Home / سنڌ افيئر / جعلي پير، جنهن تي هزارين اٻوجهه ماڻهو گڏ ٿين ٿا
above article banner

جعلي پير، جنهن تي هزارين اٻوجهه ماڻهو گڏ ٿين ٿا

ڳالهه ڪنداسين زندهه پيرن ، پراسرار ڪرشماتي ۽ ڪرامتي پيرن جي جن وٽ پهچڻ سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿيو وڃي ، جنهن ملڪ ۽ قوم جا وزيراعظم ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽين مان پڙهيل ماڻهو ڊنڊا پير (ڏنڊا پير ) (جيڪو پنڊي ۽ ٽيڪسلا ڀرسان آهي ) ، جون حاضريون ڀرين ۽ دعائون گهرن ، جهڏي ڀرسان وڻن جون هڙهيون وڍرائي هيلي پيڊ ٺهرائي هڪ مجذوب انسان لالڻ لاشاري جي پوڄا ڪري پنهنجي لاءِ ۽ خير جون دعائون گهرندا هجن ، ان ملڪ جي عام ماڻهو جي سوچ ڪهڙي هوندي ؟ جيڪو ٻه وقت جي ماني لاءِ سڄو ڏينهن ڦٿڪي ٿو ۽ اها ماني به ڪڏهن نصيب ٿئس ٿي ته ڪڏهن لاچار سمهيو رهي ٻئي ڏينهن جي آسري ۾ . هندستان جو اڪبر بادشاهه اولاد لاءِ دهلي کان پيرين پنڌ ۽ پيرين اگهاڙو جوڌا ٻائي ساڻ ڪري پنڌ پوي ٿو ، حالانڪه جوڌا ٻائي پڻ هڪ وڏي راجواڙي برادري جي عورت هئي ، جڏهن اڪبر بادشاهه پيرين پنڌ زال سوڌو خواجه پير سليم چشتي جي روضي تي اولاد لاءِ ويو ۽ کيس جيڪو اولاد نصيب ٿيو ان جو نالو به شهزادو سليم رکيائين ،خبر ناهي گهڻا پنڌ ڪيائين ۽ گهڻيون راتيون رهي اولاد نصيب ٿيس ، ڪنهن ماڻهو کي پير ،اولياء ،تڪيي يا بزرگ تان اولاد ملڻ ، اهو لاڳيتو پنڌ ڪرڻ، راتيون رهڻ واري ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي. ممڪن آهي سڀني ماڻهن ڪو نه ملندو هوندو ، پر ڪن کي ته ضرور ملندو هوندو ، اهو هڪڙو الڳ بحث آهي ، پر سوال اهو آهي ته اهي بيماريون جن جو علاج ميڊيڪل سائنس به نٿي ڪري مثال طور، شگر ، انڌائپ، پوليو جي ڪري معذور ٿيل انسان يا ٻيا اهڙا لاعلاج مرض جيڪي سائنس به هن مهل تائين ٺيڪ نه ڪري سگهي آهي پريقين سان چئي سگهجي ٿو ته ميڊيڪل سائنس مسقبل ۾ انهن جو علاج به ڳولهي لهندي ، انهن سڀني مرضن جو علاج پر اتي ويندڙ ته ائين چون ٿا ته ته انسان ذات سان جيڪي مسئلا آهن انهن سڀني جو حل مالڪ سائين وٽ آهي ، ڳالهه هلي پئي مالڪ سائين جنهن جو پورو نالو سيد مالڪ ڏنو شاهه جعفري آهي .

jan-34-2014

وزيراعظمن ، آڪسفورڊ رٽرنڊ ،بادشاهن ۽ صاحب اختيار جو جائزو وٺون ته ته مٿي ذڪر ڪيل ماڻهو اصل ۾ عوام الناس جو رول ماڊل هوندا آهن ، عوام انهن ماڻهن کي ٻڌندي ،ڏسندي ۽ عمل ڪندي سندن مثال ڏيندو آهي ۽ کين تمام گهڻو پسند ڪندو آهي ، ضرورت پوڻ تي جان جو نذرانو پڻ ڏنو ويندو آهي ، ووٽ ۽ حمايت ته تمام ننڍڙيون شيون آهن ، اهي جيڪي عوام جا رول ماڊل، سلجهيل ، تعليم يافته ۽ وڏا عظيم انسان وڃي ڏنڊا پير يا لالڻ لاشاري يا ڪنهن اولياء بزرگ تي باسون باسين ، قدم بوسيون ڪن ۽ پوڄا پاٽ ڪن ته ان جا ٻه مطلب نڪرن ٿا ، هڪڙا ته اهي واقعي ذاتي وهمن جو شڪار هوندا آهن ۽ دماغ واري پاسي کان ڪچا هوندا آهن ،ٻيا وري پنهنجي عوام کي ان جهالت ۾ رکي انهن جي حمايت آساني سان حاصل ڪرڻ وارا شڪاري هوندا آهن. جيئن ته اسان وٽ تعليم نالي ڪا شيء ناهي ۽ غربت گهر ڪيو ويٺي آهي ، ان ڪري اسان جي ملڪ جي ماڻهن جو تمام وڏو انگ اهڙن ڪاني ڪرامتي ، ڪرشمن ، معجزن تي تمام گهڻو يقين رکندڙ آهي ، جڏهن اهڙا رول ماڊل اتي وڃي مستفيض ٿين ٿا ته عام ماڻهو جو يقين اڃا به مضبوط ٿو ٿئي ته فلاڻو وزيراعظم ، منسٽر ، صدر يا جيڪو به آهي فلاڻي برزگ وٽ ويو هو دعا لاءِ هونئن ته هر ماڻهو جي حمايت وٺڻ ڏکي آهي پر جيڪڏهن اهو عوام ڪنهن معجزاتي پير جي سڳي ،تعويذ ۽ ڦيڻي ۾ هزارن ۽ لکن جي تعداد ۾ هڪ ڌڪ سان شڪار ٿئي ته پوء ڇو نه انهن کي ان جهالت ۾ رکي معجزاتي پير يا سندس گادي نشين هٿان شڪار ڪجي ، جتي هزارين ۽ لکين ماڻهو آساني سان ڦاسائي سگهجن ، معجزاتي پير يا سندس گادي نشين ته چند هوندا انهن جي قيمت لڳائڻ ۽ حمايت حاصل ڪرڻ تمام آسان آهي ، ( جيئن هڪڙو مثال ڏيندو هلان ته جهول واري بزرگ شاهه عنايت شهيد جو نعرو آهي جو کيڙي سو کائي پر هاڻي ان ۾ تبديلي پئي نظر اچي “جو کيڙي سو به کائي “ به وارو “ جيڪو فرق آهي ان کي مٿئين تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي ) مون ابن بطوطه جو سفرنامو پئي پڙهيو ته ان ۾ هند،سنڌ جي سفر جو لکي ٿو ته هندستان ۾ ان وقت مسلمان بادشاهه گهڻا تڻا افغانستان جا هئا ۽ ڪجهه ايران وغيره جا ، اهي ڇا ڪندا هئا جو پنهنجي ملڪن مان افغانستان ، ايران ، سعودي عرب ، سمرقند ۽ بخارا سميت ٻين ملڪن کان ڳورا ،ڊگها ، سهڻا ، نوراني شڪل وارا تعليم يافته مهمان گهرائي ماڻهن کي ٻڌائيندا هئا ته هي وڏو متقي ، ايماندار ، بزرگ شخصيت ، دعائون ۽ معجزا ڪندڙ سميت ڪجهه ٿيڻ نه ٿيڻ جون خبرون ڏيندڙ تمام متبرڪ هستي آهي ، پوء پهريان پاڻ انهن جا پوئلڳ ٿي سندن تمام گهڻي عزت افزائيء ۽ پرستش ڪندا هئا ، انهن کي وڏا انعام اڪرام ، خوبصورت ويس وڳا پهرائي ،محلن ۾ رهائي کين تمام گهڻا پئسا(نذرانو ) ،عهدا ، جاگيرون ڏيندا هئا . پوء اها نوراني هستي وڏيون خير خيراتون ڪري ڌاڳا ڦيڻا ، دعائون ڪري ماڻهن کي متوجهه ڪري آهستي آهستي وڏو پير ٿي ويهي رهندو هو ، ۽ هزارين لکين سندس معتقد ٿيندا ويندا هئا ۽ اهڙي طرح ان پير جي مريدن جو هڪڙو وڏو حلقو ٺهندو ويندو هو ۽ سندس خليفا، ويندا هئا وڌندا ۽ سندس فيض جو دائرو ويندو هو وڌندو ، اهڙي طرح اهو بزرگ سندس وڏو حمايتي هوندو هو بشمول سڀني مريدن ۽ عقيدتمندن . جڏهن به بادشاهه کي ڪٿان ڪا بغاوت يا جنگ نظر ايندي هئي ته اهو پتو ( مهرو ) آزمايو ويندو هو ، هاڻي به اسان ڏسون پيا ته ساڳيا طريقا ( ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه ) جڏهن اليڪشن يا حمايت جو وقت ايندو آهي ته بزرگن جا گادي نشين ، پير وڏيرا ، سردار تمام ٿورڙي قيمت ۾ پنهنجي مريدن ، عقيدتمندن ۽ حمايتن کي کپائي پنهنجا پيٽ ڀريندا هئا ، اسان جيڪو ٻڌندا ، ڏسندا ۽ محسوس ڪندا آهيون ته ردعمل به ان تناظر ۾ ڏيندا آهيون. عذابن کان بچڻ ، خوف کان بچڻ ۽ آسان سان شارٽڪٽ ڳولڻ انسان جو ازلي مشغلو رهيو آهي ، اهڙي طرح ڪڏهن سيدي موساڻي تان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ ته ڪڏهن چمبڙ ڀرسان علم پاڪ مان معجزن ٿيڻ جون اميدون ته ڪڏهن سانگهڙ ۽ گهنڊڻ وچ ۾ غيب شاهه جا معجزا ته وري ڪڏهن پيرن جي مزارن تي پنهنجو پاڻ کي زنجيرن سان ٻڌي ڇڏڻ

عرض ڪندو هلان ته جيڪي قبرستان ، اولياء ، تڪيه ۽ مزارون آهن گهڻي ڀاڱي سيدن جي کاتي ۾ هجڻ لازمي آهن مالڪ سائين شاهه ، مصري شاهه ، مٺو شاهه ، حاجي شاهه ۽ پراين مئل بزرگن کي گهڻو ڪري شاهه ،پير ۽ سيد هجڻ لازمي آهي. ممڪمن آهي ته مٿي ذڪر ڪيل ابن بطوطه واري روايت جي ڪهڙي به هجي پر دعا ، شفاء ،معجزو ۽ ڪرامت گهڻو ڪري ٿيڻي سيد مان آهي. هاڻي اچون ٿا تازو پيدا ٿيل بزرگ ، پير مالڪ ڏنو شاهه جعفري تي ،

مخدومن جي شهر هالا کان شهدادپور روڊ تي ۾ ريٽائرڊ پوليس آفيسر علي نواز خاصخيلي جو ڳوٺ آهي ، آس پاس ۾ ٻيا ڪجهه خاصخيلين جا ڳوٺ آهن ، اتي هڪرو نئون پير نون معجزن سان دريافت ٿيو آهي گذريل محرم کان ،

ننڍو ڀاءُ فيض جيڪو هالا ۾ هڪ نجي بئنڪ سان لاڳاپيل آهي ، ان چيو ته يار آئون پنهنجي فيلڊ آيو هئس ته هتي هڪڙو بزرگ نمودار ٿيو آهي ، جتي هزارين ماڻهن جي رش آهي ،اتي ان رش ۾ آئون ڪجهه ڪلاڪن کان ڦاسي پيو آهيان تمام گهڻيون گاڏيون ۽ ماڻهن جي رش آهي ، تون مهرباني ڪري هي منظر ڏسي وڃ ، ٻئي ڏينهن آئون سيد ثقلين شاهه کي ساڻ ڪري وڃي بزرگ تي نڪتس ، هزارين ماڻهن جي رش هئي ، ڪو به انتظام ڪو نه هو ، هڪڙو ننڍو قبرستان هو ، اتي ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ ڪوٺي ٺهيل هئي هاڻ مقبرو زير تعمير آهي ، ماڻهن جي ايڏي رش جو صحتمند ماڻهو ان رش مان گذري پيو سگهي ، جڏهن ته ڪمزرو ۽ پوڙهو ، عورت ۽ ٻار ڏکيائي سان اڳتي وڌي ٿي سگهيا ، اتي موجود ماڻهن ۾ تمام وڏو انگ باگڙين جو هو ، هر قسم جي بيماري ۾ مبتلا ماڻهو هر طرح جا متاثر اتي موجود هئا ، انهن ۾80 سيڪڙو کان 90 سيڪڙو اهي ماڻهو هائي جيڪي صفا غريب ۽ انتهائي لوئر ڪلاس جا هئا ، ان درگاهه تي موجود مالڪ سائين جو مجاور راڻو فقير خاصخيلي ، سندس نوجوان پٽ ظهير ۽ هڪ ڇوڪري جنهن جو نالو ريشمان خاصخيلي ٿي ٻڌايائون ( ريشما کي سڀ اتي جيجي جي نالي سان سڏي رهيا هئا ) اتي آيل ماڻهو انهن ٽنهي کي پيرن ۾ پيا پون ، پاڻي جون بوتلون (جيڪي اتي وڪامي رهيون هيون) پيا پڙهائين ، ڪي ته اٺن ڏينهن کان ته ڪي چار ڏينهن کان اتي اهڙي خطرناڪ سيءَ ۾ هنڌ بسترا ٿڌي زمين تي وڇايو ستا پيا هجن ، هڪڙو باگڙي نوجوان دهل تي ۽ ٻيو وري ڇمڪي وارو ساز وڄائي رهيا هئا ، ان دهل جي ٿاپ تي ماڻهو نچي رهيا هئا ۽ ٻيا بلند آواز ۾ ملنگي نعرا هڻي رهيا هئا. اتي ان دهل تي نچندڙ عورتون توڙي مرد ۽ ٻار پنج کان پندرهن تائين نچندي نچندي بيهوش ٿي ڪريا ٿي ته تيئن مٿس شال ، چادر جي عورت هئي ته سندس پوتي اوڍائي وري دهل جو آواز شروع . اهي بيهوش يپل ماڻهو واري ، مٽي ۾ ٿاڦجي ٿي ويا ، انهن جي جسم تي مٽي پئي چڙهي پر اهي بلڪل بيهوشي جي عالم ۾ پيل هئا ۽ سندن منهن ڍڪيل هئا ، نه ڄاڻ ڪڏهن اٿندا هوندا ؟ دهل وارو وري ڪجهه اڳتي ٿي ويو ، واري اتي به اهو ( مٿي لکي آيو آهيان ) ساڳيو عمل ، اهڙي طرح هڪ اندازي موجب منهنجي ٽن ڪلاڪن ۾ ڪي پنجاهه کان مٿي بي هوش ماڻهو پيل هئا ، جڏهن ڪو ماڻهو ڪريو ٿي ته اتي موجود ماڻهن ٻڌايو ته هاڻ سندن آپريشن شروع آهي ، هاڻ آپريشن بعد هو پاڻهي ٺيڪ ٿي ويندو ، ڪينسر ، سائي ، بي ،سي ، پٿريون ، اکين کان بلڪل انڌا ، ٽنگن کان معذور ، ڪمزور ، بيمار ، پوڙها مرد عورتون ، ٻار سڀ موجود هئا ، اتي موجود سڀني جو چوڻ هو ته اهي چڱا ڀلا ٿي رهيا آهن ۽ انهن کان سواءِ هزارين لکين ماڻهو گذريل چاليهي ۾ شفاياب ٿي ويا آهن ، جنهن جو آپريشن ٿيو وڃي اهو واپس هليو ٿي ويو ۽ اٺن ڏينهن کان پوء خيالي آپريشن جا خيالي ٽاڪا ڪڍرائڻ لا۽ اچڻو هو ، درگاهه تي موجود ماڻهن ٻڌايو ته ڪوٺي وارو سائين مالڪ ڏنو شاهه جعفري آهي ۽ مقبري وارو سندس پٽ جنهن جو نالو مون کي ڪنهن نه ٻڌايو ، انهن جي زيارت جي ڪوشش باوجود آئون نه ڪري سگهيس ، مون اتي موجود ماڻهن مان تقريبن 57 ماڻهن کان ان بابت پڇيو ته توهان پنهنجا حال ڏيو ، انهن مان گهڻا بلڪل انڌا ۽ ٽنگن کان معذور هئا ، جيڪي ٺيڪ ٿيڻ آيا هئا ، انهن کان فون نمبر ورتاسين ته جيئن تندرستي جي خبر وٺي سگهان ، جڏهن 10 ڏينهن کن گذريا ته مون انهن کي ڪال ڪئي ،انهن مان ڪجهه ماڻهن ڪال اٽينڊ ڪئي پر انهن مان اڃا تائين هڪ به چڱو ڀلو ڪو نه ٿيو هو ، پر ان باوجود ماڻهن جي رش ڏينهون ڏينهن وڌي پئي ۽ انهن ۾ به وڌيڪ تعداد عورتن جو آهي ، اتي موجود هر ماڻهو پراميد آهي ته اهو ٺيڪ ٿيندو ۽ سڄي ماحول ۾ جيڪو هن وقت باقائده ميلي جي صورت اختيار ڪري ويو آهي ، مالڪ سائين جي معجزن جو ذڪر آهي ، 40 ساله بهادر کوسو جيڪو علي آباد جو هو جيڪو غريب هجڻ سان گڏ هر ٽئين ڏينهن گردن جو ڊائلاسس ڪرائيندو هو ، ان جو خيالي آپريشن ٿيو ۽ ان ڊائلاسس ڪرائڻ ڇڏي ڏنو ۽ واپس علي آباد هليو ويو ، جتي هو اٺن ڏينهن کان پوء آخري سفر تي روانو ٿي ويو ، ڇاڪاڻ جو ان درويش کوسي ڊائلاسس ڪرائڻ ڇڏي ڏنو هو ، منهنجي ڳوٺ جو هڪڙو غريب ماڻڪ ماڇي جيڪو سٺ سالن جو آهي ، هڪڙي اک ۾ ننڍي هوندي کان ڦلو اٿس ۽ ٽنگن ۾ سور پڻ رهندو اٿس ، اهو به ٺيڪ ٿيڻ جي آسري سائين مالڪ شاهه تي وڃي نڪتو ۽ ڪجهه ڏينهن اتي رهي پڻ آيو هو ، پر اڃا تائين نه اک ٺيڪ ٿي اٿس نه ٽنگن جو سور ختم ٿيو اٿس ، اهڙي نموني کوڙ ماڻهو اتي اچن ٿا ، خطرناڪ ۽ موتمار سيءَ ۾ ٿڌي زمين تي راتيون ڏينهن گذارين ٿا ته من بيمارين مان جان ڇٽي.

ڏٺو وڃي ته غربت تمام گهڻي آهي ۽ سرڪار سڳوري جون جيڪي علاج خاطر سرڪاري اسپتالون آهن اهي شديد ڪرپشن جي ڪري دوائن ۽ علاج کان خالي آهن ، سرڪار سڳوري هٿ سان سرڪاري اسپتالن کي موت خانا ٺاهي ڇڏيا آهن ۽ تعليم جا در بند آهن ، پرائيوٽ اسڪولن ۽ اسپتالن جا خرچ ۽ ٽيسٽون غريب ماڻهو برداشت بلڪل نٿو ڪري سگهي ، هن وقت مسيحائي پيشي وارا اڪثر ڊاڪٽر ڪاسائي بڻجي چڪا آهن ، لاتعداد ٽيسٽون ڪرائي غيرضروري دوائون گهڻي تعداد ۾ لکي غريبن کان جيئڻ جا حق پيا کسين ، جيترا وڏا شهر ۽ وڏيون اسپتالون آهن اهي اوترا ئي وڏا ڪوس گهر بڻجي چڪا آهن ، هڪڙو مثال جيڪو مون اکين سان ڏٺو ، هڪڙو ريٽائرڊ پروفيسر پيٽ جي عارضي سبب ضياء الدين اسپتال نارٿ ڪراچي ۾ داخل ٿيو ، جلد ۾ ان جي آنڊي جو آپريشن ڪري پروفيسر کي پورو ڪري کڻي وينٽلينٽر تي رکيائونس ، اسي هزار ( 80000) روپيه چويهه ڪلاڪن (24) جون چارجز ۽ ٽيسٽون ۽ آپريشن الڳ ، اهو سلسلو پنج ڏينهن هليو ، اسپتال جو بل ڇهه لک ( 600000) تي پهتو ته اسان انهن کان پڇيو ته سندس بچڻ جي اميد ڪيتري آهي ، ته ڊاڪٽر چون پيا ته ون (1 ) پرسينٽ ، تنهن تي اسان چيو ته ڀلا همراهه ڏيو اسان کي غريب ماڻهو آهي ، ان تي چيائون ته مريض وينٽليٽر تي ساهه کڻي پيو بين الاقوامي قانون موجب مريض وينٽليٽر تان لاهڻ نيگٽو ڪائونسلنگ آهي ان ڪري پئسن جو ميٽر پيو هلندو ، وڏي ڪوشش کان پوءِ اسان (نيگٽو ڪائونسلنگ ) ڪري پروفيسر کي وينٽليٽر تان لاٿو ، وينٽليٽر تان لاهڻ جي ڪجهه منٽن کان پوءِ پروفيسر جو ساهه ته هو ئي ڪو نه ، پر تمام گهڻي سوڄ ۽ وزن ڪري ويو ۽ لاش لاهور کڻي وڃڻ جهڙو نه رهيو ۽ پوءِ ڪراچي ۾ ئي دفن ڪرڻو پيو . اهڙي طرح اسپتالون هن وقت دولت ڪمائڻ ۽ انسان ذات لا۽ ڪوس گهر بڻجي چڪيون آهن ، اهڙي ڇڙواڳي ۽ لاقانونيت دنيا ۾ شايد ئي ڪٿي هجي ، اهڙن لاقانونيت وارن ڪمن کي جيستائين رياست ۽ حڪومت ڪنٽرول نه ڪندي تيسين اهڙين ناانصافين ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ايندي رهندي

مون جڏهن ان منظر تي لکڻ شروع ڪيو پهرين دعا ۽ شفا جو منظر ڏسي پوءِ آسپاس جي ڳوٺن جي عمر رسيده ماڻهن کان حال احوال ورتم ، اتي رهندڙ هڪ همراهه نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته اهو هڪڙو پراڻو خاصخيلي برادري ۽ ڪجهه ٻين ماڻهن جو قبرستان آهي ، هڪ مزار جيڪا بنا بلڊنگ ۽ ڇت وغيره جي سادي قبر هئي ۽ ان قبرستان کي مالڪ پير قبرستان جي نالي سان سڏيو ويندو هو ۽ اتي جمع يا چنڊ جي چوڏهين تي ڪڏهن ڪڏهن آس پاس جا مقامي راڳي اچي محفل ڪندا رهيا آهن ، راڻو خاصخيلي ( جيڪو هن وقت هيڊ مجاور آهي ) مجاور طور ٻهاري وغيره ڏيندو رهيو آهي ، جتي قبرستان آهي ان جي آسپاس جي زرعي زمين ريٽائرڊ پوليس آفيسر علي نواز خاصخيلي جي آهي ۽ زمين تمام گهڻي ذرخيز آهي. چون ٿا ته محرم ۾ علي نواز خاصخيلي کي اهو خواب آيو ته تنهنجي زرعي زمين ۾ ٺهيل قبر ۾ آئون سيد مالڪ ڏنو شاهه جعفري آهيان ۽ ان چيو ته مون کي حڪم آيو آهي ته ماڻهن کي فيض ڏي ، اهڙي طرح ان خواب کي شروعاتي طور هڪڙي ڇوڪري جيڪا خاصخيلي آهي انهي آزمايو، ريشما نالي ڇوڪري رات جو گهٽ ڏسڻ واري ( نائيٽ بلائينڊنيس ) بيماري هئي ۽ اها رات جو گهٽ ڏسندي هئي ،جڏهن مزار تي آئي ته ٺيڪ ٿي وئي ، اهڙي طرح هاڻ هو خود به دعا ڏيندي آهي ، (پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته سيد مالڪ ڏنو شاه جعفري ان ڇوڪري ريشمان کي حڪم ڪيو ته مون توکي شفا ڏني آهي هاڻ تون ٻين کي ڏي ) ان کان پوءِ آسپاس ۾ باگڙي برادري ڪافي رهي ٿي انهن جي هڪ عورت ڪنهن بيماري مان ٺيڪ ٿي ، اهڙيء طرح معجزا ٿيندا ويا ۽ هاڪ سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچي وئي ، اهڙي طرح ان ماسٽر مائينڊ جو ڪاروبار شروع ٿيو ، مين روڊ کان ڳوٺ تائين پڪو روڊ آهي ۽ چار ايڪڙن انبن جو باغ آهي ،جيڪو قبرستان سان لڳو لڳ آهي ، زمين علي نواز خاصخيلي جي آهي ، روڊ سان دڪان لڳندا ويا هڪ لک پڳڙي ۽ ست ( 7) هزار کان يا ڪجهه گهٽ وڌ مسواڙ هر مهيني ، جڏهن ته هيٺ باغ ۽ ڪڻڪ واري زمين ۾ پنجاهه (50) هزار پڳڙي ۽ ان کان گهٽ پڳڙي ۽ مسواڙ . ڪار پارڪنگ ڏينهن جو ٽيهه روپيه في گاڏي ۽ رات جو پنجاهه روپيه في وصول ٿيڻ لڳي ، اهڙيء طرح 40 کان 50 ڏينهن ۾ هن علائقي ۾ وڏو ميل مچي ويو ۽ ڪروڙين روپين جي ڪمائي شروع ٿي وئي ، جنهن جو وڏي ۾ وڏو حصيدار علي نواز خاصخيلي آهي ڇو جو ان جي زمين ۽ باغ ۾ زرعي فصل استعمال هيٺ آيو ، اتي هر ڪاروبار جيڪو ضروريات زندگي آهي اهو پهچي ويو ۽ دڪان ٺهڻ جو سلسلو تيزي سان شروع ٿي ويو ، صرف ڪپڙي جا دڪان مون نه ڏٺا باقي سڀ ڪجهه مليو ٿي ويو ۽ ٻارن جي وندر لا۽ جهولا ۽ ٻيون شيون موجود هيون ۽ پهچي رهيون هيون. اسٽوري لکڻ کان ٻه ڏينهن اڳ قانون حرڪت ۾ اچي ويو ۽ ڇاپو هنيو ويو درگاهه مالڪ ڏنو شاهه جعفري تي ، دڪان ڊاهي پٽ ڪري دڪاندارن کي زوري لڏايو ويو ۽ بيمار ۽ پوڙها پنهنجا ساز وسامان ۽ بسترا کڻي ڀڄڻ لڳا ، ڪجهه عقيدتمندن ته قانون سان مزاحمت پڻ ڪئي پر قانون اتي موجود آهي ۽ پڪٽون هنيون ويٺو آهي ،جيڪڏهن اهو قانون شروع ۾ حرڪت ۾ اچي ها ته جن دڪاندارن غريبن ۽ مسڪين لکين روپيه پڳڙي ڌئي زمين حاصل ڪئي هئي اها نه ٻڏي ها ، پر هاڻ ته غريب جا لکين روپيه ٻڏي ويا ، عارضي طور ماڻهو ڀڄي ويا آهن پر مون کي لڳي ٿوپ ته ٺاپر ٿيڻ کان پوءِ وري به دماغ کان خالي مون جهڙا اٻوجهه وري به ان ساڳي ڪوڙڪي جو شڪار ٿيڻ لاءِ ايندا رهندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو