Home / سنڌ افيئر / سنڌ جا لکين استاد روڊن تي !
above article banner

سنڌ جا لکين استاد روڊن تي !

شاد الطاف ميمڻ

اڄڪلهه سنڌ جا هڪ لک کان وڌيڪ استاد جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ روڊن تي آهن. بدين ضلعي جا 3950 پرائمري ۽ 1000 سيڪنڊري استاد پڻ انهي احتجاجي تحريڪ جو حصو بڻيل آهن. بدين ۾ ماضي جيان هن ڀيري به استادن جي جائز حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ پرائمري ٽيچرز ايسوسئيشن ۽ ماسڪ اسڪول ٽيچرز ايسوسئيشن (ماٽا) احتجاجي تحريڪ ۾ نمايان نظر اچن ٿيون. ڪجهه ڏينهن پهرين احتجاجي مظاهرا ڪرڻ سميت ڪراچي ۾ احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ کانپوءِ ٻنهي تنظيمن جا استاد مطالبا منظور ٿيڻ واري آس رکي روزانو بدين پريس ڪلب ۽ ايوان صحافت آڏو بک هڙتال تي ويٺل آهن. جڏهن ته گورنمينٽ سيڪنڊري ٽيچرز ايسوسئيشن پڻ استادن جي جائز مفادن ۽ مطالبن لاءِ سرگرم ٿيندي هن تحريڪ جو حصو بڻيل آهي. 

موجوده وقت ۾ جيڪڏهن استادن جي مطالبن واري فهرست تي نظر ڊوڙائي وڃي ته انهن مطالبن ۾ اهم نڪتا سن ڪوٽا، ڪواليفڪيشن انڪريمينٽ، موڪلن دوران ڪٽوتي ٿيندڙ ڪنوينس الائونس جي ڪٽوتي بند ڪرڻ، ٽائيم اسڪيل يعني پرائمري استادن کي 16 گريڊ ڏيڻ، استاد دشمن آرڊيننس 2000 (اسپيشل آرڊيننس رموول فرام سروسز) جو مڪمل خاتمو، استادن جي سينيارٽي وغيره شامل آهن. جيڪڏهن انهن مطالبن جو گهرائي سان جائزو ورتو وڃي ته انهن مان ڪافي اهڙا آهن جن تي باقي صوبن ۾ باقائده عمل ڪيو پيو وڃي پر هتي جي استادن سان ماٽيلي ماءَ وارو سلوڪ ڪندي کين احساس محرومي ڏانهن ڌڪيو پيو وڃي. “افيئر” پاران گسٽا ضلعي بدين جي صدر محمد صديق سومرو سان جڏهن رابطو ڪيو ويو تڏهن سندس چوڻ هو ته استادن کي جائز حقن کان محروم رکيو پيو وڃي ۽ هر دور ۾ استادن سان ناانصافي ڪئي ٿي وڃي. استادن جا مسئلا جائز آهن پر سرڪار سنجيده پهل ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي. هن چيو ته گسٽا ماضي ۾ به استادن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي ۽ هاڻي به اها استادن سان احتجاجي تحريڪ ۾ گڏ آهي. پرائمري ٽيچرز ايسوسئيشن ضلعي بدين جي صدر بهادر ٽالپر “افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته هو جائز مطالبن تان ڪڏهن به دستبردار نه ٿيندا ۽ استادن جي حقن لاءِ احتجاج جو سلسلو ايستائين جاري رکندا جيستائين استادن جا مطالبا باقاعده تسليم نٿا ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته استادن کي روڊن تي آڻڻ لاءِ مجبور ڪيو ويو پر هو ڊيوٽي فرض سمجهي ايمانداري سان ادا ڪندا رهندا. ماٽا جي مرڪزي اڳواڻ حاجي گل محمد سومرو ۽ بدين ضلعي جي صدر حسن شاهه “ افيئر” سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيڏي نه افسوس جهڙي ڳالهه آهي جو جڏهن استاد پنهنجي جائز حقن لاءِ آوازا بلند ڪن ٿا ته انهن کي تعليم دشمن چيو وڃي ٿو. جيڪڏهن سراسري بحث ڪيو وڃي ته آدمشماري عام چونڊون، بلدياتي اليڪشن يا وري ايمرجنسي ۽ قدرتي آفتن وارو مرحلو اچي ته استادن کان زبردستي ڊيوٽيون ورتيون وڃن ۽ ڪوتاهي جي صورت ۾ انهي کي سخت قدم کڻڻ جي زمري ۾ تصور ڪيو وڃي پر انهن ئي استادن جي جيڪڏهن حقن جو ذڪر ٿئي ته کين قابل غور نه سمجهيو وڃي ته انهي کي ڇا سمجهيو وڃي.

معزز پيشي سان وابسته استادن کي احتجاج ڪرڻ، بک هڙتال ڪرڻ ۽ روڊن تي اچڻ تي مجبور ڪيو وڃي ٿو. ڇا اسان انهي کي مهذب طريقو سڏي سگهون ٿا؟ چوڻ ۾ ته اسان جديددنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلڻ جا دعويدار آهيون، مهذب سڏائيندڙ قوم آهيون پرموقعو ملي ته استادن مٿان لٺيون وسائڻ ۾ دير ئي ناهيون ڪندا.

ڪراچي ۾ جيڪڏهن پر امن احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ لاءِ معزز استادن سامهون اچن ٿا ته انهن کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن جي سرعام تذليل ڪرڻ لاءِ واٽر ڪينن جو استعمال ڪري ڄڻڪ وڏو ڪارنامو سرانجام ڏنو وڃي ٿو يا وري پوليس کي کلي ڇوٽ ڏئي استادن تي ڪڙڪي پوڻ ۽ انهن تي ڏوهارين جيان لٺيون وسائڻ ۾ ڪا هٻڪ ئي محسوس نٿي ڪئي وڃي ۽ پوءِ به اسان پاڻ کي مهذب سڏائڻ ۾ ڪا تڪليف نٿا محسوس ڪريون..! ڇا باقي دنيا ۾ به استادن سان اهڙو ناروا سلوڪ اختيار ڪندي رياست فخر محسوس ڪندي آهي؟ سڌريل ملڪن ۾ استادن جي گذرڻ دوران ٽريفڪ هلڻ کان لاچاري ظاهري ڪندي احترام ۽ عزت سان گڏ استادن جي مرتبي جو نمونو پيش ڪري ٿي ته اسان وٽ وري استادن جي تذليل ڪرڻ ۾ ڪو عيب تصورنٿو ڪيو وڃي. جيڪڏهن استاد جائز مطالبن جي مڃتا خاطر جمهوري ۽ پر امن انداز ۾ احتجاج تي آهن ته پوءِ بدين جنهن کي پيپلز پارٽي جو قلعو سمجهيو وڃي ٿو. انهي پارٽي جا چونڊيل معزز ۽ رهنما ڪٿي آهن؟ اهي استادن سان لفظي همدردي ڪرڻ کان به پري ڇو بيٺل آهن؟ ٿورو ايمانداري وارو جائزو ورتو وڃي ته باقي کاتن جي ملازمن کي جيڪي سهولتون ميسر آهن انهن جي ڀيٽ ۾ تعليم سان لاڳاپيل ملازمن کي پوئتي رکيو ويو آهي جنهن ڪري تعليم کاتي جا لوئر گريڊ، ڪلارڪ، استاد ۽ ليڪچرار هر دور ۾ جائز حقن لاءِ هاءِ گهوڙا ڪندا رهندا آهن. پر انهن کي مناسب موٽ ناهي ڏني ويندي. جنهن ڪارڻ ملازمن ۾ بي چيني واري فضا برقرار رهندي آئي آهي. هاڻي به ڏٺو وڃي ته سنڌ جا جيڪي لکين استاد احتجاجي ٽريڪ تي بيٺل آهن انهي جو اڃا تائين ڊراپ سين ناهي ٿي سگهيو. توڙي جو استادن کي دلاسن جو ديوانو بڻائڻ جي چالبازي ڪئي پئي وڃي پر عملي طور معاملو حل ڪرڻ لاءِ سنجيده نموني غورو نه پيو ڪيو وڃي. جڏهن تعليمي سڌارن ۽ سسٽم ۾ بهتري آڻڻ لاءِ وڏيون پاليسيون متعارف ڪرايون پيون وڃن تڏهن ياد رکڻ گهرجي ته استاد به هن سڄي سسٽم جو اهم حصو آهن ۽ انهن کي حقن کان محروم رکڻ يا جائز مقام نه ڏيڻ ڪنهن به طرح سٺو عمل ناهي. جديد دنيا خاص طور سڌريل ملڪن ۾ تعليم سان وابسته استادن جو احترام ڪرڻ سان گڏ انهن کي مراعتون ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا زير عمل آندا وڃن ٿا اتي اسان وٽ استان کي روڊن تي اچڻ لاءِ مجبور ڪرڻ يقينن ناانصافي ۽ تعليم دوست پالسين ۽ سوچ جي منافي عڪاسي ڪندڙ هڪ اهڙو احساس آهي جنهن سان مستقبل ۾ ناهمواري ۽ بي ترتيبي سواءِ ڪجهه حاصل ناهي ٿيڻو 

shad.altaf@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو