Home / ڪرنٽ افيئر / دولتپور المناڪ حادثو: اصل ذميوار آجا
above article banner

دولتپور المناڪ حادثو: اصل ذميوار آجا

دستگير ڀٽي

دولتپور واري جيءُ جهوريندڙ سانحي جي اصل ڪردارن ۽ حقيقي ڏوهارين جو ڍڪ ڍڪڻ واري انسان دشمن چالبازي ۾ سموري پاڪستان جي نام نهاد قومي ميڊيا جي مالڪن ۽ نمائندن سان گڏوگڏ سنڌي ميڊيا جي مالڪن ۽ نمائندن پڻ ماڻهن کان سچائي لڪائي جيڪو ڪڌو ڪم ڪيو آهي، تنهن سندن اڳوڻي حرڪت جيڪا 12 مئي تي ٿيل عام چونڊن مهل ڏوڪڙن عيوض ڪيائون، ان کي به مات ڏيئي ڇڏي آهي. ٻارهين مئي تي ٿيل چونڊن ۾ ته رڳو سرڪاري ڌر پاران ٺپا هڻي دٻا ڀرڻ واري سچ کي دفن ڪيائون پر هيل ته معصوم ٻارڙن کي جيئري ئي دفنائڻ وارن بحريه ٽائون جي ڪارندن کي جيڪو شيلٽر ڏنو اٿن، اهڙي انياءَ جي معافي ته کين دنيا ته ڇا آخرت ۾ به ڪو نه ملندي!

ds

ڳوٺ ڳوٺ، نگر نگر ۽ شهر شهر ۾ پکڙيل سنڌي اخبارن ۽ ٽي وي چيئنلز جي نمائندن کان جيڪڏهن سندن مالڪن ڪو پڇاڻو نه ڪيو ته اها ڳالهه ته سمجهه ۾ اچي ٿي پر ڇا سندن پنهنجي ضمير به کين ڪو نه جهنجهوڙيو ته هيءُ جو هيڏو خون ناحق معصوم ٻچڙن ۽ سندن استادن جو ٿيو آهي ان جي اصل ڪارڻ جو انت لڳائي ڏوهاري ڊرائيور توڙي سندس ڪمپني جو نالو عوام تائين پهچائڻ گهرجي ها. جيڪڏهن اصل ڏوهارين کي سرڪاري ڇانورو مليل هو ته ان صور ت ۾ ته هڪ هڪ رپورٽر مٿان وڌيڪ لازم ٿي پوي ٿو ته حڪمرانن جي ڪمداري ڪندڙ حد جي ڊپٽي ڪمشنر يا پوليس آفيسر جي فرض ناشناسي ۽ ڏوهارين کي پناهه ڏيڻ واري غير قانوني ۽ انسان دشمن روش کي خوار خراب ڪري پنهنجي قلم جي حرمت قائم ڪجي ته جيئن ڏکويل مائرن، ڀينرن، ڀائرن ۽ ڀينرن کي ٿورو گهڻو انصاف پلئه پوي. پئسي دولت جي لوڀ ۽ لالچ وارو وطن فروش ڪلچر گذريل ڇهن سالن اندر بي پاڙي ول جيان جيئن سمورن سرڪاري ادارن کي وڪوڙي ويٺو آهي. ان جون شاخون ميڊيا جي مهندارن مٿان به هاڻي صاف صاف ڏسڻ ۾ اچن ٿيون. بحريه فائونڊيشن نالي ادارو اسلام آباد ۽ لاهور ۾ سرڪاري زمينن جي ڀينگ ڪري ڪراچي جي سامونڊي پٽي، سپر هاءِ وي تي ٺهندڙ ڊفينس ايڪسٽينشن، ابراهيم حيدري لڳ سنڌ جي ٻن ٻيٽن ۽ هاڻوڪي نوابشاهه ضلعي اندر روهڙي ڪئنال جي ڪپ تي جنهن نموني هزارين ايڪڙ زمين والاري ويٺو آهي، ان جي سڄي سنڌ مان ڪو به سياسي اڳواڻ پڇا ڳاڇا ئي نٿو ڪري. سنڌين جو ڄڻ پنهنجي ڌرتي سان ڪو واسطو ۽ ڪو لڳاءُ ناهي. ڳوٺ آباد جي نالي ٿيندڙ فراڊ ۾ ڪراچي شهر جون لکين ايڪڙ ٻنيون تين وال ٿي ويون ته به ڪا ڌر نه ڪڇي، ڳوٺن جي آڙ ۾ افغان وستيون ۽ لکين پرڏيهين جون سوسائٽيون ٺهي ويون. سامونڊي ٻيٽن کي بچائڻ خاطر فريد دايو نالي هڪ نوجوان وڪيل سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڇهه مهينا اڳ فرياد داخل ڪئي. عدالت اسٽي آرڊر جاري ڪيو هو پر آئون پاڻ ڏسي آيو آهيان ته ٻيٽن مٿان ملڪ رياض جي ماڻهن پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ وردي وارا گارڊ بيهاري ڇڏيا آهن. عدالتي حڪم جي کليل ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي. سنڌين سان ٻيو ناحق ذوالفقار آباد نالي نئون شهر اڏڻ واري سازش هيٺ تمام تيزي سان هلندڙ آهي. انهي سنڌ دشمن منصوبي ۾ پورٽ قاسم جي سامونڊي حد کان وٺي بدين جي زيرو پوانئٽ تائين سرڪاري زمينن توڙي مقامي ماڻهن جي ٻنين جو سڄو رڪارڊ اٿلايو ويو آهي. بدين ۽ ٺٽي ضلعي پيپلز پارٽي جا عهديدار، ايم پي اي، ايم اين ايز۽ ٻياچڱا مڙس ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن ڇو ته اويس مظفر ٽپي کان وزارت واپس وٺي کيس لاڙ جي ٻنهي ضلعن اندر لکين ايڪڙن تي قبضو ڪرائڻ جو اصل ۽ وڏو ڪم سونپيو ويو آهي. ٺٽي جي ڊپٽي ڪمشنر جيڪو معمولي مختيار ڪار هو پر غير قانوني ڪمن ڪرڻ لاءِ هر وقت حاضر آهي. تنهن سال ڏيڍ اندر رڪارڊ ۾ هيرا ڦيري جا نوان نڪور مثال قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرائنٽي ڪرپشن وارا اکيون ٻوٽيو ويٺا آهن. خود ائنٽي ڪرپشن جو چيئرمن ۽ هاڻوڪي روينيو بورڊ جو ميمبر لينڊ يوٽيلائيزيشن، ايم ڊي ۽ سيڪريٽري سائيٽ جي حيثيت ۾ ڪارخانن جا لکين پلاٽ گهوٻيون هڻي، حڪمرانن کي حصا پتيون ڏيئي اڃا به وڌيڪ اهم عهدا ماڻي ورتا آهن جن تي ڪروڙن کان گهٽ رشوت ناهي. اربين روپين جي زمينن تي جيڪڏهن پنج سيڪڙو ڪميشن يا رشوت ملي ته اها ڪروڙن ۾ ئي وڃي بيهندي. 

ds2

چون ٿا ته ميمبر ايل يو جڏهن سال ڏيڍ اڳ ۾ مٽياري ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر هو ته ضلعي جي ترقياتي بجيٽ مان ست ارب يا ست سئو ڪروڙ روپيا ماٺ ميٺ ۾ پار ڪري ويو. هڪ اڳواڻي مختيار ڪار کي هاڻي حيدرآباد ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر لڳايو ويو آهي ته جيئن سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪپن تي موجود ٻيلن جي لکين ايڪڙ زمين جا کاتا ڦيرائي حڪمرانن جي مٽن مائٽن ۽ واٺن حوالي ڪري ڇڏي. سنڌ جي هڪ اڳوڻي وزير جنهن وٽ ٻيلو کاتو هو، ٽن دوستن جي روبرو مون کي جنوري جي ويهين تاريخ تي ٻڌايو ته اويس مظفر مٿس ڏاڍو دٻاءُ وڌو ته حيدرآباد شهر ٻاهران واقع مياڻي فاريسٽ جو رڪارڊ ڦيرائي سندس ڀائيوار ملڪ رياض نالي ڪري ڇڏي. وزير موصوف کيس کتو جواب ڏنو ته مياڻي جو ميدان سنڌ جو تاريخي ماڳ آهي جتي انگريزن خلاف سنڌين تاريخي ويڙهاند ڪئي. آئون اهو ماڳ بچائڻ خاطر وزارت کي لت هڻي سگهان ٿو پر اهو غير قانوني، غير اخلاقي وطن فروشي وارو ڪم نه ڪندس، نيٺ ڳالهه زرداري صاحب تائين پهتي جنهن فيصلو ڪيو ته همراهه کي ته ڇا پر سندس ڪنهن مٽ مائٽ يا پٽ کي به وزارت ناهي ڏيڻي، هاڻي وزير موصوف واندو ويٺو آهي پر مياڻي فاريسٽ مٿان بحريه فائونڊيشن کي قبضو ڪرڻ نه ڏنائين.

پڙهندڙن کي حيرت ٿيندي ته سنڌ جو اصل حڪمران آصف علي زرداري سنڌ جي پنجويهن ئي ضلعن مان ڪنهن به هڪ ضلعي تي چٽا ڀيٽي جو امتحان پاس ڪيل ڊي ايم جي گروپ جا ڊپٽي ڪمشنر پوسٽ ڪرڻ بدارن گهنور خان لغاري، آغا فخر، نوابشاهه ۾ مقرر ڪيل ڊي سي عليم لاشاري ۽ نواز سوهو جهڙا مختيار ڪار عدالتي فيصلن جي ابتڙ ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيا آهن ڇاڪاڻ ته جونيئر ۽ رٽائرڊ ٿيل ڪامورا حڪمرانن جون جتيون به کڻڻ ۾ مزو ماڻيندا آهن جيئن دولتپور ۾ وڏي وزير جا 18 جنوري تي بوٽ چوري ٿي ويا ته ڊپٽي ڪمشنر عليم لاشاري پنهنجو بوٽ لاهي وڏي وزير کي پيش ڪيو. چوڻ جو مطلب ته گذريل ڇهن سالن اندر فقط مال ڪمائڻ خاطر جهڙي ريت ادارن کي برباد ڪيو ويو آهي ۽ ڪرپشن جا جيڪي نوان عالمي رڪارڊ قائم ڪيا آهن تن جونيتجو اهونڪتو آهي ته دولتپور حادثي ۾ زخمي ٿيل ٻارڙن کي جڏهن بينظير اسپتال نوابشاهه نيو ويو ته اتي نه ڊاڪٽر هجن، نه رت جون بوتلون ۽ نه ئي دوائون!! وڏي ڳالهه ته بجلي به ڪا نه هئي. اهو ئي حشر سنڌ جي سمورن شهرن جي اسپتالن، اسڪولن، رستن ۽ گٽرن جو ٿي چڪو آهي. ترقياتي فنڊن جا کربين روپيا غائب ڪيا ويا آهن، ادارن کي بچائڻ لاءِ به سنڌ جي گهٽ گهرن کي ئي قومي فرض نڀائڻو پوندو.

جن ٻاويهن گهرن جا روشن ڏيئا دولتپور لڳ هانءُ ڏاريندڙ حادثي ۾ اجهامي ويا رڳو انهن گهرن ۾ ماتام متل ناهي. ٻيا به سهسين گهر سندن مٽن مائٽن جا توڙي درد مند دل رکندڙ ماڻهن جا، اڄ تائين سوڳوار آهن. نوابشاهه، دولتپور روڊ تي معصوم اسڪولي ٻارڙن، 22 مکڙين کي ٽڙي گل ٿيڻ کان اڳ ۾ ئي موت جو خونخوار فرشتو جنهن بيدردي سان ڳڙڪائي ويو ان جو صدمو صدين تائين پڙاڏو بڻجي گونجندو رهندو. ڪجهه ڏينهن بعد گلڙن جهڙن ٻارن جي چاليهي تي هڪ ڀيرو ٻيهر انهي المناڪ واقعي جو درد سموري انسان ذات جي ضمير کي جنجهوڙي ڇڏيندو. پر ڇا اسان جا حڪمران عام انسان جهڙو ضمير رکندڙ آهن؟ ڇا سندن رت ۾ انسان دوستي جو خمير آهي؟ انهن سوالن جو چٽو پٽو جواب آهي: A big No.

جيڪڏهن اسان جي حڪمرانن وٽ زنده ضمير ۽ سندن رت اندر سچو خمير هجي ها ته سنڌ امڙ جون هزارين ايڪڙ زمينون ڪياماڙي جي سامونڊي پٽي کان روهڙي ڪئنال جي ڪپرن تائين ڀڳڙن مٺ تين وال ڪري، رياض ملڪ جي ملڪيت نه بڻايو وڃي ها. اسين ڄاڻون ۽ سڃاڻون ٿا ته اسان سنڌين جي قومي ملڪيت ۾ کاٽ هڻندڙ پنجابي ٽولي سان پڪ اسان جا پنهنجا چونڊيل نمائند ا۽ حڪمران جٽ آهن ۽ ڌرتي ماءَ کي ڳڀا ڳڀا ڪري لڪ چوري ۾ وڪرو ڪندا ۽ مال ميڙيندا رهن ٿا. اڳوڻو صدر آصف علي زرداري جيڪڏهن سنڌي ماڻهن لاءِ تر جيترو به احساس يا همدردي رکندڙ هجي ها ته پاڻ سمورا ڪم ڪار ڇڏي پنهنجي جي ضلعي نوابشاهه پهچي روئندڙن ڏيئي روئيندڙ مائرن ۽ ڀينرن کي آٿت ڏئي ها، ڊمپر هلائيندڙ انڌو ڊرائيور ۽ سندس انڌن اونڌن مالڪن کي گرفتار ڪرائي ڏک درد جي ماريل مائٽن جي ڦٽن تي مرهم رکي ها، چوڌاري سندس واهه واهه ٿي وڃي ها پر زرداري صاحب جو هاڪ سان ڪهڙو واسطو، ڪهڙو رشتو ناتو ؟ هن جي ته فقط هڪڙي آرزو فقط هڪڙي خواهش آهي ته ڪنهن به ريت دنيا جو سڀ کان وڏو دولتمند بڻجي ڏيکاريان. ثبوت طور لاهور شهر ۾ زرداري صاحب لاءِ ٺاهيل ڪروڙين روپين وارو محلات ئي ڪافي آهي. ڇا اسان جي Mother parliament سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اندر به هڪڙو اهڙو غيرت وارو حلالي پٽ ناهي جيڪو اهو سوال اٿاري ته آخر سنڌي عوام جون هزارين اڪڙ قيمتي زمينون ۽ ملڪيتون ڪهڙي قانون هيٺ ڪراچي کان نوابشاهه تائين فقط هڪ بدنام اداري بحريه فائونڊيشن حوالي ڪيون پيو وڃن؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو