Home / سنڌ افيئر / سنڌ جو باغي نسل ۽ سوشل ميڊيا!
above article banner

سنڌ جو باغي نسل ۽ سوشل ميڊيا!

ٻيلي جڏهن جهنگ جي ماڻهن اهي ڳالهيون ٻڌيون تــ ڪنن تي ويساه نــ اچي، ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي . اهو وري ڪيئن ممڪن آهي. جو اهو سڀ ميڊيا جو ڪمال آهي. عرب ملڪن ۾ جيڪا هي خدا جي خلق چوڪن تي بيهي انقلاب انقلاب جا هوڪريا پئي ڪيا. تحرير اسڪوائر جي ڳالهــ ۽ انهي تي بحث ٿر جي ڀٽن کان وٺي پارڪر ۽ پوري دنيا ۾ ٿي رهيا هئا. وقت جي ڏاڍن اڳيان هي هوڪريا ٻڌي هرڪنهن جي وات ۾ آڱر هئي تــ ٻيلي اهو ڪهڙو واءِ وريو آهي جو خدا جي خلق ايئن آڪڙجي بيهـي رهي آهي. هڪڙا تــ انهي راءِ جا هئا تــ اهو ڪنهن جي هٿ ڏس تي پيو ٿئي. ڪنهن چيو تــ ڪاوڙ ماڻهن ۾ موجود هئي بس سڏ ٿيو تــ بيهي رهيا. اهي ميڙ پاڻ واري علامه جي اسلام آباد واري ميڙ وانگر تــ هئا ڪونــ جيڪو پنهنجي ئي مدرسي جي طالبن جو هو.يا حيدرآباد وارو ميڙ جيڪو پير صاحب جي سچن مريدن جو هو. پر هي تــ تخت اونڌو ڪرڻ وارا ميڙ هئا. جن هڻي تخت ڌڻين جي اڌيڙ ڪري ڇڏي. پوءِ جڏهن جهنگ جي ماڻهن کي اها خبر پئي تــ اهي ميڙ جديد ترقي واري دور جي ڪامياب سماجي ميڊيا فيس بڪ ۽ ٽيوٽر جهڙين ويب سائيٽس جو ڪمال آهي. جنهن دنيا کي ڳوٺ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻ وري ڏينهون ڏينهن اها ميڊيا تيز کان تيز تر ٿيندي پئي وڃي .هاڻ جنهن وٽ بــ موبائيل فون آهي اهو انهي ميڊيا تي چوويهــ ڪلاڪ ٿيندڙ هر تبديلي سٺي يا خراب کي اک ۾ رکيو ويٺو آهي. ۽ جڏهن کان موبائيل تي اها سهوليت آئي آهي. تڏهن کان وري جهنگ جا ماڻهو بــ دنيا سان ڳنڍجي ويا آهن. هاڻ ڌراڙ بــ فيس بڪ جو استعمال ڪري پيو .سو انهي ميڊيا جي ڪري برابر مڃڻو پوندو دنيا هڪڙي ڳوٺڙي ۾ تبديل ٿي وئي آهي.

Picture8
انهي ميڊيا جو تازو مثال هينئر حيدرآباد واري حق موجود سٿ وارن پاران ڪرايل پروگرام ۾ نظر آيو جن اکين سان انهي پروگرام کي ڏٺو انهن کي پنهنجي اکين تي ويساه نــ پيو اچي جن کي وري اچي ٻڌاين اهي وري ٻڌي ڳالهــ تي اعتبار نــ پيا ڪن تــ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگهي جو هزارين ماڻهو اچي حيدرآباد ۾ بي دعوتيا پهتا آهن. سٿ وارن جو چوڻ هو تــ ان پروگرام لاءِ هنن سڄو فيس بڪ ۽ ٽيوٽر تي دعوتون ڏنيون اهي ماڻهو سڀ انهن دعوتن تي هلي اچي هت پهتا. انهي ڳالهــ تي اوهان بــ اعتبار نــ ڪندا تــ فيس بڪ يا ٽيوٽر تي ايترا ماڻهو ڪئين ٿا گڏ ٿي سگهن يقينن ايترا ماڻهو هن اهڙي سياري ۾ جتي وڻ سڙي ويا هجن پوري سنڌ مان پنڌ ڪري پهتا، اهي ڪنهن ذاتي واسطي ۽ زور ڀرڻ تي آيا هوندا. ڪجهــ بــ هجي پر ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ هن کان اڳ۾ هيترا ماڻهو انهي آڊيٽوريم ۾ ايندڙن اڳ ۾ نــ ڏٺا . سو اهي بــ ماڻهن جي ايتري پيهو پيهــ ڏسي پريشان هئا . بيهڻ جي جڳهــ نــ هجي . ڪيترا ئي ماڻهو پريشان بــ هئا . انهن پروگرامن ۾ آيل ماڻهن کي ڏسي اهو چئي سگهجي ٿو تــ اهي بنا دعوت جي تــ نــ پر فيس بڪ ۽ ٽيوٽر جي ڪري ئي آيا هوندا نــ چوڙيو جبل پارڪر واري بارڊر تي رهيو اتان آيل جيرام داس چوهاڻ کي سٿ جي دوستن ڪو ڪارڊ تــ ڪونــ موڪليو هوندو. نــ وري بٺوري جي احمد خان زئنور ۽ منور زنئور کي نثار کوکر يا فيض کوسو ڏٺي يا نالي سان سڃاڻن الائي نه اهو تــ آئون پڪ سان چوان ٿو تــ نه وري اهي ڍوري ناري واري طيب آريسر ۽ راجا رستي جي اڪبر پلي کي سڃاڻن ۽ اهڙا ٻيا الاهي ڪيترا ماڻهو هئا جن جا جيڪڏهن نالا کڻجن تــ وڏي ڊيگهــ ٿي ويندي . سو اهو ڪامل يقين سان چئي سگهجي ٿو تــ انهي پروگرام ۾ آيل گهڻن جي ڪنهن سان ڪوبــ واسطو نــ هيو. انهن پروگرام ۾ آيل ماڻهن تي ڪوبــ اسٽيڪر لڳل ڪونــ هو. اهي نــ تــ سنڌ جي انهي سول سوسائٽي جو حصو هئا جيڪا الائي ڪڏهن سِولازيڊ ٿيندي . نه وري هي ووڪل هئا . هنن کي تــ خبر بــ نــ هئي تــ ووڪل چئبو ڇا کي آهي يا ووڪل جي ڪهڙي وصف ٿيندي آهي. انهن تي ڪنهن ادب جي صنف جو اسٽيڪر بــ لڳل نــ هو نــ اهي شاعر هئا نــ ڪهاڻيڪار نه وري دانشور هئا. انهن ماڻهن مان ڪنهن وٽ بــ اهو ڪارڊ نــ هو جيڪو ڏيکاري ڪجهــ حاصل ڪري سگهجي ٿو يعني اهي ڪنهن بــ وطن دوست پارٽي سڏائيندڙ جا ميمبر نــ هئا جي هئا تڏهن بــ آڊيٽوريم کان ٻاهر . پوءِ هي ڪير هئا ۽ ڪٿان آيا . اهو سوال اوهان وٽ ضرور پئدا ٿيو هوندو . نــ نــ هي ڪنهن سماجي تنظيم جا ڪارڪن بــ نــ هئا جيڪي پگهار وٺي پروجيڪٽ تي ڪم ڪري پنهنجو پاڻ کي سماجي ڪارڪن سڏائيندا هجن .
هي سنڌ جو اهڙو خاموش نسل هو جنهن جي ڪا بــ سڃاڻپ نــ هئي پر وري بــ هي اهڙو نسل آهي. جنهن جي اندر ۾ بغاوت ۽ عشق مورجي رهيو هو . تڏهن تــ گلاب ڏيپال پنهنجي فيس بڪ وال تي پروگرام مان ويٺي ويٺي ئي فون تان پنهنجا ۽ پنهنجي دوستن جا ڦوٽو اپ وڊ ڪري اسٽيٽس ۾ لکيو هو“ مان باغي آهيان ”هن اها وائڙائپ نــ ڪئي هئي تــ مان ڀيل آهيان ۽ سنڌ منهنجي آهي . گلاب باغي آهي يا ناهي هن ۾ بغاوت ڪرڻ جي سگهــ بــ آهي الائي نه پر اهو يقين سان چئي سگهجي ٿو تــ هن جي اندر ۾ اها خواهش ضرور آهي تــ هو باغي آهي. هي گلاب ڏيپال جهڙان ئي هزارين ماڻهن جي پيهو پيهــ هئي. آڊيٽوريم ۾ ڪنهن جي نرڙ تي ڪوبــ اسٽيڪر لڳل ناهي جنهن جي نالي جي پٺيان ڪامريڊ ۽ نوجوان اديب ۽ دانشور وارو پڇ لڳل ناهي پر هن جي اندر عملي طرح بغاوت ڪرڻ جي خواهش آهي. هي سڀ اهي ماڻهو هئا . هن پروگرام ۾ گهڻا اهي ماڻهو هئا. جيڪي ڪچي ٻور جهڙي عمر جا هئا جنهن ۾ هر ڳالهه بغاوت ۽ عشق جي عمر چئي سگهجي ٿي . سو هي فريش ۽ نئين جوان هي هئي . پر انهي ٽهي جي ڪنڌ ۾ گيڙو مفلر اچي ويا تــ بس اهي جوانيون مستو مست ٿي ويون. سو انهن جوانين کي ڇڪي آيو هڪ تــ انهن پروگرامن جو ٽائيٽل“ باغين سان شام” جڏهن اهو اکر پهرئين پهرئين لکيو ويو ته باغين سان شام واري ڳالهــ ڪيترا ئي ڏينهن سوال ۽ ڳجهارت بڻيل رهي . پهريئن پروگرام جيڪو حافظ نظاماڻي ۽ خالد ڀٽي سان هو انهي ۾ تــ چي گويرا جي ڦوٽو واريون شرٽون پاتل اهي سر ڦريون جوانيون بــ هيون جن جي چي واري ڦوٽو واري شرٽ هيٺان ڌرتي دل ٿي ڌڙڪي رهي هئي. اهي ڪچڙي جواني وارا هئا.
هن پروگرام ۾ وري جڏهن گدا خاصخيلي پڙهيو “چاغي ۽ پوکران تي حملو، الله ۽ ڀڳوان تي حملو” تــ انهي تي بغاوت واري لهر هرڪنهن دل مان گذري . هي پنهنجي طرز جا مختلف پروگرام هئا. جنهن ۾ تصوف ۽ سياست سان گڏو گڏ بغاوت به هئي. هڪڙو ته ٽائيٽل بــ ڇڪيندڙ هو ٻيو هن پروگرام ۾ روايتي تقريرن وانگر وڏن دانشورن جي ڊگهين تقريرن لاءِ اسٽيج تي ڪي ڏهاڪو ڪرسيون ڪونــ رکيل هيون جيڪي ٻڌندڙن کي بور ڪن بس ٻــ ڪرسيون اهي انهن باغين لاءِ جن جي مان ۾ پروگرام ٿيو ۽ باقي انهن جو ٿورو تعارف نــ وري شاعرن جي ڊگهي لسٽ جنهن ۾ واري واري سان عجيب فڪر کان خالي ۽ لفظن جي جوڙ جڪ واري شاعري پڙهن بس هي سنڌ ۾ هيستائين ٿيندڙ پروگرامن کان مختلف پروگرام نه مهمان خاص جي ڪرسي نــ اعزازي مهمان جي ڪرسي بس چئن ڪلاڪن جو ٽائيم سان شروع ٿيندڙ ٽائيم تي ختم ٿيندڙ پنهنجي مقصد ۾ ڀرپور پروگرام . اهو سڀ فيس بڪ ۽ ٽوئٽر جي استعمال تي جيڪڏهن اسان فيس بڪ جو سهي استعمال ڪريون ۽ انهي تعميراتي سوچ سان هلايون تــ انهي پليٽ فارم کي استمال ڪريون جڏهن اسان جون سڀ واٽون وڪرو ٿي چڪيون آهن يا هر ڪو پنهنجو پنڌ وساري پيٽ جي پٺيان لڳي ويو آهي. هن پليٽ فارم تي بــ ڪافي اهڙيون حرڪتون ٿينديون آهن. جو ڏسي تعجب ٿيندو آهي. ڦوٽو ايڪشن ڦوٽو، شاعرن جا هر سيڪنڊ کانپوءِ غزل يا نظم سياستدانن جا هڪ ٻئي تي الزام ۽ سامحين جو بچاءِ پر ڪوشش نثار ڪئي اها تــ ڪنهن حد تائين ڪامياب وئي آهي اڳتي لاءِ ڪجهــ نٿو چئي سگهجي يا وقت کان اڳ هوندي پر ڪوشش ڪري ڏسجي . اهي پروگرام ملڪ ۾ وڌندڙ مذهبي انتها پسندي کي نظر ۾ رکي ڪيا ويا. انهي ڪنهن هڪڙي مذهب جي حمايت ۾ ٻي مذهب جي مخالفت ناهي ڪئي اها مذهبي انتها پسندي چئبي. پر هاڻ نئين پليٽ فارم تي نئين واٽ جو پنڌ ڪيئن ٿيندو . اهو طئي ڪري سگهجي ٿو . اسان سوشل ميڊيا مان فائدو وٺي سگهون ٿا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو