Home / اسپيشل افيئر / سنڌي وڏيرو- مين نون نوٽ وکا ميرا موڊ بڻي!
above article banner

سنڌي وڏيرو- مين نون نوٽ وکا ميرا موڊ بڻي!

مظهر

شروعات انگريزن جي دور کان ٿي جڏهن وڏيرن کي سر، خانبهادر جا خطاب ۽ جاگيرون مليون. غيبي خان چانڊئي جهڙن کي جادوئي انگن اکرن ۾ 9 لک 99 هزار 9 سئو 99 ايڪڙ جاگير ملي ۽ ان سان گڏ کيس آنرري ميجسٽريٽ جا اختيار به مليا ته جيئن هو جرڳائي چيف جسٽس طور پنهنجو ڪم جاري رکي. صاف ظاهر آهي ته عام ماڻهن لاءِ ”انٽيليڪچوئل“ وانگر ”آنرري“ وارو لفظ اچارڻ انتهائي آسان هو تنهن ڪري سموري برٽش هندستان ۽ برٽش سنڌستان ۾ ماڻهو آنرري ميجسٽريٽن کي ”اناڙي ميجسٽريٽ“ ئي چوندا هئا.

اسٽيريو ٽائيپ آهي ته انگريزن اهي رعايتون، جاگيرون ۽ خطاب اهڙن ماڻهن کي ان لاءِ ڏنا هئا ته جيئن هو اثرائتي نموني انگريزن جي ايجنٽي ڪن ۽ ايئن انگريزن جي حڪمرانيءَ جو مور انهن ”مامن“ ۽ ”چاچن“ جي ڪلهي تي ڀلي پيو ٽلي. ۽ اها ڳالهه درست به هئي. پر اسٽيريو ٽائيپ ٺاهيندڙن ۽ ان ۾ صدين تائين چاٻي ڀريندڙن ڪڏهن اها ريسرچ ڪرڻ جي تڪليف نه ڪئي ته ڪٿي ايئن ته ڪونه هو ته ان سڀ ڪجهه سان گڏ ڪنهن ناسٽيلجيا وچان انگريزن جي اها خواهش به هئي ته برٽش هندستان ۽ برٽش سنڌستان ۾ به برطانوي تاج جي رکواليءَ لاءِ مقامي لارڊ، ڪائونٽ ۽ نواب موجود هجن جيڪي ”سولائيزڊ“ نيٽو هجن، جيڪي اعلي تعليم يافته  ۽ شيڪسپيئر جا شوقين هجن، جن جون بيگمات، صاحبزادا ۽ صاحبزاديون ڪولونيل سوسائٽيءَ ۾ سوشلائيز ڪن ۽ برطانوي ليڊيز وانگر بگين ۾ چڙهي هلن ۽ اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي نتيجي ۾ هتي اجنبيءَ واري زندگي گذاريندڙ انگريز پاڻ کي ڪجهه ڪجهه پنهنجي Habitat ۾ محسوس ڪن. ڪٿي ايئن ته ڪونه هو؟

پر انگريزن جيڪي به اميدون رکي کين نوازيو گهٽ ۾ گهٽ برٽش سنڌستان جي وڏيرن مان اهي پوريون ڪونه ٿيون. سنڌي وڏيرا جاهل ۽ ”هــِــل“ رهيا، پنهنجي رعايا، ڪمزورن ۽ عورتن لاءِ ڪارو ڪاريون ۽ ٻين ذلالتن جا ڪارخانا هلائيندا رهيا. هنن جون زالون، ڀينرون ۽ ڌيئرون سوشلائيز نه ڪري سگهيون ۽ نڪو بگين ۾ گهمي سگهيون. هنن شيڪسپيئر جا ڊراما اسٽيج ڪونه ڪرايا ۽ نه ئي سوسائٽيءَ ۾ ڪنهن به جدت کي پروموٽ ڪيو. هنن مان ڪن جا پٽ جيڪڏهن ٻاهران پڙهي آيا ته اهي پنهنجي واهيات ورثي کي ئي اڳتي وڌائڻ لڳا. هنن جي اوطاق ۾ ٻارن کي ڊيڄاريندڙ ڏاڏي جي ”ٻائو“ جهڙي تضوير ٽنگيل رهي.برٽش سنڌستان جي وڏيري انگريز کان هر شيءَ حاصل ڪئي پر نه پنهنجي وارن کي سٺو هيئر ڪٽ ڏنو ۽ نه ئي پنهنجي ذهن جي اوجهڙ ۾ ڪا چڻنگ ٻاري.انگريز هن عجيب و غريب ”چيز“ کي تجسس مان ڏسندو رهيو. سنڌي وڏيرو جهالت جي سڀني جهانن جو پيغامبر رهيو. اڳتي هلي اهو وڏيرو ترڪي ٽوپي پائي مسلمان ليگ ۾ شامل ٿي ويو ۽ هڪ عظيم بابي پٺيان ٽوپيءَ جو ۽ پنهنجو پڇ لوڏيندو سنڌ کي ان بليڪ هول ۾ وٺي ويو جنهن ۾ اڳتي هلي 64 ورهين تائين جمهوريت ۽ آئين بدران رڳو ”قـنـون“ جي حڪمراني قائم رهڻي هئي.Holy shit!!!!!!!

جڏهن هاري حقدار جي نعري سان هاري ڪميٽي ميدان تي آئي ته ”قنــون“ جي حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ اهوئي واهيات وڏيرو مڇون وٽيو سنڌ جي تخت تي براجمان ٿيو ويٺو هو. ۽ ان وڏي خنده پيشانيءَ سان سنڌ کي چئوکنڀو ٻڌي ون يونٽ جي اونهي کوهه ۾ اڇلي ان جي ايصال ثواب لاءِ خيرات جي ماني به ڪرائي. هاري ڪميٽيءَ جا ٻه ڊزن ماڻهو بشمول هڪ عورت مائي بختاور ان وڏيري ۽ سندس ساٿي ”قــنون“ هٿان شهيد ڪيا ويا. هاري ڪميٽيءَ جي ورڪرن، شاعرن، اديبن ۽ ڪيترن ئي رسالن جي ايڊيٽوريل لکندڙن سڀ کان پهرين وڏيري جي ان روپ کيcontemporary ريئل ازم آڌار لکيو ۽ ٻڌايو ۽ ان روپ کي ماڻهن جي سوچ ۽ پبلڪ اوپينيئن جي خوراڪ بنجڻ لاءِ پيش ڪيو. اها پيشڪش  اهڙي طاقتور هئي جو ان جو اسٽيريوٽائيپ بڻجڻ اڻٽر هو.

Picture3

وقت درياهه هو ته وڏيرو به ڪنهن واڳونءَ وانگر ان جي وهڪري ۾ هو. ضياءُ جو زمانو اچڻ تائين اهو مڪمل طور ته نه پر ڪجهه معاملن ۾ اهڙو ڪونه رهيو جهڙو ان کي 1947 کان وٺي پيش ڪيو پئي ويو. ڏسڻ واري اک ان کي ايئن نه ڏسي سگهي ته ان ۾ ان جو ئي ڏوهه هو، پر ڪن صورتن ۾ جيڪڏهن اهو وڏيرو ايوب کهڙو هو ته ڪن جاين تي اهو عبدالحميد جتوئي به هو. ڪٿي اهو جيڪڏهن ممتاز ڀٽو هو ته ڪنهن جاءِ تي اهو عبدالڪريم پلي به هو.

هر اسٽيريوٽائيپ وانگر هن به ٻه نتيجا ڏنا. هڪڙو ته indoctrination  جي اوزار وانگر ان وڏيري سان ماڻهن کي نفرت ڪرڻ سيکاريو ۽ ايئن ڪرڻ کي ئي ideal behavior طور پروموٽ ڪيو. ٻيو ته ڪردارن جي قحط واري ڪلچر ۾ وڏيري کي ثقافت جو حصو بنائي ڇڏيو. بورجوا کاتي جي ڊسڪورس موجب ڪلچر کي مٿيون طبقو ليڊ ڪندو آهي. سنڌ ۾ سوچ کي سمت ڏيندڙ لڏو ان ڊسڪورس جي وچڙندڙ بيماريءَکان بچي نه سگهيو. چي: جي وڏيري کي ڪڍي ڇڏيندئو ته ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ اوهان وٽ سواءِ پيرن اگهاڙي سنڌي ماڻهوءَ جي ٻيو ڇا بچندو؟ قومي تحريڪ چيو:”عوام ٻوام سڀ بڪواس هوندي آهي. قوم جي ڳالهه ڪريو، قوم ئي سڀڪجهه هوندي آهي.“

گجراتي ڳالهه ”ڏيڪرو نکٽوُ ڇي پر ڏيڪرو تي مارو ڇي!“ وانگر وڏيري جي مالڪي شروع ٿي وئي. ضياءُ جي عاليشان ذليل دور ۾ ٽي وي ڊرامن ۾ جڏهن سنڌ کي جيئرو ڏيکارڻ جي ضرورت پيش آئي ته ليکڪن وڏيري کي ليجينڊ بنائي پيش ڪيو. اسٽيريو ٽائيپ هليو ۽ واهه جو هليو. ان جي پيشڪش اردوءَ ۾ ٿيڻ ڪري غير سنڌي آڊيئينس وٽ وڏيري جو جيڪو اميج ٺهيو تنهن کي ڏسندي ڳالهه ٻولهه ۾ سهوليت لاءِ ماڻهن کي ”سٺا طالبان ۽ خراب طالبان“ وانگر ”اڇا وڊيرا“ جو اضافو ڪرڻو ٿي پيو.

هي وڏيرو هن وقت اوهان سنڌين کي خوش رکڻ لاءِ ٺاهيل سڀني اقتداري پارٽين ۾ ملندو. اهو توهان کي پيرن تي هٿ رکائڻ بدران توهان کي ٻانهون ٻڌي ملندو. ڪيترين صورتن ۾ ان جي اوطاق تي ٽيئي ويلا ماڻهن کي ماني ملي رهي هوندي (پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اوطاق جو خرچ يونين ڪائونسل، ٽائون ڪميٽي يا تعلقي ڪائونسل وارا ڀري رهياهوندا.) ڪي وڏيرا ته غريب ماڻهن سان وڏي ”پاٻوهه“ (عجيب لفظ آهي!) سان ملندا، واپسيءَ جي ڀاڙي جو پڇندا ۽ اوطاق کان ٻاهر دروازي تائين ڇڏڻ به ايندا.

اسٽيريو ٽائيپ ڀلي اڃا ون يونٽ جي دور جو هلي رهيو هجي، پر وڏيري نئين زماني جي ضرورتن موجب پنهنجي ڪردار ۾ گهربل مناسب تبديليون ڪري ورتيون آهن. هو ڀلن گهوڙن کان ٽويوٽا اسٽيشن ويگنز تي منتقل ٿيو، ان تان پاجيرو تي چڙهيو ۽ پوءِ لينڊ ڪروزر ۽ رينج روورز ڊوڙائيندو رهيو. ٻهراڙيءَ جي اوطاق يا ”بنگلي“ سان گڏ ان ڊفينس ۾ به گهر ۽ پارٽين لاءِ هائوس ٺهرايا. هن صفا پارڪ،  دبئي مرينا ۽ عجمان ۾ به گهر ورتا. هن پنهنجي ٻارن، خاص طور ڌيئرن کي پرڏيهه ۾ پڙهايو ۽ ڪن صورتن ۾ انهن کي سوشل موبلٽي ۽ ويندي پسند جي شادين جي اجازت به ڏني.

شيخ اياز جي زماني جو وڏيرو بلڪل ئي بدلجي ويو جنهن لاءِ هن چيو هو ته ”هونئن ته وڏيرو هِل ڙي! ٿاڻيدار ڏسڻ سان ان جي جهرڪيءَ جهڙي دِل ڙي!“ هن وڏيري پوليسن جا گهيرا ٽوڙيا، جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ جيل به ويو (پر اندران اهو پڇندو رهيو ته جتوئي صاحب آخر ڪڏهن ٿو وزير اعظم ٿئي؟)، هن پنهنجي پٽن کي به ڊي ايس پي ۽ ايس پي ڀرتي ڪرايو ۽ سي ايس ايس به ڪرائي ته جيئن سيڪريٽريٽ ۾ ڪاموراگردي وسيلي به خاندان جي سياسي پاور ۾ برڪت پئجي سگهي. هن نظريه ضرورت آڌار ۽ موسم جي مناسبت سان ”قومپرست“ به بڻجي ڏيکاريو، هوڪالاباغ ڊيم جي حامين ۽ حرامين کي للڪاري عام سنڌي ماڻهن جي اميدن تي به پورو لٿو ته پنهنجي طبقي جي مفادن لاءِ collective bargaining به ڪيائين.

هن رڳو ٻني ٻاري ۽ سرڪاري فنڊز ۾ گهارا وجهڻ کي ئي پنهنجي آمدنيءَ جو وسيلو نه بنايو پر پنهنجي آمدنيءَ جي وسيلن کيdiversify ڪندي هن ريئل اسٽيٽ، ايگرو انڊسٽريز ۽ ويندي دنيا جي وڏين اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ به سيڙپ ڪئي. ڪيترا وڏيرا ته انٽرنيشنل بروڪرز جي گينگن جو حصو ٿي اسٽاڪ ايڪسچينجز کي ڪريش ڪرڻ جي حد تائين به اثر رسوخ  حاصل ڪري ويا.

Redistribution of Wealth(ملڪيت جي ٻيهر ورڇ) کان سواءِ سنڌ جي عوام جا حال فقيرن جهڙا ئي رهندا ۽ ان نقطي کان جيڪڏهن ڏسبو ته سڄي سنڌ جي انهن سڀني وسيلن تي وڏيرو قابض آهي جيڪي ”قــنون“ هٿان قبضي ٿيڻ کان بچي ويا آهن. وڏيرو ٻنهي بيراجن ۽ کاٻي ۽ ساڄي پاسي جي ڪينالن تي قابض آهي. ۽ ايئن وڏيري سنڌ ۾ غريبيءَ جي خاتمي جو رستو هميشه لاءِ بلاڪ ڪري ڇڏيو آهي.واقعي به اڄ جي سنڌ جي ڊسڪورس مان وڏيري کي ڪڍي ڇڏيندئو ته اوهان وٽ سواءِ پيرن اگهاڙي سنڌي فقير ماڻهن جي ٻيو ڇا بچندو؟

هن جي ڏاڏي پوٽي زال ٻهراڙيءَ ۾ رهي جوانيءَ ۾ ئي پوڙهي ۽ بيوهه نظر اچڻ لڳندي آهي ۽ هن جا چيڪ بوڪ سندس شهر واري زال وٽ ”محفوظ“ هوندا آهن. پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ هن جون سياسي گرل فرينڊز آهن جيڪي هڪ فون ڪال تي هن جون ٿي وينديون آهن ۽ جن سان هو واري واري سان بيوفائي ڪندو رهندو آهي. هو انهن تي پاڻ گهٽ خرچ ڪندو آهي مرڳو انهن کي چوندو رهندو آهي ته ”مين نون نوٽ وکا، ميرا موڊ بڻي!“

سنڌي ماڻهو وڏيري مان ايتريون اميدون رکن ٿا جو لڳي ٿو ته اهي ان مان پيٽ سان آهن. ”هم سب اميد سي هين.“  ٻوڏ ۾ به ان مان اميدون، ته ڏڪار ۾ به ان مان اميدون. سنڌ ون يا سنڌ ٽو ٿيڻ لڳي ۽ سياسي ڪارڪن سنڌي ماڻهن وٽ هلي وڃي کين جدوجهد ڪرڻ لاءِ چون ته به هو اهو ئي چوندا ”بابا، سائين فلاڻو شاهه ويٺو آهي، پاڻهي منهن ڏيندو.“  سائين فلاڻو شاهه سوشل ۽ پوليٽيڪل اسٽيرائيڊ آهي. هر مرض جي دوا. سچي شو ڌارا… اصلي امرت ڌارا……

”سائين تو سائين…. سائين ڪا ڪتا ڀي سائين!“

هن جواسٽيريو ٽائيپ ڀلي نه بدليو هجي پر اڄ جو وڏيرو مختلف آهي. وڏيري جي اصل ايجنڊا ۽ ”اغراض و مقاصد“۾ هڪ صدي گذري وڃڻ جي باوجود ڪابه تبديلي ڪانه ٿي آهي.هن جو رڳو واردات جو طريقو تبديل ٿيو آهي. جيڪڏهن غلامن جي نئين نسل کي ڪجهه عقل آيو آهي ته آقائن جي نئين ٽهيءَ به نيون چالاڪيون سکي ورتيون آهن.جيئن مون اڳي به عرض ڪيو، هو سنڌي ماڻهن سان مٺيون مٺيون ڳالهيون ڪري ٿو، ساڻن وڏي خلوص سان ملي ٿو. هٿ جوڙي ڪري ٿو ۽ کين ٻاهر دروازي تائين ڇڏي اچي ٿو.

مشتاق يوسفي چيو هو: ”بــِـڇـو بڙي خلوص سي ڊنڪ مارتا هي!“

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو