Home / ڪرنٽ افيئر / حڪومت- طالبان ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟
above article banner

حڪومت- طالبان ڳالهيون ڪامياب ٿي سگهنديون؟

A Reporter

وزيراعظم ميان نواز شريف پاران امن کي “ آخري موقعو” ڏيڻ وارو آپشن مولانا فضل الرحمان کي ان ڪري به مناسب نه لڳو آهي ته اهو “آخري موقعو” به ڪي نتيجا نه ڏئي سگهندو. ان ڪري مولانا جي خواهش آهي ته ان کي آخري قرار نه ڏنو وڃي، پر طالبان اسان کي ماريندا اچن ۽ مولانا جهڙا ماڻهو وري وري انهن سان ڳالھين جي ضد تي قائم رهندا اچن.

جنهن ڏينهن وزيراعظم ميان نواز شريف قومي اسيمبلي ۾ طالبان سان ڳالھين لاءِ 4 رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪيو ته اهو اعلان ايوان اندر حڪومتي بئنچن تي موجود ميمبرن سميت انهن سمورين مخالف پارٽين لاءِ به حيران ڪندڙ هو. جن اهو سمجهيو پئي ته وفاقي حڪومت طالبان خلاف فيصلائتي آپريشن جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم ڇهن مهينن بعد قومي اسيمبلي ۾ آيو هو، هن جي اچڻ کان اڳ ۾ ايوان اندر مخالف ڌر پاران وزيراعظم جي نه اچڻ تي شديد تنقيد به ڪئي وئي هئي، خورشيد شاھ ته جذباتي تقرير ڪندي چيو هو ته “ وزيراعظم کي هن ايوان ۾ ڏسڻ لاءِ سندس اکيون سِڪي رهيون آهن! جڏهن ته ٻئي ڏينهن پيپلزپارٽي جي هڪ ايم اين اي عمران ظفر لغاري وزيراعظم جي سيٽ خالي ڪرائڻ لاءِ تحريڪ التوا به جمع ڪرائي هئي، جيڪا وزيراعظم جي اچڻ بعد واپس به ورتي وئي، وزيراعظم جنهن ڏينهن ايوان ۾ آيو ته ان کان ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ ميڊيا ۾ ن ليگ جي حلقن ۽ وزيراعظم هائوس پاران اهو تاثر ڏنو ويو ته حڪومت طالبان خلاف فيصلائتو عمل ڪرڻ جي حتمي نتيجي تي پهچي وئي آهي، انهن ڏينهن ۾ فوج به فاٽا جي علائقن ۾ طالبان جي ٺڪاڻن تي بمباري ڪري پنهنجي رد عمل جو اظهار ڪري چڪي هئي ، جنهن ڪري طالبان پاران به ڳالھين جي آڇ ڪئي وئي هئي، انهن ئي ڏينهن دوران وفاقي گهرو وزير وزير چوڌري نثار قومي اسيمبلي ۾ اهو پاليسي بيان ڏئي چڪو هو ته تحريڪ طالبان جي مرڪزي قيادت ڳالھيون ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪري هاڻي طالبان جي ٻين گروپن سان ڳالھيون ٿينديون، فوج تي لاڳيتن حملن بعد فوج جڏهن حڪومت جي اجازت کانسواءِ پنهنجي رد عمل طور تي طالبان جي ٺڪاڻن مٿان بمباري ڪئي ته تحريڪ طالبان پاڪستان وري ڳالھين جي آڇ ڪئي، پر انهن ڳالھين جي حوالي سان حڪومت پاران ڪو به جواب ڏيڻ بدران طالبان خلاف جيڪو ايڪشن جو تاثر ڏنو ويو ته عمران خان به طالبان جي ڪاررواين تي “ناراضگي” جو اظهار ڪندي اها ڳالھه ڪئي ته حڪومت شايد آپريشن طرف وڃي رهي آهي، پر وزيراعظم قومي اسيمبلي ۾ پاليسي بيان ذريعي امن کي هڪ آخري موقعو ڏيڻ جي ڳالهه ڪري ڄڻ عمران خان ۽ مولانا فضل الرحمان جي منهن تي ڇنڊو هنيوهو، جيتوڻيڪ اهي ٻئي اڳواڻ طالبان خلاف ٿيندڙ امڪاني آپريشن لاءِ پنهنجو ذهن ٺاهي چڪا هئا. وزير اعظم جي قومي اسيمبلي ۾ ڪيل تقرير کي جيڪڏهن غور سان ڏٺو وڃي ته اها سموري تقرير جيڪا دهشتگردن جي ڪاررواين جي حوالي سان انتهائي سخت هئي ، ان ۾ اوچتو يوٽرن آيو ۽ تقرير جي پڇاڙي ۾ وزيراعظم پنهنجي چار رڪني ڪميٽي جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ نه ڪو پارليامينٽرين شامل هو ، ۽ نه ڪا مذهبي ۽ سياسي ڌر موجود هئي. پر ايوان اندر موجود سمورين پارٽين، وزيراعظم جي انهي فيصلي جي آجيان ڪئي ، ۽ ڪجهه حڪومت مخالف ڌرين جن ۾ پ پ پ ۽ پي ٽي آءِ شامل هيون، اهو موقف رکيو ته ڳالھين لاءِ مدي جو تعين ڪيو وڃي، پر مجموعي طور تي ڪا گهڻي مخالفت سامهون نه آئي، صرف ايم ڪيو ايم پنهنجو موقف سختي سان پيش ڪيو، 

pakistan and taliban talk

pakistan and taliban talk

طالبان سان ڳالھين لاءِ حڪومت پاران جوڙيل 4 رڪني ڪميٽي ۾ ٻن ميمبرن جو تعلق جنگ گروپ سان آهي، انهي ڪميٽي جو رابطا ڪار عرفان صديقي جنگ ۾ ڪالم لکندو رهيو آهي، هو ماضي ۾ ملا فضل الله جو سڀ کان وڏو وڪيل به رهيو آهي، هن ملا فضل الله لاءِ جنگ ۾ ئي ڪالم به لکياهئا، ان کي ڀٽڪيل قرار ڏئي هن ان جي وحشياڻي روئي کي جائز قرار ڏيڻ لاءِ دليل به ڏنا هئا، عرفان صديقي کي طالبان سان ڳالھين لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي اعلان کان اڳ ۾ کيس وزيراعظم جو قومي معاملن بابت صلاحڪار مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ، انهي اعلان ۾ چيو ويو هو ته سندس عهدو وفاقي وزير جي برابر هوندو، هي شخص وزيراعظم جون تقريرون لکندو آهي ۽ ان کان اڳ ۾ پنهنجي ڪالمن ۾ طالبان ۽ ن ليگ جي وڪالت به ڪندو رهيو آهي. صلاحڪار ٿيڻ کان اڳ ۾ هو وزيراعظم هائوس ۾ ئي ترسيل هو، اهڙي ريت وزيراعظم جي چار رڪني ڪميٽي ۾ ٻيو ميمبر رحيم الله يوسف زئي آهي، رحيم الله يوسف زئي جو شمار پاڪستان ۾ طالبان جي موضوع مٿان دسترس رکندڙ صحافين ۾ ٿئي ٿو، طالبان سان سندس لاڳاپا به ڪافي سٺا رهيا آهن، طالبان کيس پنهنجو مخالف نٿا سمجهن، رحيم الله هن وقت پشاور ۾ جنگ گروپ جي انگريزي اخبار دي نيوز جو ريذيڊينٽ ايڊيٽر آهي، سندس تجزين کي گهڻو ڪري وچٿرو تصور ڪيو ويندو آهي. ڪميٽي جو ٽيون ميمبر رستم شاھ مهمند آهي، جنهن جو ماضي فوج سان لاڳاپيل رهيو آهي، هو شروع کان طالبان جو وڪيل رهيو آهي، تحريڪ انصاف سان هن جي تمام گهڻي ويجهڙائي آهي، هو طالبان جي ٿيل نقصان بابت حڪومت کان اهو به مطالبو ڪندو رهيو آهي ته انهن کي ان جو معاوضو به ڏنو وڃي. وزيراعظم چواڻي ته مهمند جو نالو خيبر پختون خواھ جي وڏي وزير پرويز خٽڪ ڏنو آهي، جڏهن ته انهي ڪميٽي جو آخري ۽ چوٿون ميمبر مڊنائيٽ جيڪال آپريشن جو روح روان رٽائرڊ ميجر عامر آهي، سندس والد ڪي پي ۾ هڪ مدرسو هلائيندو هو، جتان طالبان جي اهم اڳواڻن تعليم به حاصل ڪئي، طالبان سان هن جا انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ان سان گڏوگڏ ميان نواز شريف جي گهر سان به هن جي ويجهي تعلق داري آهي، “ يار لوگن” سان چئني ڪميٽي ميمبرن جا بهترين لاڳاپا آهن. 

جڏهن ته ٻئي طرف تحريڪ طالبان پاڪستان پاران پنهنجي مصالحتي ڪميٽي جا جيڪي نالا سامهون آيا آهن ، انهن ۾ مولانا سميع الحق، جماعت اسلامي جو مولانا ابراهيم، جي يو آءِ جو مولانا ڪفايت الله، لال مسجد جو مهتمم مولانا عبدالعزيز ۽ تحريڪ انصاف جو چيئرمين عمران خان شامل آهن، انهي ڪيمٽي جا نالا سامهون اچڻ بعد گهڻن کي حيراني ٿي آهي ته ڪِن لاءِ اها حيراني جي ڳالهه ناهي، ان جو سبب اهو آهي ته عمران خان مٿان اڳي ئي اها ڇاپ لڳل آهي ته پي ٽي آءِ طالبان جي سياسي ونگ آهي، پر عمران خان چوندو رهيو آهي ته پاڪستان ۾ هلندڙ انهي جنگ جي مسئلي جو حل آپريشن نه پر ڳالھيون آهن، جڏهن ته باقي جن ڌرين جانالا سامهون آيا آهن، انهن کي اڳي ئي طالبان پنهنجو ضامن چوندا رهيا آهن، طالبان پاران پنهنجي ڪميٽي جي نالن بابت عمران خان کانسواءِ سمورن اڳواڻن ان کي قبول ڪري ڇڏيو آهي، ۽ ان جا اجلاس به شروع ٿي ويا آهن، سميع الحق ته عمران خان کي اپيل ڪئي آهي ته هي انتهائي اهم موقعو آهي ان ڪري هو طالبان جي ڳالھين واري ڪميٽي کان پاڻ کي ڌار نه ڪري، پر حڪومتي ۽ طالبان جي ڪميٽي پاران ٻنهي طرفن کان جيڪا تڪڙ نظر اچي ٿي ان مان ته شايد کين ان ڳالهه جو يقين آهي ته هو ڪنهن نه ڪنهن نتيجي تي پهچي ويندا، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ صورتحال جو ڏس ڏين ٿيون، طالبان جو پهريون مطالبو جنهن جا چٽا امڪان آهن ، اهو اهو ئي هوندو ته پاڪستان ۾ شريعت لاڳو ڪريو، ( اها به سندن مرضي واري) جيڪڏهن سڄي ملڪ تي نه معاملو نٿو ٺهي ته پوءِ خيبر پختون خواھ ۾ ان قسم جي شريعت لاڳو ڪئي وڃي، ان کانسواءِ سندن قيدين کي آزاد ڪرڻ ۽ مڪمل جنگ بندي ڪرڻ جا مُک شرط شامل هوندا، وزيراعظم اڳي ئي اهو اعلان ڪري چڪو آهي ته پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي دائري ۾ ڳالھيون ئي سگهنديون، جڏهن ته طالبان پاڪستان ۾ موجود آئين ۽ قانون ۽ جمهوري نظام کي ڪفر جو نظام سمجهن ٿا، ان ڪري طالبان سان ڳالھيون انهن نقطن کانسواءِ باقي ڪهڙن نقطن تي ٿينديون؟ا ن جي ڪابه وضاحت سامهون ناهي آئي، هن صورتحال ۾ جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت پنهنجي آخري هجت به ڀلي پوري ڪرڻ جي نيت رکندي هجي، پر اها وٿي ڏيڻ به طالبان جي حق ۾ آهي، طالبان پنهنجيون ڪارروايون به ڪن ٿا. جنهن ۾ هو سولين ۽ فوج کي نشانو بڻائي ان جي ذميواري به قبول ڪن ٿا، پر جڏهن فوج پنهنجو ڀرپور ردعمل ڏيکاري ٿي ته هو انڪار ڪرڻ باوجود وري ڳالھين جي نڪتي تي اچي بيهن ٿا. ان ڳالهه کان انڪار ناهي ته ڳالھين ذريعي جيڪڏهن مسئلي جو حل نڪري وڃي ته ان کان وڌيڪ ٻي ڪا چڱي ڳالهه ناهي، پر سوال هي آهي ته ڳالھيون ڪهڙيون ٿينديون، ڇا طالبان جيڪڏهن سڄي ملڪ مٿان پنهنجي مرضي جي شريعت مڙهڻ جي شرط بعد رڳو فاٽا کي امارات اسلامي ۾ تبديل ڪرائڻ جو شرط پورو ڪرائي ٿا وڃن ته ڇا پاڪستان جي رياست ايئن ڪري سگهندي؟ جنهن جو جواب اهو آهي ته ائين نه ٿي سگهندو. ٻي ڳالهه اها ته تحريڪ طالبان جو سربراھ ملا فضل الله، جيڪو هن وقت افغانستان جي صوبي ڪنڙ ۾ پناھ وٺي ويٺو آهي، ۽ اتي افغان طالبان جو مهمان آهي، ان جو انهن ڳالھين ۾ ڪنهن به صورت ۾ شريڪ ٿيڻ ان ڪري به ممڪن نظر نٿو اچي ته آمريڪا ان کي به ڊرون حملي ۾ مارڻ چاهي ٿو، ان ڳالهه جي ڪير ضمانت ڏيندو ته جيڪڏهن ڪو ٻيو ڊرون حملو ٿي وڃي ٿو ته ڇا اهي ڳالھيون پوءِ ڪامياب ٿي سگهنديون، ڇاڪاڻ ته ڊرون حملن تي پاڪستان جو ڪوبه ڪنٽرول ناهي. جڏهن ته انهن ڳالھين جي ڪاميابي جا ان ڪري به امڪان ناهن ته طالبان جا ٻيا ڌڙا انهن ڳالھين کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. دنيا جا مختلف ملڪ ۽ ايجنسيون به دهشتگرد گروپن جي پويان بيٺل آهن، ان ڪري پرڏيهي پاليسي تي به غور جي ضرورت آهي. طالبان جا 4 ڊزن کان وڌيڪ گروپ ڳالھين جي انهي مرحلي تي ڪنهن هڪ گروپ جي چڱ مڙسي جا مخالف آهن، 

هن سڄي صورتحال ۾ طالبان جي حڪمت عملي اها آهي ته ڪجهه مهينا اڃا به ڳالھين جي بهاني ڪڍجن جيئن افغانستان ۾ چونڊون ٿي وڃن ، هنن کي ان ڳالهه جو يقين آهي ته افغان چونڊن ۾ طالبان يا انهن جا حامي وڏي پئماني تي ڪامياب ٿي ايندا، جنهن ڪري نه رڳو افغانستان ۾ پر پاڪستان جي اندر به طالبان طاقت ۾ ايندا، جڏهن ته ٻئي طرف حڪومت به ان ڳالهه کي سمجهي ٿي ته جيڪڏهن اهي ڳالھيون ناڪام ٿيون ته طالبان جا سڄي ملڪ ، جن ۾ ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، پنڊي، حيدرآباد، ملتان، ڪوئيٽا ۽ ٻين وڏن شهرن ۾ آپگهاتي بمبارن واري ڦهليل قوت ( جنهن کي جيڪڏهن رياست چاهي ته ڊگهي جنگ بعد شڪست ڏئي سگهي ٿي) بارودي سرنگهه ثابت ٿي سگهي ٿي، 

ان ڪري پاڪستان کي ايندڙ ڏينهن ۾ هڪ اهڙي جنگ کي منهن ڏيڻو پوندو جيڪا جنگ ملڪ جي سرحدن تي نه پر اندر ٿيندي، پاڪستان جون سيڪيورٽي ايجسنيون جيڪڏهن مڪمل سچائي جو مظاهرو ڪن ۽ پنهنجي سياسي ايجنڊا کي هڪ طرف رکي، جيڪڏهن رڳو ملڪ کي بچائڻ لاءِ هڪ نڪتي تي بيهن ته ڪي نتيجا سامهون اچي سگهن ٿا، نه ته ٻي صورت ۾ صورتحال اڃا وڌيڪ ڀيانڪ ٿيندي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو