Home / ڪور افيئر / سنڌ فيسٽيول يا ناٽڪي پروگرام؟ موهن جي دڙي جي دانهن!
above article banner

سنڌ فيسٽيول يا ناٽڪي پروگرام؟ موهن جي دڙي جي دانهن!

hاڄ جڏهن سنڌ فيسٽيول جي نالي تي سنڌ جي پنج هزار سال ورهيه وشال سنڌو تهذيب جي سڃاڻ موهن جو دڙو کي جهڙي ريت لتاڙيو ۽ کيڏوڻي وانگر کيڏاڙ ڪيو پئي ويو تڏهن سنڌو تهذيب ۽ سنڌي ٻولي سان محبت رکندڙ جرمن اسڪالر اينميري شمل جا موهن جي دڙي ياترا وقت لکيل اهي اکر ٿا ياد اچن جن ۾ هوءَ چوي ٿي: “ موهن جي دڙي مون کي ٻين پراچين کنڊرن کان وڌيڪ موهيو آهي. هيءُ ٿاڪ ڄڻ سنڌو سڀيتا جي دل آهي، جيڪا اڄ کان پنج هزار ورهيه اڳ انتهائي اوج تي ئي. مان مئلن جو هي وشال نگر اڃا به ڏسان ٿي پئي جيڪو سج جي تکي اُس ۾ منهنجي اکين آڏو پکڙيو پيو آهي. سڀ گهٽيون ٽڪ جيان صفا سڌيون، اڏاوتي رٿابندي جو روح، پاسي سان گهرن جون پڪ سريون ڀٽيون، چوسول جو هر پاسو گوني ڪنڊ تي، مٿي دڙي تي اسٽوپاجي اڏاوت، ڄڻ شهر مٿان ڪو ڇٽ جهليو بيٺو آهي”.

هائو اينميري شمل سچ ئي ته چيو هو، موهن جو دڙو سنڌ جي تهذيب جو وشال نگر، جنهن کي قديم آثارن واري قانون، يونسيڪو ۽ ٻين عالمي ادارن طرفان آثار قديمه جي Protected site اعلانيل آهي. جتي نه ته ڪو ڪِلو کوڙي سگهي ٿو، نه ڪو تنبو هڻي سگهجي ٿو، نه وري ڪا ڀڃ ڊاهه يا ڌمال هڻي سگهجي ٿي. پر ٿيو ڇا؟ پ پ جنهن کي سنڌ جا ماڻهو سدائين مئنڊيٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻيندا رهن ٿا، ان جي ليڊر آٽو ڪيو، پنهنجا برگر دوست گهرايا، جن ويهي صلاح ڪئي ته سنڌي ماڻهن جو دليون کٽڻ لاءِ ثقافت جا رنگ وکيرڻ ضروري آهن، جنهن لاءِ چونڊيو ويو موهن جي دڙي کي. ممڪن آهي ان آئيڊيا پٺيان ڪنهن “ وڏي” جي به حڪمت هجي پر ان فيسٽيول لاءِ پ پ ۾ موجود ڪافي سمجهدار ماڻهو به ايئن ئي ڪنڌڌوڻي هائوڪار ڪري اٿيا جيئن ڳوٺن ۾ ويچاري ڪنوار بنا گهوٽ ڏسڻ جي هائوڪار ڪندي آهي، بلڪه کيس هائوڪار ڪرائڻ لاءِ ڪنڌ ڌوڻائڻ وارو ڪم به ڪا ناني ماسي ڪندي آهي. سو سنڌ فيسٽيول ملهائڻ لاءِ پ پ جي سمجهدار ماڻهن کان هائوڪار ايئن ڪرائي وئي باقي ته اتي اهڙن ماڻهن جي فوج ظفر موج ويٺي آهي جيڪي “دهل وڄي ۽ دوسو نه نچي” مثل آهن.

6

عام راءِ اها آهي ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ فيسٽيول وسيلي سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ لٿو آهي. ليڪن آرڪيالاجي ماهر ۽ موهن جو دڙو جي تحفظ لاءِ ٺاهيل ٽيڪنيڪل ڪميٽي جو ميمبر ڊاڪٽر ڪليم لاشاري “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته “بلاول سنڌ جي ماڻهن وٽ پاڻ مڃرائڻ خاطر سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت جو پتو استعمال ڪيو. ان سلسلي ۾ موهن جي دڙي جي تحفظ لاءِ ٺهيل ڪنهن به باڊي کان صلاح نه ورتي وئي. انهي شو جو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب سان ڪو به واسطو نه هو. اهو شو بنهه ٻاراڻو هو، هڪ ٻار آرگنائيز ڪيو، اهو ايئن هو جيئن والدين ٻار کي رانديڪو ڀڃڻ کان روڪيندا آهن، پر هن ڀيري ايئن محسوس ٿيو ته سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جي ڀڃ ڊاهه ڪرڻ تي ڪنهن وڏي کيس نه روڪيو، نه وري ڪا ساڃاهه جي تنبيهه ڪئي”

ايئن سنڌ جو هڪ ٻيو آرڪيالاجسٽ ۽ موهن جو دڙو اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل رهندڙ حاڪم علي شاهه بخاري چوي ٿو ته “ موهن جي دڙي جي آثارن ڀرسان اهڙي قسم جي ڪا به تقريب نه ٿيڻ کپندي هئي. ان سان ڀرندڙ آثارن کي تمام گهڻونقصان پهتو آهي، جنهن جو ازالو ممڪن ڪونهي. جيتوڻيڪ 1973ع ۾ ذوالفقار علي ڀٽو به عالمي ادارن جو ڌيان حاصل ڪرڻ خاطر موهن جي دڙي تي ڪانفرنس ڪرائي هئي. پر اها خالي ميدان تي ۽ آثارن کان گهڻو پري ڪرائي وئي هئي جنهن جو ڪارڻ آثارن کي نقصان کان بچائڻ هو پر سندس ڏوهٽي بلاول ان جي ابتڙ ڪري سنڌ جي تهذيب جي سڃاڻ موهن جي دڙي کي هاڃو رسايو آهي”

ياد رهي ته موهن جو دڙو سنڌ نه پر عالم انسانيت جي قديم تهذيب ۽ ورثو آهي، ان ڪارڻ ئي يونيسڪو 1974ع کان ان جي تحفظ لاءِ باقائدگي سان ڪوششن جي شروعات ڪئي. ڇاڪاڻ جو ماهرن موجب ويجهو وهندڙ سنڌو ۾ گرمين جي مند ۾ چاڙهه ڪري پاڻي تاريخي ماڳ ڏانهن هليو اچي ٿو، ان کانسواءِ جرجي پاڻي جي سطح مٿي چڙهڻ سبب سم ۽ ڪلر جي ڪري به تهذيبي ماڳ جي وجود کي خطرا آهن. زوردار مينهن به هن ڀرندڙ ماڳ لاءِ سخت هاڃيڪار آهن. يونسيڪو طرفان هڪ ڀيرو ٻيهر 1983ع ۾ جهولي فنڊ جي شروعات ڪئي وئي جنهن ۾ هن قديم ماڳ کي بچائڻ لاءِ تيار ڪيل رٿائن جو ڪاٿو 19 ملين آمريڪي ڊالر لڳايو ويو، ليڪن جهولي فنڊ وسيلي 9.3 ملين ڊالر تڏهن ئي گڏ ڪيا ويا. اها رقم گڏ ڪرڻ ۾ جاپاني شهزادي ميڪاسا جو پڻ ڪردار هو. رپورٽن موجب اها گڏ ڪيل رقم ان ئي دور ۾ آرڪيالاجي کاتي حوالي ڪئي هئي. جنهن مان موهن جو دڙو پرزرويشن اٿارٽي پڻ جوڙي وئي، جنهن جو پهريون سربراهه جسٽس فيروز نانا مقرر ٿيو. ان کانپوءِ جسٽس عبدالقادر شيخ کي سربراهه مقرر ڪيو ويو هو. 1997ع ۾ ان اٿارٽي کي 25 سال پورا ٿيا. پرآثارن کي بچائڻ لاءِ ڪا قابل قدر اڳڀرائي نه ٿي سگهي. نتيجي ۾ اٿارٽي ختم ڪئي وئي، يونسيڪو واري باقي بچيل رقم، اثاثا، گاڏيون ڪمپيوٽر معنيٰ ته سڀ ڪجهه وفاقي حڪومت حوالي ڪيا ويا. جنهن تي تڏهن به يونسيڪو سخت احتجاج ڪيو هو، ته فنڊ تاريخي ماڳ جي تحفظ لاءِ رليز ڪيا ويا پر سردست ڪا خاص اڳڀرائي نظر نٿي اچي.

چوڻ وارا چون ٿا ته ماضي ۾ يونسيڪو کان ملندڙ فنڊ ماضي جون حڪومت، وزير ۽ ڪامورا ڪڙا هڙپ ڪري ويا. واضح رهي ته هڪڙي دور ۾ گورنر عظيم دائود پوٽي کي موهن جو دڙو بچائڻ لاءِ نگران مقرر ڪيو ويو، پر هن به ڪو ٻوٽو نه ٻاريو. پوءِ وري محمد ميان سومري کي نگراني حوالي ڪئي وئي پر ان دور ۾ به ڪک نه چريو. پرويز مشرف دور ۾ به موهن جي دڙي بچائڻ لاءِ فنڊ قائم ڪيو ويو هو پر اهي پئسا ڪيئن خرچ ٿيا؟ انهن جو ڪو حساب ڪتاب ناهي، باقي موهن جي دڙي جا آثار جيئن جو تيئن تباهه حال آهن.

هاڻي به اطلاع اهي اهن ته هڪ ارب 73 ڪروڙ روپيا يونسيڪو طرفان موهن جو دڙو جي آثارن کي تيز برساتن کان بچائڻ لاءِ انهن مٿان فائبر ڇت هڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا، جيڪي ثقافت کاتي معرفت خرچ ٿيڻا هئا، جيڪي حقيقي ڪم بدران ڪيٽ واڪ، ڀنگڙا ڊانس ۽ ٻين غير ثقافتي سرگرمين تي موهن جو دڙو بچائڻ جي نالي ۾ خرچ ڪيا ويا. ٻئي طرف “افيئر” ان حوالي سان جڏهن ڊاڪٽر ڪليم لاشاري سان رابطو ڪيو تڏهن سندس چوڻ هو ته “ اهڙين سرگرمين خاطر يونيسڪو ڪو به فنڊ جاري نه ڪيو آهي البته اهوٿي سگهي ٿو ته سنڌ فيسٽيول جي حوالي سان سنڌ حڪومت ڪنهن ٻئي مد ۾ ڪي فنڊ جاري ڪيا هجن. باقي اهڙي قسم جو پروگرام سائيٽ تي ڪرڻ سان آثارن جو فزيڪل سان گڏ نفسياتي طور به هڪ وڏو نقصان ٿيو آهي، اڳ ماڻهو آثارن جي ويجهو نه ويندا هئا. هاڻ هڪ هنگامه خيز تقريب ۽ ناچ گانا Protected site تي ٿيڻ کانپوءِ سڀاڻي ترجو ڪو ايم پي اي ۽ ايم اين اي به رڏي تي چڙهي ته پنهنجي پٽ جو ڪاڄ اتي ڪري ته کيس ڪير روڪي سگهندو؟ ڇو ته سنڌ فيسٽيول لاءِ به ان جاءِ تي ماهرن اعتراض واريا پر ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي.”

“افيئر” کي مليل اطلاعن موجب سنڌ فيسٽيول جي پهرين ڏينهن واري نمائشي پروگرام ۾ 500 مهمان شريڪ ٿيا، جن ۾ سنڌ جا اختيار ڌڻي، جيالا سياستدان، برگر ڪلاس جا ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون، بلاول جا ڪجهه پرڏيهي دوست شامل هئا. پر ان پروگرام ۾ ڪو به آرڪيالاجي ماهر، ساڃاهه وند ۽ سنڌ دوست ماڻهو نظر نه آيو. 500 مهمانن جي تحفظ خاطر 2 هزار پوليس اهلڪار بيهاريا ويا هئا. انهن آثارن جي ڪيتري لتاڙ ڪئي هوندي. اهو سمجهڻ ايڏي ڏکي ڳالهه نه آهي.

ٻئي پاسي نيشنل فنڊ فار موهن جو دڙو ٽيڪنيڪل ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر ڪليم لاشاري 29 جنوري 2014 ۽ 31 جنوري 2014ع تي سنڌ فيسٽيول منعقد ٿيڻ کان اڳ سيڪريٽري ڪلچر ۽ ٽوئرزم کي الڳ الڳ ليٽر لکي پنهنجي ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ۽ (اهي ليٽر “افيئر” وٽ موجود آهن) کيس ٻڌايو ويو ته موهن جو دڙو يونيسڪو طرفان ولڊ هيريٽيچ سائيٽ قرار ڏنل آهي. ان جي آثارن سان لڳو لڳ اسٽيج ٺاهڻ يا ڪو به شو ڪرائڻ آثارن لاءِ هاڃيڪار ٿيندو. ان ڪري اهڙي ڪنهن به سرگرمي کان پاسو ڪيو وڃي. ليڪن سيڪريٽري ثقافت طرفان ان سلسلي ۾ ڪو به مثبت قدم کڻڻ بجاءِ ميڊيا کي اهو چيو ويو ته اسٽيج ٺاهڻ جو ڪم ٺيڪيدارن حوالي آهي، اميد ته اهي آثارن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪندا.

جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مقبول باقر پڻ ان حوالي سان داخل درخواست تي سنڌ جي چيف سيڪريٽري، ڪلچر سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي هدايت ڪئي ته موهن جو دڙي جي آثارن جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ۽ آرڪيالاجيڪل سائيٽ کي نقصان نه پهچڻ گهرجي. پر جڳ ڏٺو ته بلاول ڀٽو زرداري سنڌ فيسٽيول جي نالي تي ڪيل آٽو پورو ڪري ڏيکاريو، تهذيب مري يا بچي ان سان ڇا، اصل مقصد هو پاڻ کي سياسي طرح پروموٽ ڪرڻ، سو ممڪن آهي ته کين حاصل ٿي ويو هجي. باقي ان عمل جي سنڌ جي ساڃاهه وندن، ثقافت ۽ تهذيب سان پيار ڪندڙن نه رڳو سخت مخالفت ڪئي بلڪه ان خلاف لاڙڪاڻي ۾ خالد چانڊيو جي اڳواڻي ۾ احتجاج پڻ ڪيو ويو. ڪراچي پريس ڪلب اڳيان پڻ اديبن ۽ سياسي ڪارڪنن طرفان بک هڙتال ڪئي وئي. اهو به نه وسارڻ کپي ته يونسيڪو جي اسلام آباد ۾ موجود نمائندي پڻ موهن جو دڙو سائيٽ تي ناچ گانن ۽ لتاڙ پروگرام تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو آهي.

حقيقت اها آهي ته سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت بچائڻ سان ڪنهن کي ڪا به دلچسپي ناهي، هر ڪنهن جا شخصي مفاد آهن، جي ايئن نه هجي ها ته پوءِ موهن جو دڙو بچائڻ لاءِ موجود ماهرن جي ٽيڪنيڪل ڪميٽي کان صلاح ضرور ورتي وڃي ها، پر ايئن ڪرڻ بدران ثقافت واري صلاحڪار جي ڳالهه کي اهميت ڏني وئي، جيڪا خود ثقافت جي ڪيتري ماهر آهي؟ اهو هڪ کليل ڳجهه آهي.

واضح هجي ته موهن جو دڙو بچائڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي هڪ ميمبر ۽ آرڪيالاجي ماهر ڊاڪٽر نيلوفر شيخ هڪ مهينو اڳ سنڌ حڪومت جي ناڪاري روش سبب ميمبر شپ تان ئي استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته ٻيا ميمبر به بي دلي سان ڪم ڪري رهيا آهن. جيستائين ٽيڪنيڪل ماڻهن ۽ قديم آثارن جي ماهرن کي بااختيار بڻائي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ کين پنهنجو ڪمدار ڪري هلائڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي ته پوءِ هي هزارن سالن جي تهذيب تباهه ٿيندي يا بچندي؟ فيصلو اوهان تي تان ڇڏيون، ڇو ته سنڌ فيسٽيول جي نالي ۾ به اهو ئي ڪيو ويو . 

hamsafargadehi@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو