي سرڪاري خرچ تي لاهور گهرائي هڪ وڏي پروگرام ۾ عزت ڏيئي انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو پر سنڌ جي حڪمرانن ته سنڌ مان پوزيشنون حاصل ڪندڙن کي پڇيو به نه، بلاول زرداري کي جيڪڏهن سنڌ جي عوام سان ٿوري به همدردي آهي ته هو جذباتي ۽ سکڻي نعريبازي بدران سنڌ حڪومت جي سمورن کاتن مان ڪرپشن ختم ڪرڻ، تعليمي سڌارن ۽ سنڌ جي عوام کي صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي جو اعلان ڪري ها ته گهڻو بهتر هجي ها. بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي کان وٺي سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ايمرجنسي جو اعلان ڪرڻ گهرجي ها. بلاول کي مسڪين ماڻهن جي قتلن ۾ ملوث ڄاڻايل اسلم چوڌري جي گهر وڃي تعزيت ڪرڻ کان پهرين ڪراچي شهر جي اندر سندن اڳوڻن اتحادين هٿان مارجي ويل 300 کان وڌيڪ جيالن جي گهر وڃي تعزيت ڪرڻ کپي ها. چوڌري اسلم کي شهيد قرار ڏيڻ جو بلاول جي اعلان خبر ناهي ته گذريل سال جي چوڌري اسلم جي لياري آپريشن دوران مارجي ويل لياري واسين جي وارثن جي دلين تي ڪهڙا زخم ڇڏيا هوندا. اها لياري جنهن هر دور ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ۽ رت کان وٺي پنهنجو تن من ڌن ۽ محبتون ڏنيون.

سنڌ فيسٽيول ملهائڻ جو اعلان ڪرڻ واري حڪمران اشرافيه کان سنڌ اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهي ته سنڌ مان ڪرپشن خلاف ڪڏهن ايمرجنسي جي نفاذ جو اعلان ٿيندو. سنڌ کي صحيح معنيٰ ۾ گڊ گورننس، تعليم ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڪڏهن ۽ ڪهڙي دور ۾ ايمرجنسي جو اعلان ٿيندو. سنڌ ۾ ميرٽ جي لتاڙ بند ڪندي نوڪريون پئسن ۽ سفارش عيوض نه ڏيڻ جو اعلان ڪهڙو اڳواڻ ڪندو. ويراني بربادي، تعليم جي تباهي، ڪرپشن، ۽ بدانتظامي جي ور چڙهيل سنڌ جي هن ماحول ۾ سنڌ فيسٽيول جو اعلان ايئن ئي آهي جيئن ڪجهه سالاڳ ميڊيا ئي لارڊز سنڌي ماڻهن کي بيوقوف بڻائڻ لاءِ ثقافت ڏهاڙو ملهائڻ جو اعلان ڪيو هئو.

ليکڪ انگريزي اخبار “دي نيوز” جو رپورٽر آهي ۽ هي ليک خاص طور تي افيئر لاءِ لکيائين

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو