Home / ڪتاب / سفر ڪهاڻيون زندگي سفر در سفر!
above article banner

سفر ڪهاڻيون زندگي سفر در سفر!

ولي محمد روشن

نصير اعجاز ۽ منهنجي ملاقات سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي حوالي سان ٿي. نصير اعجاز ان وقت به قلم ڌڻي هو ڇاڪاڻ ته صحافي هئڻ جي ناتي لکڻ جو ڪم ڪندو هو. پاڻ ان زماني ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جو سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي آيو ۽ آءٌ ان وقت سيڪريٽري جنرل هوس. انهيءَ ڪري ملاقات گهري دوستيءَ ۾ بدلجي وئي، قلم ڌڻي بنيادي طور تي ڏات ڌڻي هوندو آهي. انهيءَ ڪري سندس نگاهه ڌرتيءَ جي هر ننڍي وڏي مسئلي ڏانهن هوندي آهي، اهڙي صورتحال ۾ هو سماجيات ۽ سياست تي عقاب واري نظر رکندو آهي. نصيراعجاز به پنهنجي سفر نامي ۾ مختلف مشاهدا لکندي اتي جي سماجي ۽ سياسي صورتحال سان هر وقت پنهنجي ڌرتيءَ جي سماجي ۽ سياسي صورتحال جو تقابلي جائزو وٺندو رهيو آهي. نصير اعجاز جي پنهنجي ماڻهن سان محبت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته هوائي جهاز وسيلي اسلام آباد کان موٽندي به سنڌين جي تلاش ۾ آهي ۽ ساڳئي وقت ڪوريا ويندي دبئي تائين به سنڌين جي ملڻ جي آس ۾ رهي ٿو. پر سنڌي ماڻهن کي پٽ تي ويهڻ انهي ڪري سٺو نه ٿو لڳيس ڇاڪاڻ ته پرائي ديس جي ايئر پورٽ تي اها ڳالهه مانائتي تصور نه ٿو ڪري. نصير اعجاز جوانيءَ کان وٺي جتي هڪ جذباتي انسان رهيو آهي. اتي رومانس سندس طبيعت ۾ سمايل آهي. جنهن جو ذڪرو پنهنجي ڪوريا جي سفر نامي ۾ سوراڪ جبل تي بائڪدام مندر ڏانهن ويندي حسين نظارن کي ڏسندي دل ۾ رومانس جي عجيب احساس پيدا ٿيڻ جو ذڪر ٿو ڪري. اهوئي رومانوي احساس انسانن کي تخليقڪار جي سهڻي ۽ عجيب تخليق تي سوچڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي، جيڪو اڳتي هلي کيس انسانيت جي عظمت جو علمبردار بنائيندو آهي. ساڳئي وقت اتي هڪ ٻڌمت جي پروهت طرفان ماني کائڻ جي ٻڌايل طريقي کي ڏکيو سمجهندي به مثبت تصور ڪندي لکي ٿو ته “ٻڌمت واري لنچ اسان کي ڏکي لڳي پر حقيقت ۾ حياتيءَ ۾نظم ضبط ۽ پنهنجو ڪم پاڻ ڪرڻ سادگي ۽ خدا جي ڏنل رزق زيان نه ڪرڻ جو وڏو سبق مليو” نصير اعجاز سنڌ جي سماجي ۽ سياسي مسئلن ڏانهن تمام گهڻو توجهه ڏيندي فڪرمند آهي. پاڻ سفر دوران اهڙين ڳالهين ڏانهن خاص ڌيان ڏئي ٿو جنهن جو اظهار سندس “مانهاءِ” پروهت متعلق ڏنل احوال مان پوي ٿو. مانهاءِ متعلق لکي ٿو ته “اهو 1905ع ۾ پروهت ٿيو. پنجن ورهين کان پوءِ هن هڪ مضمون لکي ڪوريائي ٻڌمت جي غلط ڳالهين کي رد ڪيو ۽ ٻڌمت ۾ سڌارن لاءِ زور ڀريو. سندس خيال موجب سڌارن کانسواءِ ٻڌمت ۽ قوم جو جياپو ممڪن ڪونه هو. مانهاءِ جبلن ۾ ويهي مراقبن بدران سرگرم جدوجهد ذريعي هن بيٺڪي ڪوريا جون تاريخي حقيقتون ڳولي لڌيون. سندس اهائي جدوجهد جپاني بيٺڪي راڄ جي خلاف تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري وئي”.

پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته هتي سنڌ ۾ ڪوبه ملان، مولوي يا عالم سنڌ جي جديد بيٺڪيت واري صورتحال ڏانهن ڏسڻ به گوارا نه ٿو ڪري. سنڌ صدين کان مختلف مسئلن ۾ پيڙبي رهي ٿي. جيڪا صدين کان صوفين ۽ سيڪيولر سوچ رکندڙ قوم جي ڌرتي رهي آهي انهيءَ تي دقيانوسي سوچ رکندڙ بنياد پرست پروهت قبضو ڄمائي فتوائون جاري ڪرڻ ۾ رڌل آهن. خبر نه آهي ته اڳتي هلي هن ڌرتي ڌڻين کي ڪهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو.

نصير اعجاز ڪوريا ۾ ڪوريائي ٻوليءَ ۾ سموري تعليم ڏيڻ جو ذڪر ڪيو آهي ۽ ٻولين جي رومنائيزيشن لاءِ ڌيان ڇڪايو آهي. مون کي خبر آهي ته نصير اعجاز ليکڪ، صحافي ۽ دانشور جي حيثيت سان انهيءَ ڳالهه کان ڀلي ڀت واقف آهي ته سنڌي ٻوليءَ تي موجوده لپيءَ ۾ لکڻ ۽ انهيءَ کي ادبي ٻوليءَ جي ڍنگ ۾ آڻڻ يعنيٰ ان جي گرامر کي ترتيب ڏيڻ لاءِ ڌارين جو احساسن آهي. اسان جا ٻوليءَ جا ڄاڻو ۽ تعليمدان اهڙي روش اختيار ڪري رهيا آهن ڄڻ سنڌي ٻولي سندن مسئلو نه آهي. سنڌي دانشور ته ذاتي اختلافن کان ٻاهر نڪري نه ٿا سگهن پر سياستدان ته انهيءَ کان مڪمل غير وابسته ٿي سوچين ٿا. اسان جي هڪ ساٿيءَ جي چواڻي ته هو ۽ سندن اولاد ته وات چٻو ڪري انگريزي ڳالهائڻ ۾ فخر محسوس ڪري رهيا آهن. جتي پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي درسگاهن مان نيڪالي ڏني وئي، اتي اڄ ڪلهه سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾ پڻ اسڪول قائم ڪري سنڌي پڙهائڻ بند ڪري رهيا آهن. حيرت انهيءَ ڳالهه تي آهي ته اتي رهندڙ سنڌي جن جي ٻولي سنڌي ادب ۾ وڏي جاءِ والاري ٿي، اهي پڻ انهي ڳالهه ڏانهن ڪوبه ڌيان نه ٿا ڏين. مون هڪ وڏي سنڌي ڪاموري سان ڪجهه وقت ڪم ڪيو، جيڪو ڪافي وقت سنڌ حڪومت ۾ تعليم کاتي جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهي، انهيءَ ڳالهين ۾ ڪراچيءَ جي هڪ وڏي اسڪول ۾ سندس پڙهندڙ ٻارن جي انگريزيءَ تي مهارت جي ڏاڍي واکاڻ ڪئي پر ڪڏهن به سنڌي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ ۽ پڙهائڻ جو ذڪر نه ڪيو، اوهان ڄاڻو ٿا ته اهي سنڌي دانشور ۽ وڏا اديب پنهنجي گهر ۾ ٻارن سان انگريزي يا اردوءَ ۾ ڳالهائين ۽ سنڌي ٻارن کي سنڌي چڱيءَ طرح ڳالهائڻ به ڪانه اچي. ٻي ڳالهه ته پري اهڙا پر هندستان ويل سنڌين اتي سنڌيءَ کي قومي ٻولين ۾ شامل ڪرائي ڇڏيو پر سنڌ ۾ سندن ٻولي ادبي طور شاهوڪار هوندي ۽ علمي خزانن کي سانڍيندي به پاڪستان جي قومي ٻولي ته نه ڪرائي سگهياسين پر ان کي علائقائي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو آهي، ڄڻ ڪنهن قبيلي جي ٻولي هجي. اڄ اسان کي ائين لڳي رهيو آهي ته اسان سياستدان هجون، سماج سڌارڪ هجون، اديب هجون، تعليمدان هجون يا دانشور هجون، سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان قومي غيرت وڃائي ويٺا آهيون.

نصيراعجاز هونءَ ته ڏاڍو دلچسپ ماڻهو آهي پر هڪڙي ڳالهه مزي جي نه اٿس جو پرائي ديس ۾ پنهنجي ملڪ کي ياد ٿو ڪري، سو به جبلن ۽ ٽڪرن کي. پاڻ ڪوريائي جبلن جو مشاهدو ڪندي جبل تي ڪجهه ڏکي رات گذارڻ تي گورک کي ياد ٿو ڪري ۽ ان جي سونهن سوڀيا تي سوچيندي سنڌ سرڪار ڏانهن متوجهه ٿو ٿئي ته سائين گورک هل ته سنڌ جي سونهن آهي، سنڌ حڪومت لاءِ اهو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي جو اتي ترقياتي ڪم ڪرائي، انهيءَ جي صورتحال سهڻي بنائي سياحن کي ڏيکارين. کين ڊپ آهي ته سياح سنڌ جي خوبصورتي ڏسي نظر نه هڻي وجهن، پوءِ الائي ڪهڙن نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ڇو ته گذريل وقت ۾ پٺاڻن به اچي ديرا ڄمايا هئا. انهيءَ ڪري سنڌ سرڪار اهڙو جوکم جو ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. دراصل سنڌ جي ڪاموري جي ڪهڙي واکاڻ ڪجي، هو ته بي حس ۽ پنهنجي ڌرتيءَ کان اڻ واقف آهي، هو ڌرتي وڪڻڻ ڄاڻي باقي ان کي خوبصورت بنائي ان جو تحفظ ڪرڻ هن جو ڪم نه آهي. رڳو سڻڀي ڪرسيءَ جي تلاش ۾ آهي. ايترو به نراس نه ٿيڻ کپي جنهن گورک جي ويهين صديءَ ۾ تلاش ٿي آهي اها ايڪيويهن صديءَ ۾ ٺهي راس ٿيندي.

نصيراعجاز پنهنجي سفر جو احوال ڏيندي مختلف ملڪن جي سياسي، سماجي ۽ انتظامي صورتحال ٻڌائيندي پنهنجي ملڪ جي ڪيترن مسئلن جي نشاندهي ڪندو رهيو آهي. پاڻ سنڌو ۾ پاڻي نه هئڻ، سنڌ ۾ تعليم جو مسئلو، ڌاڙن ۽ ڦرن جو مسئلو، ثقافت کان وٺي تهذيب ۽ رهڻي ڪهڻي تائين مسئلن کي زير بحث آندو اٿس انهن سڀني تي تفصيلي لکڻ سان نصير سائين جي لکيل ڪتاب کان چوڻو ڪتاب ٺهي پوندو.

نصير اعجاز پنهنجي سفر نامي کي صرف سفري ڳالهين تائين محدود نه رکيو پر انهن ملڪن جي تاريخ، جاگرافي، سياست، سماجي اڏاوت، تعليم، اقتصادي ترقي ۽ تهذيب کي قلمبند ڪري، پڙهندڙ لاءِ وڏي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو