Home / ڪور افيئر / تهذيب بچائڻ جي نالي ۾ موهن جي دڙي سان کيڏاڙ
above article banner

تهذيب بچائڻ جي نالي ۾ موهن جي دڙي سان کيڏاڙ

wسنڌ فيسٽيول 2014 جي پهرين فيبروري تي سنڌو ماٿري جي قديم شهر مهين جو دڙو جي آثارن جي اهم حصي جي تباهي کان ye جنهن کان پوءِ 2 فيبروري تي بن قاسم باغ ڪراچي ۾ فيسٽيول ٿيو. ساڳي ڏينهن تي حيدرآباد ۾ گهوڙن ۽ ڏاندن جي گوءِ مان خاص انسان لطف اندوز ٿيا. 3 فيبروري تي ڪراچي ۾ وڏو مشاعرو منعقد ڪيو ويو. 4 فيبروري تي ڊي ايڇ اي فيز VIII ۾ گڏهن جي ڪارڪردگي مان خاص انسان لطف اندوز ٿيا. 6 فيبروري تي مبارڪ ڳوٺ ويجهو سمنڊ جي گهرائي ۾ مڇيءَ جو شڪار رٿيو ويو. 8 ۽ 9 فيبروري تي سمنڊ جي ڪناري لغڙبازي شيڊيول ۾شامل آهي.11 ۽ 12 فيبروري تي TBD ۾ بين الاقوامي فلم فيسٽيول ملهايو ويندو. 11 ۽ 12 فيبروري تيNAPA ۾ فيشن فيسٽيول ملهايو ويندو. 13 فيبروري تي معين خان اڪيڊمي ۾ ڪرڪٽ ٽورنامينٽ رکي وئي آهي. 14 فيبروري تي معين خان اڪيڊمي ۾ غزل رات ملهائي ويندي ۽ فيسٽيول جي آخري رات 15 فيبروري تي ڪينجهر جي ڪناري ميوزڪ پروگرام ڪيو ويندو. اهو فيسٽيول ڪيترو سنڌ فيسٽيول آهي اها ڳالهه ته پري آهي پر ان سان سنڌ، تاريخ، تهذيب، تمدن ۽ روايتن جو نقصان ٿيندو گهڻو ٿو نظر اچي.

سنڌ فيسٽيول تي 450 ملين جو خرچ اچي رهيو آهي جنهن منجهان ذريعا ٻڌائن ٿا ته 20 ملين ڊولپمنٽ فنڊ مان ڪڍبا ۽ 25 ملين ايندڙ بجيٽ مان ڪٽوتي ڪئي ويندي پر ان سلسلي ۾ سياسي هرڪارا گهمائي ڦيرائي ٻڌائن ٿا ته 150 ملين روپيا حڪومت ٿي ڀري يا وري جيئن شرميلا فاروقي ان سلسلي ۾ بيان ڏنو آهي ته 250 ملين روپيا ڪلچر ڊپارٽمنٽ ڏئي رهيو آهي. سنڌ فيسٽيول اسڪيم جي پروجيڪٽ مينيجر فخرِعالم چيو آهي ته حڪومت رڳو 150 ملين ڏئي رهي آهي باقي پيسا حڪومت اسپانسرز کان خرچ ڪرائيندي. ايڊيشنل چيف سيڪريٽري پلاننگ ۽ ڊولپمنٽ سنڌ عارف احمد خان جيڪو ڊولپمنٽ اسڪيمن جو انچارج آهي ان به سنڌ فيسٽيول ۾ ايتري ڳري رقم استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. ٻڌو ويو آهي ته ان ان سلسلي ۾ حڪومت يونيسڪو ۽ ٻين بين الاقوامي ادارن ڏانهن به پنهنجا نمائندا موڪليا آهن.

سنڌ فيسٽيول ۽ ناني ويڙهو

ٻن هفتن وارو هي فيسٽيول منعقد ڪرائڻ جو سهرو پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيف پيٽرن بلاول زرداري مٿان آهي جڏهن ته انچارج شرميلا فاروقي کي ڪيو ويو آهي. فلم فيسٽيول جو انچارج ڊائريڪٽر اسد ذوالفقار خان ۽ فيشن فيسٽيول جو انچارج سلمان تاثير جي پٽ شهريار تاثير کي ڪيو ويو. ان فيسٽيول کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ سيڪريٽري ڪلچر کي هٽائي حڪومتي ڌرين پنهنجي منظورِ نظر ڪاموري کي ڪلچر جو سيڪريٽري مقرر ڪيو آهي. هن سموري ناٽڪ ۾ ڪو به ايماندار آفيسر سامهون نظر ڪونه ٿو اچي ۽ بيشمار سنڌ دوست ڪامورن ان فيسٽيول تي اعتراض واريندي پٺيرو ٿيڻ بهتر سمجهيو. سنڌ حڪومت ڪلچر ڊيپارٽمنٽ جي ٻن سيڪريٽرين سعيد احمد اعواڻ، انعام الله ڌاريجو ۽ کوڙ ٻين ان فيسٽيول ڊرامي جو حصو بڻجڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

m

مهين جو دڙو جي تهذيب کي بچائڻ جي ڪوشش اهڙي ريت ڪئي وئي جو مهين جو دڙو جي آثارن ۾ داخلا واري علائقي ۾ ان قديم شهر جي آثارن واري اهم ترين سائيٽ ايس ڊي ايريا جي منڍ ۾ پهرين فيبروري جي هڪ رات واري پروگرام لاءِ هڪ وسيع اسٽيج ٺاهڻ جون تياريون فيسٽيول کان هڪ هفتو اڳ کان ٿي رهيون هيون. ايس ڊي ايريا مسٽر احمد دين صديقي جي نالي سان منسوب آهي جنهن جي ان صاحب کوٽائي ڪرائي هئي. هي حصو مهين جو دڙو جي مشهور ترين سائيٽ آهي جنهن ۾ ٻڌ جو اسٽوپا، پادرين جو ڪاليج، وڏو حوض، ٿنڀن واري هال واري عمارت، واچ ٽاور، آني جهڙي کوهه جهڙيون مکيه اڏاتون به شامل آهن ۽ انهن عمارتن جي ڪجهه فوٽن جي فاصلي تي مهمانن لاءِ اسٽيج تيار ڪيو ويو هو. 

پنج هزار سال پراڻي شهر مهين جو دڙو جا هي اهي آثار آهن جن کي پاڪستان جي قانون مطابق ڇهن، انهن تي چڙهڻ، انهن کي ڪنهن به صورت ۾ خراب ڪرڻ، انهن کي ڇيهو رسائڻ ۽ ايتري تائين جو هٿ لائڻ لاءِ به سخت سزائون مقرر آهن. انهن قيمتي آثارن جي جهريل، ۽ ڍريل جسم جي مٿان هڪ وشال اسٽيج تيار ڪرڻ لاءِ هڪ هفتي تائين ڏهه ويهه مزدور ۽ ٻيا کوڙ سارا نگراني ڪندڙ انهن کي لتاڙيندا رهيا. انهن آثارن ۾ وڏا وڏا لوهه ۽ ڪاٺ جا ڪلا هڻندا رهيا. انهن تي سوين مڻن جو ڳرو سامان رکي اسٽيج ٺاهي وئي. انهن آثارن کي ڌڪ، مترڪا هڻندا، مارتول، برما، لٺيون، باٺا هڻندا رهيا. افسوس آهي جو اهو سمورو غيرقانوني وايومنڊل انهن ماڻهن جي حڪمن تحت، اهڙن ڪامورن ۽ منتظمن جي نگراني ۾ ٿي رهيو هو جن کان اسان پنهنجي ثقافتي، تاريخي ۽ تهذيبي ورثن جي بچاءَ جي اميد رکون ٿا.

مهين جو دڙو کي دنيا جي ساڃاهه وند ادارن پوري انسانيت لاءِ تاريخي ورثو قرار ڏنو آهي ڇوته هي انساني تاريخ ۽ تهذيب جي پسمنظر ۾ ترقي متعلق قديم ترين دنيائن جو مڃيل بين الاقوامي ماڳ آهي جيڪو سنڌو ماٿري جي دل ۾ واقع ۽ سنڌو درياهه جي اڀرندي ڪناري تي آباد آهي. لاڙڪاڻي شهر کان 28 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي. اسان سموري دنيا ۾ ٻاڪاريندا رهندا آهيون ته اسان جي تاريخي ۽ قومي ورثي کي بچائڻ لاءِ سهڪاري ٿيو. هي پڻ سچ آهي ته هن وقت مهين جو دڙو کي بچائڻ واسطي وڌ ۾ وڌ ڪوششون ٻاهريان ملڪ ۽ ادارا ئي ڪري رهيا آهن ۽ اسان جا اربابِ اختيار انهن جي ڏنل پيسن مان تاريخي ورثن کي بچائڻ بجاءِ پنهنجي ذات تي ئي خرچ ڪري ڇڏيندا آهن. 

بلاول زرداري پنهنجي 21 جنوري 2014ع واري تقرير ۾ چيو هيو ته “سنڌ فيسٽيول دهشتگردي جي اونداهي ۾ اميد جو ڪرڻو ثابت ٿيندو. اهو ظلم خلاف وڏو هٿيار ثابت ٿيندو. جيڪڏهن اسان جيئدان چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي سختي سان پنهنجي پاڙن تي ڀاڙڻو پوندو نه ته دهشت گردي اسان جو تشخص کسي وٺندي”. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته سنڌو ماٿري سان ٿيندڙ هي فيسٽيول جي نالي تي ٿيندڙ کيڏاڙ پٺين پنج هزارن پراڻي دور کان وٺي هن وقت تائين ٿيندڙ وڏي ۾ وڏي کيڏاڙ آهي. سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب کي بچائڻ جي نالي تي سنڌ جي تاريخ سان ٿيندڙ کيڏاڙ تي سنڌي عوام جي خون ۽ پگهر جي ڪمائي جا 450 ملين روپيا شير شاهه جا شڪرا پنهنجي شڪاري ۽ تفريحي روين جي ور چاڙهي رهيا آهن. 

سڄي دنيا ۾ اڌ کان وڌيڪ تهذيبي ورثا قديم آثارن ۽ پراڻن عمارتن جي صورت ۾ موجود آهن. مهذب قومون پنهنجي اهڙن ورثن متعلق گهڻيون خبردار ڏٺيون وڃن ٿيون جڏهن ته اسان ان ڏس ۾ ٻين انساني نسلن جي ڀيٽ ۾ تمام گهڻا غيرذميدار آهيون. شايد اسان جي اندر سماجي روشن ضميري جو احساس اڃا پوري طرح سان پروان چڙهي ڪونه سگهيوآهي جيڪو اسان کي تهذيبي ورثن ڏانهن جاڳرتا جاڳائي انهن کي نقصان رسائڻ وارن عنصرن کان بچائڻ جي ڪا راه رسائي. مهين جودڙو انسانذات لاءِ قومي ورثي جي حيثيت رکي ٿو جنهن کي بچائڻ جا ذميدار به سمورا انسان آهن چاهي اهي ڌرتي مٿان ڪٿي به رهن ٿا. 

بيشڪ اسان بين الاقوامي منڊلي ۾ ننڍڙا ماڻهو سمجهيا وينداسين جيڪڏهن اسان پنهنجي شاندار ماضي کي تحفظ نه ڏيڻ ۽ انهن کي تباهه ڪندڙ روين جا ساٿاري ٿينداسين يا انهن جي تباهي تي خاموش ٿي ويهي رهنداسين. اسان کي گهرجي ته بين الاقوامي ڪميونٽي کي مهين جو دڙو جي بچاءَ جي دڳ تي آڻيون پر ڪنهن بهتر طريقي سان ڇوته اهڙن ورثن جي سنڀال ۽ تحفظ اسان سڀني جي ذميداري آهي ۽ انهن کي تباهه ڪرڻ انساني تهذيب جي شاندار تاريخ کي تاراج ڪرڻ جي برابر آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو