Home / بلوچستان / بلوچستان فرقيوار دهشتگردي!
above article banner

بلوچستان فرقيوار دهشتگردي!

ارشاد مستوئي

 

بلوچستان ۾ آئين ۽ قانون کان ماورا گرفتارين، گمشدگين ۽ ڌماڪن، فورسز تي حملن جي واقعن سان گڏوگڏ فرقيوار دهشتگردي جا واقعا به مسلسل جاري آهن. فرقيوار دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي حوالي سان پر عزم سياسي ۽ جمهوري سرڪار به بلڪل بي وس نظر اچي رهي آهي. 21 جنوري جي شام جو بلوچستان جي ضلعي مستونگ ويجهو درين ڳڙهه وٽ ايران کان ڪوئيٽا ايندڙ زائرين جي بس کي نشانو بڻايو ويو. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن موجب ڪارروائي دوران هڪ سو ڪلو ڌماڪيدار مادو استعمال ڪيو ويو، جنهن ۾ 23 انساني جانيون موت جو کاڄ بڻجي ويون جڏهن ته 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو زخمي ٿيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل هئا.

ڪوئيٽا تافتان قومي شاهراه تي مستونگ جي علائقي ۾ ايران مان زيارتين لاءِ ڪوئيٽا مان ايندڙ يا ايران مان واپس موٽندڙ زيارتين تي ڪيترائي ڀيرا حملا ٿي چڪا آهن. حملن کانپوءِ اهڙين بسن کي ليويز ۽ ايف سي جي گاڏي سان گڏ قافلي جي صورت ۾ ايراني سرحد تائين ۽ واپس آندو وڃي ٿو. 21 جنوري تي به قانو لاڳو ڪندڙ ادارن جي نگراني ۾ زيارتين کي ڪوئيٽا آندو پئي ويو. اسسٽنٽ ڪمشنر مستونگ شفقت انور شاهواڻي مطابق شيعا زيارتين جون ٻه بسون ايران مان واپس چي رهيون هيون درين ڳڙهه جي علائقي ۾ رستي تي ڌماڪو ٿيو ۽ هڪ بس ان جي زد ۾ اچي وئي ۽ بس ۾ باهه لڳي وئي. عورتن ۽ ٻارن سميت 20 کان وڌيڪ ماڻهو موت جو کاڄ ٿيا. واقعي جي خلاف شيعا تنظيمن طرفان جتي ٽن ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو ويو، اتي هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي واقعي جي مذمت ڪندي ان انسانيت سوز واقعي خلاف شٽر ڊائون هڙتال جي اپيل ڪئي وئي ۽ 22 جنوري تي صوبائي راڄڌاني ۾ فضا سوڳوار رهي. ڪاروباري مرڪز ۽ دڪانن مڪمل طور بند رهيا. هزاره ڊيموڪريٽڪ پارٽي جي ڪارڪنن مختلف هنڌن تي احتجاجي مظاهرا ڪري ٽائر ساڙي دهشتگردي، انتهاپسندي ۽ مذهبي جنونيت خلاف پنهنجي ڀرپور نفرت جو اظهار ڪيو. گورنر ۽ وزيراعليٰ طرفان پڻ ان انسانيت دشمن واقعن جي مذمت ڪئي وئي.

ٻئي طرف مذهبي جماعت مجلس وحدت المسلمين طرفان اعلان ڪيو ويو هو ته جيستائين وفاقي حڪومت ساڻن ڳالهيون نه ڪندي ۽ مطالبا تسليم نه ڪيا ويندا تيستائين لاشن سميت ڌرڻو جاري رهندو. ايئن پوءِ بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ڌماڪي ۾ مارجي ويندڙ شيعا زيارتين جي عزيزن طرفان ڪوئيٽا جي علمدار روڊ تي لاشن سميت ڌرڻو ٻه ڏينهن جاري رهيو. جيڪو بعد ۾ وفاقي حڪومت جي نمائندن جي ڪوئيٽا پهچڻ، وڏي وزير عبدالمالڪ بلوچ ۽ چيف سيڪريٽري بلوچستان جي موجودگي ۾ ڳالهين کانپوءِ اهو ڌرڻو ختم ڪيو ويو ۽ مڙهه اڳئين ڏينهن دفن ڪيا ويا.

ڌرڻن دوران شيعا اڳواڻن جو چوڻ هو ته سڄي ملڪ ۾ هلندڙ دهشتگردي ان ڳالهه جو واضح مظهر آهي ته ملڪ ۾ نواز شريف جي نه پر طالبان جي حڪومت آهي. مستونگ واقعي جون ذميوار اهي سڀ سياسي ۽ مذهبي ڌريون آهن جيڪي هزارين بي گناهه ماڻهن جي قتل ۾ ملوث طالبان سان ڳالهين جي حمايت ڪري سندن غلط ۽ ڪڌن ڪمن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون. واضح رهي ته شيعا زائرين جي بس تي حملي جي ذميواري پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر جهنگوي قبول ڪري ورتي آهي. هي هلندڙ مهيني بلوچستان ۾ ايران کان ايندڙ بسن تي حملي جو ٻيو واقعو آهي. هن کان اڳ پهرين جنوري تي ڪوئيٽا شهر جي اولهائين باءِ پاس تي اختر آباد جي علائقي ۾ اهڙي ئي هڪ بس تي آپگهاتي حملو ٿيو هو جنهن ۾ حملو ڪندڙ سميت ٻه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ پوليس اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا هئا. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته 21 جنور تي ڪوئيٽا جي علائقي سرياب ۾ موجود قلات اسٽريٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن گڏيل ڪارروائي دوران ٽن ڌاڙيلن کي مارڻ جي دعويٰ ڪندي چيو هو ته انهن ڪجهه عرصو اڳ اغوا ڪيل هندو واپاري کي پڻ آزاد ڪرائي ورتو آهي.

22 جنوري تي جتي ڪوئيٽا ۾ ماحول سوڳوار هو، اتي ضلعي مستونگ ۾ هڪ ٻئي واقعي پڻ وڌيڪ سوڳوار ڪري ڇڏيو جڏهن مستونگ ۾ ايران جي رستي پاڪستان ايندڙ اسپين جي سائيڪل سوار سياح تي حملي ۾ سندس حفاظت لاءِ مقرر ڇهه ليويز اهلڪار موت جو کاڄ ٿي ويا. مستونگ ضلعي انتظاميه موجب علائقي ڪوشاڪ ۾ ويجهي ٽڪري تان حملو ڪيو ويو، غير ملڪي سياح جي حفاظت لاءِ 10 ليويز اهلڪار مقرر هئا. سندن جوابي ڪارروائي ۾ هڪ حملو ڪندڙ به مارجي ويو. جڏهن ته چار اهلڪار زخمي پڻ ٿيا. ان کانسواءِ اسپيني سياح به زخمي ٿيو. سياح ۽ زخمي ليويز اهلڪارن کي ڪوئيٽا منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف دهشتگردي جي واقعن ۾ انسانين جانين جي ضايغ ٿيڻ جي خبر کانپوءِ وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ پنهنجي اتحادين سان گڏ اسلام آباد جون سڀ مصروفيتون ڇڏي ڪوئيٽا پهتو. ڪمبائنڊ ملٽري اسپتال ۾ زخمين جي عيادت ڪئي. ان موقعي تي وزير اعليٰ ميڊيا سان ڳالهائيندي بلوچستان ۾ غير ملڪي شدت پسندن جي موجودگي جو پڻ اعتراف ڪيو ۽ چيو ته مستونگ واقعي جي متاثرن سان غم ۾ شريڪ آهي ۽ زائرين جي تحفظ لاءِ وفاقي حڪومت کي مختلف تجويزون ڏنيون ويون آهن جن ۾ ڪراچي کان ڇابار تائين فيري سروس شروع ڪرڻ ۽ ڪوئيٽا کان مشهد تائين رعايتي اگهن تي فضائي سروس به شامل آهن. هڪ صحافي جي سوال جي جواب ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ اعتراف ڪيو ته اسپيني سياح تي حملي جي ڪوشش ڪندڙ شخص شڪل مان ازبڪ لڳي ٿو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته قبائلي علائقن کانپوءِ غير ملڪي انتهاپسند بلوچستان ۾ اچي چڪا آهن. هن وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت امن امان بحال ڪرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون وٺي رهي آهي. مستونگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف پڻ ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. اهو به نه وسارڻ کپي ته وزيراعليٰ بلوچستان ڊاڪٽر مالڪ بلوچ بلوچستان خاص طور ڪوئيٽا ۾ وڌندڙ فرقيوار دهشتگردي جي خاتمي لاءِ شريف ڀائرن کان پڻ مدد گهري ورتي آهي. بلڪه سمورين سياسي، جمهوري، قوتون، سول سوسائٽي ۽ مذهبي ڌرين کي به ڪيترائي ڀيرا اپيل ڪئي. آهي ته بلوچستان مان فرقيواريت جي پاڙ پٽڻ ۽ صوبي کي امن جو گهر بڻائڻ ۾ پنهنجو اثرائٽو عملي ڪردار ادا ڪندي اڳتي اچن ۽ حڪومت جو ساٿ ڏين. ڇو ته هاڻوڪي حڪومت ۽ بلوچستان جون سياسي ۽ جمهوري قيادت ان ڳالهه تي متفق آهن ته بلوچستان جو سماج سيڪيولر آهي جنهن ۾ تنگ نظري، تعصب پسندي ۽ مذهبي نفرت جي ڪا گنجائش نه آهي. هڪ سوچيل سمجهيل سازش هيٺ بلوچستان جي سيڪيولر چهري کي مسخ ڪيو پيو وڃي، حالانڪه هي ڌرتي امن ۽ محبت جي ڌرتي آهي.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته صوبي ۾ امن ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ لاءِ حڪومت عالمن ۽ ديني جماعتن کي هڪ هنڌ ويهارڻ جو ڪو جوڳو بندوبست ڪري، جنهن سان پڻ مذهبي انهاپسندي ۽ دهشتگردي کي روڪڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي.

ٻئي طرف حڪومتي سطح تي اها ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ڪوئيٽا ۾ فرقيوار دهشتگردي جو رستو روڪڻ لاءِ ان جي سببن جو پتو لڳايو وڃي، جنهن جي ڪري اها باهه ڀڙڪي پئي آهي. اهو به نه وسارڻ کپي ته بلوچستان ۾ شيعه، سني ديوبندي، بريلوي توڙي ٻين مڪتبن فڪر جي ماڻهن وچ ۾ ڪا به نفرت ۽ اختلاف نه آهي. ڪوئيٽا ۾ امن قائم ڪرڻ خاطر شهر کي هٿيارن کان پاڪ ڪرڻ، امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ٺوس قدم کڻڻ لاءِ پڻ سنجيدگي سان ويچاريو پيو وڃي. جيڪو نه صرف خوش آئند آهي بلڪه وقت جي اهم ضرورت پڻ آهي. هاڻوڪي سياسي ۽ جمهوري حڪومت سان عوام جون تمام گهڻيون اميدون وابسته آهن. بلوچستان ۾ سياسي سوچ ۽ فڪر جي سلامتي، تنگ نظر، تشدد پسندي واري سوچ جو رستو روڪڻ لاءِ جيڪڏهن سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي عملي قدم نه کنيا ويا ته ان جا انتهائي خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا پوءِ اسان کي ايندڙ نسل ڪڏهن به معاف نه ڪندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو