Home / سنڌ افيئر / سنڌي جنگين ۾ ڇو هارائيندا رهيا؟
above article banner

سنڌي جنگين ۾ ڇو هارائيندا رهيا؟

نصير اعجاز

14

سڪندر مقدونيءَ جڏھن سنڌ تي حملو ڪيو ھو ته ھتان جا مقامي سردار ۽ مختلف پرڳڻن جا حڪمران قوم سان غداري ڪري پنھنجي جان بچائڻ لاءِ ساڻس ملي ويا ھئا. ڪيترن ئي سردارن کي ھن لالچون ڏئي خريد ڪري ورتو ھو. پوءِ رڳو سنڌي قوم جا جوڌا انفرادي ٽولن جي شڪل ۾ ساڻس جنگ جوٽيندا رھيا. بنا قيادت ۽ غير منظم ويڙھه ۾ ھزارين سنڌي ڪونڌر ڪسجي ويا. تاريخ جي ھڪ ٻئي موڙ تي جڏھن ڪجھه ھزارن تي مشتمل عرب فوج سنڌ تي ڪاھه ڪئي ته ديبل جي مندر تي منجنيق جو پٿر لڳڻ سان سنڌ جي شڪست جي شروعات ٿي وئي. ان وقت به اندروني ويڙھه، سازشن ۽ مقامي سردارن ۽ پرڳڻن جي گورنرن جي غداريءَ قوم کي شڪست جي ذلتن ڏانھن ڌڪي ڇڏيو ۽ غلاميءَ جو ھڪ ڊگھو دور شروع ٿي ويو. ڏاھر جي وڏي فوج به عرب ڦورن کي منھن نه ڏئي سگھي ۽ ھزارين سنڌي سپاھي مارجي ويا، ھزارين گرفتار ٿيا ۽ ھزارين نياڻيون عزتون لُٽائي ويٺيون. تاريخ ٻڌائي ٿي ته راجا ڏاھر نظرياتي ۽ مذھبي ڦوٽ جو شڪار ٿيو جو برھمڻن جي غلبي سبب ٻُڌ مت جا ماڻھو بيزار ھئا. ديبل کان ويندي اروڙ تائين جتي به ٻُڌ مت جا پوئلڳ ھئا، جن ۾ اروڙ جو گورنر به شامل ھو، تن ڏاھر خلاف عربن جو ساٿ ڏنو. عربن جي ڪاھه جو اطلاع اڳواٽ ملڻ تي ڏاھر اڳتي وڌي جنگ جوٽڻ ٿي چاھِي پر سندس غدار صلاحڪارن ۽ گورنرن کيس چيو ته عرب ھتي اچي لُٽ ڦُر ڪري ھليا ويندا انڪري وڙھڻ جي ضرورت ناھي. ان صورتحال ۾ جڏھن عرب جارح آيا ته ڏاھر دفاعي پوزيشن ۾ اچي ويو ۽ جنگ ھارائي مارجي ويو.

ارغونن، تُرخانن ۽ مغلن جي دور ۾ به ساڳيا ئي ڪارڻ سنڌين جي شڪست جو سبب بڻيا ۽ سنڌي ڏن ڀرُو ٿي جيئندا رھيا. ھتي ڊچ اچي تباھي ۽ بربادي پکيڙي ويا پر سنڌي ڪجھه نه ڪري سگھيا. ٽالپر حڪمرانن جي نااھلي، بي عقلي ۽ نفاق انگريز فوج کي سنڌ تي قبضي جو موقعو ڏنو. عياشين ۾ رُڌل ٽالپر حڪمران سنڌ کي ٽڪرا ڪري الڳ حڪومتن جو بنياد نه رکن ھا ۽ پاڻ ۾ متحد ھجن ھا ته شايد سنڌ کي شڪست نصيب نه ٿئي ھا. “ميرن کي پنھنجي گھران لڳڻ” واري چوڻي به تڏھن ئي مشھور ٿي. جيئن ڏاھر جي زماني ۾ برھمڻن جي تسلط سبب ٻُڌ مت جي ماڻھن جارح عربن جي مدد ڪئي تيئن ٽالپرن جي زماني ۾ سندن مذھبي تعصب وارين پاليسين سبب نائونمل جھڙا غدار پيدا ٿيا. ميرن وٽ ڪا باقاعده فوج به ڪانه ھئي. جڏھن انگريز جارح فوج مٿان اچي پھتي تڏھن ٽالپرن رضاڪارن کي گڏ ڪيو جيڪي ڀالا، تلوارون، پراڻيون بندوقون ۽ ڪجھه توبون کڻي مياڻيءَ جي ميدان ۾ لٿا. انگريز فوج پيشه ورانه طور سکيا ورتل ۽ جديد ھٿيارن سان ليس ھئي. وٽن توبون به ھيون ته ٻيا اھڙا ھٿيار به ھئا جيڪي 100 کان 150 والن تائين مار ڪري ٿي سگھيا. ميرن جي رضاڪار فوج 8000 کن ھئي جڏھن ته انگريز فوج ان جي ٽئين حصي برابر ھئي. ايئن چئن پنجن ڪلاڪن جي ويڙھه ۾ پنج ڇھه ھزار رضاڪار سنڌي سپاھي شھيد ٿي ويا ۽ سنڌ انگريزن جي ھٿن ۾ ھلي وئي. سنڌي رضاڪار سپاھين جو حوصلو بلند ھو پر انگريزن جي رائفلن جو مار سنڌين جي حوصلن کان وڌيڪ خطرناڪ ھو. ٽالپرن موجب انگريزن جا به 3000 فوجي مئا پر انگريزن جي رڪارڊ موجب سندن انڊين آرميءَ جا ڪل 62 سپاھي مئا ۽ 194 زخمي ٿيا. مياڻيءَ جي جنگ ۾ مير شير محمد ٽالپر جي 8000 رضاڪار فوج به شامل نه ٿي سگھي جو ھو دُٻي (دو آبي) وٽ انتظار ڪندو رھيو ۽ جڏھن مياڻيءَ جي ميدان ۾ سنڌين کي شڪست ملي تڏھن ھن انگريزن کي للڪاريو. ھن انگريزن کي 48 ڪلاڪن ۾ حيدرآباد خالي ڪرڻ جو الٽيميٽم ڏنو پر جواب توبن جا گولا ڇوڙي ڏنو ويو. مير شير محمد به دُٻي واري جنگ ھارائي ڏھه سالن تائين گوريلا جنگ وڙھندو نيٺ اچي انگريزن آڏو پيش پيو. دُٻي واري جنگ کان وٺي “مرويسون مرويسون، سنڌ نه ڏيسون” نعري جو پڙاڏو اسان جي ڪنن ۾ گونجندو رھي ٿو. اڄ به سنڌي ان نعري جي آڌار پنھنجا حوصلا بلند رکندا ھڪ غير منظم قوم طور پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ وڙھندا رھن ٿا، پر بنا ڪنھن نتيجي. سورھيه بادشاھه شھيد پير صبغت الله به وطن يا ڪفن جو نعرو ھڻي انگريزن سان جنگ جوٽي پر آزاديءَ جي ان جنگ جو انجام توڙي ان جا ڪارڻ سڀني جي آڏو آھن. انگريز کان اڳ آيل سمورا جارح موٽي ويا. پوئتي ڪي ماڻھو رھجي به ويا ته ھو سنڌي سماج ۾ جذب ٿي ويا. انگريز اھڙو مڪار ھو جنھن سنڌين کي منھن ڏيڻ لاءِ پنجابين جي لوڌ لڏائي آڻڻ سان گڏ غدار قبيلن کي بلوچستان مان آڻي جاگيرون ڏئي سنڌ ۾ آباد ڪيو. ايئن ھنن مقامي آباديءَ جي تناسب کي ڌڪ ھنيو. 

13

سنڌين جي انھن شڪستن جي ڇنڊڇاڻ ڪجي ته ڪيترائي ڪارڻ آڏو ايندا جن ۾ نظرياتي ۽ سياسي ڦوٽ، منظم فوج نه ھجڻ، نظم ضبط جي اڻھوند، جنگ جي رٿابنديءَ جو نه ھجڻ، جاگيردارن، سردارن ۽ وڏيرن جي غداري ۽ سنڌي حڪمرانن جي اٻوجھائي ۽ نا اھلي توڙي مفاد پرستي وغيره شامل آھن. ورھاڱي کانپوءِ ھٿ ٺوڪي آزاد ملڪ ۾ ته سنڌ ۽ سنڌين جون حالتون ويتر خراب رھيون آھن. جيئن ماضيءَ جي جارح بادشاھن سنڌ تي قبضي لاءِ مذھب جي آڙ ورتي تيئن پاڪستان ٺھڻ کانپوءِ به مذھب کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو ويو. ساڳي طرح وڌيڪ لوڌون آڻي سنڌين جي آباديءَ جو توازن خراب ڪيو. اڄ به سنڌ ۽ سنڌي غلام آھن، سندن وسيلن تي قبضو آھي، سندن ٻولي ۽ ثقافت خطري ۾ آھي، سندن وجود ميسارجڻ جو انديشو آھي. سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ جون سازشون تيار ٿي رھيون آھن. سنڌين جي ويڙھه به جاري آھي پر مختلف محاذن تي شڪستون به نصيب ٿينديون رھن ٿيون. 

شڪست جنگ جي ميدان ۾ ھجي يا سياسي ميدان ۾، نفسياتي، ثقافتي، سماجي توڙي اقتصادي ميدان ۾ ھجي، جيڪڏھن ڪا قوم ھارائي ٿي ته ان کي شڪست ئي چئبو. 

مان اڪثر سوچيندو آھيان ته اسين سنڌي عظيم تھذيب جا وارث، جنگي جوڌا، سدائين پنھنجي ڌرتي، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ وڙھندا رھيا آھيون. وجود کي بچائڻ لاءِ وڙھيل انھن باقاعده جنگين ۽ بيقاعده ويڙھاند سان ڀريل تاريخ جا قصا پنھنجي ھر نئين نسل کي پڙھائي ۽ زباني ٻڌائي سندن حوصلا وڌائيندا پاڻ پوڙھا ٿيندا رھيا آھيون، پر ڪڏھن به کين سنڌين جي شڪستن جي ڪارڻن کان آگاھه نه ڪيوسين. ڪڏھن به انھن ڪارڻن جو تجزيو نه پاڻ ڪيوسين نه پنھنجي نئين نسل کي ان پاسي سوچڻ تي مجبور ڪيوسين ته جيئن ھو ماضيءَ جي غلطين جي ڇنڊڇاڻ ڪري مستقبل ۾ پنھنجي قومي خودمختياري بحال ڪرڻ ۽ قائم رکڻ لاءِ ڪا حڪمت عملي ٺاھي سگھن. 

سنڌ جي تاريخ مٿس حملن جي واقعن ۽ قصن سان ڀري پئي آھي.جيئن مون مٿي ذڪر ڪيو آھي، سنڌين ڀرپور مزاحمت به ڪئي آھي. ھزارين جوڌن پنھنجي جانين جو نذرانو ڏنو آھي، پوءِ به ڪو ٿورڙو وقت ئي اھي خودمختيار رھي سگھيا آھن. ايئن به چيو وڃي ٿو ته سنڌي سدائين امن پسند قوم رھيا، خوشحال ھئا، وسيلن وارا ھئا، تنھنڪري ھنن نه ڪڏھن ٻين خلاف جارحيت ڪئي ۽ نه ڪڏھن جنگجو قوم بڻجي سگھيا. وري اھو به پڙھون ٿا ته نه رڳو سنڌ ڌرتيءَ کي بچائڻ لاء ھنن گوريلا جنگيون وڙھيون ۽ “ھڻ ڀالا وڙھه ڀاڪرين، آڏي ڍال مَ ڍار” جيان به ميدان ۾ نڪري سڌو سنئون دشمن فوج سان مُھاڏو اٽڪايائون پر ايران ۽ آفريڪا تائين ٻين جي فوج ۾ شامل ٿي به جنگي ڪارناما انجام ڏنائون، پوءِ ڇو اسان جي تاريخ شڪستن ۽ غلاميءَ جي ذلتن سان به ڀري پئي آھي. اھو غلاميءَ جو ڳٽ جيڪو اڳي به اسان جي ڳچيءَ ۾ ھو ۽ اڄ به ان ڳٽ کي ڳچيءَ مان نه ڪڍي سگھيا آھيون. 

ڇا ان کي اسان ڪافي سمجھون ٿا ته اسان زنده آھيون؟ ڇا اسين صرف ان نعري جي پڙاڏي ھيٺ مسڪينن واري حياتي گذاري زندگيءَ جا باقي ڏينھڙا گھارڻ کي مناسب سمجھون ٿا ته “سنڌي عظيم تھذيب جا وارث آھن، ان قوم کي ڪير به ختم نٿو ڪري سگھي، اھا قوم، سندس ٻولي ۽ ثقافت سدائين زنده رھندا”. مان ايئن بلڪل نٿو چوان ته سنڌي ماٺ ڪري ويٺا آھن ۽ ڪجھه به نٿا ڪن. اسان وڙھندا رھيا آھيون، وڙھون پيا ۽ وڙھندا رھنداسين. پنھنجي ڌرتي، پنھنجي وجود، پنھنجي ٻولي ۽ ثقافت لاءِ پر ڇا اھو ضروري ڪونھي ته اسان پنھنجي بقا جي جنگ جي ڪا حڪمتِ عملي ٺاھيون؟ ڇا منظم جدوجھد اسان لاءِ ضروري ڪانھي؟ ڇا اھو جائزو وٺڻ لازمي ناھي ته اڻ ڳڻيون قربانيون ڏيڻ ۽ ڊگھي جدوجھد جي باوجود اسان پوئتي ڇو ڌِڪبا ٿا وڃون؟ ڇا غيرمنظم جدوجھد جي نتيجي ۾ اسان پنھنجا ڪونڌر ڪُھائڻ جو سلسلو جاري رکنداسين؟

ٿي سگھي ٿو ته گھڻا ئي دوست، خاص طور سنڌ جون قومپرست تنظيمون، جيڪي اصل ۾ پريشر گروپن کان وڌيڪ ڪا شڪل اختيار نه ڪري سگھيون آھن، منھنجي ان سوچ کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏين، پر مان کانئن به اھو ئي سوال ڪندس ته اھي پاڻ ڪيتري قدر منظم آھن؟ 

ھنن سنڌي قوم کي ڪيتري حد تائين منظم ڪيو آھي؟ ھنن ڪھڙا قابلِ ذڪر ڪارناما انجام ڏنا آھن؟ سنڌي قوم لاءِ ڇو خطرا گھٽجڻ بدران وڌندا پيا وڃن؟ ۽ جيڪڏھن ھو انھن خطرن کي محسوس ڪن ۽ سنجھن ٿا ته ھنن مستقبل لاءِ ڪھڙي حڪمتِ عملي ٺاھي آھي؟ ڇا ھو ميڊيا جھڙي ھٿيار ۽ موتمار جديد ھٿيارن سان ليس دشمنن کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھن؟ ڇا ھو ھن علائقي ۾ بين الاقوامي قوتن جي مفادن ۽ منصوبن کي سمجھن ٿا؟ جيڪڏھن ھا، ته پوءِ ھنن ڪھڙي تياري ڪئي آھي ڪنھن به امڪاني صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ؟

مان نٿو سمجھان ته اسان اھڙي ڪنھن به صورتحال کي منھن ڏيڻ لاءِ تيار آھيون. منھنجي ھنن خيالن ۽ سوچ تي بحث ٿيڻ گھرجي. ممڪن آھي ته ان سان سنڌين کي درپيش خطرن ۽ حالتن جي اڃا وڌيڪ ڇنڊڇاڻ ٿي سگھي. ممڪن آھي ته ان سان اسان اھو سمجھي سگھون ته جنگ کٽڻ لاءِ رڳو دليري ۽ ھمت نه پر نظم ضبط، رٿابندي ۽ ٽيڪنالاجي گھرجي. 

لکيڪ سينيئر صحافي آهي، هي ليک خاص طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو