Home / ڪور افيئر / سنڌ فيسٽيول: گهر ٻاري ڏياري ملهائڻ جو نئون مثال!
above article banner

سنڌ فيسٽيول: گهر ٻاري ڏياري ملهائڻ جو نئون مثال!

dsاسان جي حڪمرانن کي ڇهن سالن جي تمام ڊگهي عرصي ۾ ايترو هوش ۽ ايتري سمجهه نه آئي آهي ته جنهن وطن جا ستر سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو فاقا، بکون ۽ لنگهڻ ڪاٽڻ تي مجبور هجن، جتي مئرٽ تي روزگار نه ملڻ ڪارڻ ڊگرين وارا ذهين جو ان خودڪشي ڪرڻ لاءِ تيار ٿي وڃن، جتي پوليس پاڻ ڌاڙيلن ۽ قبضه مافيا سان جٽ هجي، جتي اسڪول ۽ اسپتالون ويران ۽ سنسان هجن، جتي ٻوڏن ۽ برساتين لکين انسان جا جهڳا جهڻ ڪري ڇڏيا هجن، جتي ڪرپشن ۽ اقربا پروري جو واسينگ وراڪا ڏيندو هجي، اتي ماڻهن کي ميلا، ملاکڙا، فيسٽيول توڙي خوشيون ۽ خريد وسري چڪا هوندا آهن. سندن لاءِ ته سڀ کان وڏو اهم سوال پنهنجي ٻچڙن جي گذر سفر ۽ پنهنجو پاپي پيٽ پالڻ هوندو آهي. نام نهاد سنڌ فيسٽيول ۾ موهن جي دڙي جي لتاڙ کانپوءِ اربع 5 فيبروري تي ڪراچي جي سمنڊ ڪناري آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري گڏهه گاڏين جي جنهن ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي تنهن ڪڏهن پنهنجي برطانيه ۾ تعليم دوران يا دنيا جي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اهڙي قسم جو ڏيک يا نظارو ڏٺو آهي؟ ڇا آڪسفورڊ ۾ پڙهيل شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ڏوهٽي ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڌيءُ کي ايترو به احساس نه ٿيو ته جنهن وطن تي سندس اباڻا، ناناڻا ۽ ڏاڏڻا حڪمران رهيا ۽ اڄ به آهن، اتان جا لکين ڪروڙين ماڻهو گڏهن، گهوڙن ۽ اٺن جي سواري وسيلي ڪيڏين تڪليفن ۽ مصيبتن سان پنهنجو روزگار حاصل ڪن ٿا جڏهن ته سڄي مهذب دنيا مان جانورن beast of burden تي بار وجهڻ کي ظلم قرار ڏيئي اهو رواج ئي ختم ڪيو ويو آهي.

سنڌ جا مارو ماڻهو آڻين ۽ چاڙهين واري ماحول ۾ جانورن لاءِ جيڪو گاهه چارو وٺندا هئا سو اڄ ايترو مهانگو ۽ اڻلڀ ٿي چڪو آهي جو مسڪين ماڻهو ويچارا هر ويلي منجهي ٿا پون ته پنهنجا ٻچا پالين يا جانورن کي چارو ڏين؟ سمنڊ ڪناري ٿيل گڏهن جي انهي ڊوڙ ۾ انعام کٽڻ لاءِ گوءِ کڻڻ خاطر جڏهن گڏهه سوارن هنن گگدام ڍورن جي پٺي ۽ سٿرن تي چهبڪ ٿي وسايا ته گهٽ ۾ گهٽ اهڙي شرمناڪ صورتحال تي مائي بختاورکي تاڙيون وڄائڻ ۽ شرميلا فاروقي کي کڳيون هڻڻ بدران اکين منجهان لڙڪ لاڙڻ گهرجن ها ۽ سوچڻ کپي ها ته روزيءَ خاطر هن ملڪ جي ڪروڙين ماڻهن کي پاڻ تي ۽ پنهنجن پاليل جانورن تي ڪيڏو نه انياءُ ۽ جبر ڪرڻو پوي ٿو؟ لڳي ٿو ته شاهوڪار ۽ امير خاندانن جي ٻارن جي سکيا يعني تربيت ۾ غريب ۽ گگدام واسطي ڪو احساس يا درد رکڻ سيکاريو ئي نه ويندو آهي، جيئن عرب شهزادا اٺن جي گوءِ مهل وحشت ۽ دهشت جي ماريل ٻارن جون ڪيهون ۽ رڙيون ٻڌي ٽهڪ ڏيندا آهن ۽ ريس کٽڻ کانپوءِ دهلن دمامن سان شادمانا ڪندا آهن. ٿورو سوچيو ته جن غريب سرائيڪي مائرن جا معصوم ٻارڙا ڀاڄ کائيندڙ اٺن تي دانهون ڪوڪون ڪندا آهن، انهن مائرن ۽ ڀينرن جون دليون ڊپ ۽ خوف وچان ڪيئن نه ڌڙڪنديون هونديون، انهن جون آهون ۽ بددعائون به ته نيٺ شرطون لڳائيندڙ جوارين جو پيڇو ڪنديون رهنديون.

d

اچو ته اڄوڪي اڻوڻندڙ ۽ ڏکوئيندڙ صورتحال جو پس منطر جاچي ڏسون ته ڪيئن نه ملڪ جي ٻنهي وڏين سياسي جماعتن (جن کي تمام جلد هڪ نئين عام آدمي پارٽي نيٺ ڳڙڪائي ڇڏيندي) گڏجي هيءُ عوام دشمن سانگ رچايو آهي. ٿورڙو ماضي ڏانهن نهاريون ٿا ته جنرل پاشا واري اسٽيبلشمينٽ اڍائي سال اڳ جڏهن آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير حسين حقاني خلاف ميمو گيٽ اسڪينڊل ٺاهي وڏي وٺ پڪڙ ڪئي هئي تڏهن ميان نواز شريف پاڻ عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ نام نهاد قومي ميڊيا جي مهندارن ۽ تجزيانگارن اهو تاثر عام ڪري ڇڏيو ته زرداري حڪومت جا ڏينهن ڄڻ پورا ٿي ويا، اڄ ختم ٿيندي يا سڀاڻي !! ان زماني ۾ منهنجا ڪالم پڙهندڙن کي چٽيءَ طرح ياد هوندو ته اسٽيمبشلمينٽ جي پيل پاون کي آئون بار بار اهارٿ ڏيندو هئس ته زرداري صاحب جي حڪومت جو باقي ڏيڍ سال کن بچيو آهي. اوهان کيس مظلوم بڻائڻ چاهيو ٿا ته ڀلي سازش ڪيو پر بهتر اهو ئي ٿيندو ته پ پ سرڪار پنهنجا پنج سال پورا ڪري ۽ ايندڙ چونڊن مهل عوام جي عدالت سندس ڪارڪردگي ڏسي پوءِ فيصلو ڏئي. مون ايترو به لکيو ته پ پ حڪومت کي پنج مهينا يا پنج هفتا به اڳواٽ ڊاهيندا ته هو مظلوميت جو ڍنڍورو پٽيندا شهيدن جي نالي ۾ وري به سڄي ملڪ منجهان ووٽ وٺي ايندا جنهن ڪري حڪومت ڊاهڻ جو غير جمهوري قدم نه رڳو سگهارين ڌرين جي ڳچي ۾ پئجي سندن خواريءَ جو ڪارڻ بڻبو پر گڏوگڏ ڪروڙين ماڻهن جي سرن تي سوار ٿيڻ جو سونهري موقعو به پيپلز پارٽي وارن کي ملي ويندو. پوءِ جيڪڏهن هو وڌيڪ پنج سال حڪومت ڪندا ته سندن بئڊ گورننس ۽ ڪرپشن سنڌ وانگر سڄي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيندي. ان زماني ۾ تڏهوڪو چيف جسٽس افتخار چوڌري پڻ اسٽيبلشمينٽ کي بار بار ورجائي چتاءُ ڏيندو رهيو ته طالع آزما ڌرين کي هاڻي اقتدار تي قبضو ڪرڻ نه ڏنو ويندو. آزاد عدليه هاڻي ڪنهن به ڊڪٽيٽر کي آئيني حفاظت نه ڏيندي ۽ نه ئي جمهوري نظام کي پٽڙي تان لاهڻ جي اجازت ڏينداسين.

الله الله ڪري جڏهن يارهين مئي 2013 تي چونڊون ٿيون ته سواءِ سنڌ جي باقي سموري ملڪ منجهان پيپلز پارٽي ڌوپجي وئي. باقي ٽن صوبن مان ٻهارو لڳڻ بعد فقط سنڌ جي ماڻهن کي ئي ساڳيا حڪمران نصيب ٿيا. ساڳيو وڏو وزير ۽ ساڳيو بدعنوان ڪامورڪو لڏو. ايماندار آفيسر في الحال اسان سنڌين جي ڀاڳ ۾ شايد لکيل ئي ناهن. اهم عهدن لاءِ ڪرپٽ آفيسر پنجاب مان به آندا ويا فقط. رشوتخور ڪامورن جي ٻيگهي متل آهي. عالمي بئنڪ مان سنڌ جي ٻوڏ سٽيل مسڪين ماروئڙن لاءِ اربين ڊالر اچن يا ڪنهن به ملڪ مان امدادي سامان، قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ يونيسيف جا ڏنل ڪروڙين روپيا هجن يا اقوام متحده جا فنڊ، هتي ته سڀ ڪجهه هڙپ ٿيو . پنج ڪروڙ سنڌي ماڻهن لاءِ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگهه جاري آهن. چيف منسٽر به ساڳيو سيد سڳورو آهي پرسي ايم هائوس جو اصل ڪامورو ۽ پنجابي ڊوميسائيل رکندڙ شخص آهي جيڪو زرداري صاحب جو ٻڌو ٻانهو آهي. ساڻس ريل توڙي جيل ۾ گڏ رهيو آهي. 6 نومبر 1996ع تي جڏهن صدر فاروق لغاري بينظير ڀٽو جي ٻي حڪومت کي ڪرپشن جي الزام هيٺ ٽوڙيو ته لاهور جي گورنر هائوس مان آصف علي زرداري سان گڏ راءِ سڪندر پڻ گرفتار ٿيو هو. اهو ساڳيو همراهه ٻه مهينا اڳ جڏهن نويد ڪامران بلوچ جي جاءِ تي پرنسپل سيڪريٽري ٽو چيف منسٽر مقرر ٿيو ته ڪرسي تي ويهڻ شرط سمورن آفيسرن کي گهرائي صاف صاف ٻڌايائين ته اڄ کانپوءِ هر هڪ فائيل ۽ هر سمري منهنجي آفيس ۾ پهرين ايندي. منهنجي منظوري کانسواءِ چيف منسٽر به ان تي صحيح نه ڪندو ڇاڪاڻ ته اهو بلاول هائوس جو حڪم آهي. آفيسرن کي ان تي ڏاڍي حيرت ٿي ته هن اچڻ شرط پهرين گڏجاڻي وڏي وزير جي ڪرسيءَ تي ويهي ڪري پروٽوڪول ۽ قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. پر جن ڪامورن کي حيرت ٿي تن ۾ ٿورو به ضمير هجي ها ته انهي غير قانوني حرڪت تي احتجاج ڪري ميٽنگ مان اٿي وڃن ها. منهنجو ذاتي خيال آهي ته گذريل ڇهن سالن جي چوري، رشوت خوري ۽ زورا زوري سنڌي ڪامورن منجهان نوي سيڪڙو جي ضمير کي فنا ڪري ڇڏيو آهي. ڪامورا ئي ڇو اسان جي سنڌي ٽي وي چئنلز جي مالڪن جو حال ڏسو جن ايترو به حڪمرانن کي نه چيو ته ثقافت جي آڙ ۾ سياست ڀلي ڪريو پر موهن جي دڙي کي ته تباهه نه ڪريو!

ڏاڍي ڏک سان چوڻو پوي ٿو ته ٽي وي چيئنلز سان گڏوگڏ سنڌي اخبارن به پنهنجو فرض ڪو نه نڀايو. انگريزي اخبارن ۾ پاڪستان جي قديم آثارن جي ماهرن جا مذمتي بيان ڇيپا. احتجاج طور دعوت هوندي ڪئين ماهر شريڪ نه ٿيا ڇاڪاڻ ته هيءُ ميڙاڪو موهن جي دڙي کي نقصان ڏيڻ کان علاوه انسان ذات جي هن عظيم ورثي جي بي عزتي ۽ توهين جو باعث بڻبو. مون کي پنهنجي دوست گل محمد عمراڻي ياد ڏياريو ته سال 1975ع ۾ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽي جيڪو تاريخي سيمينار “سنڌ صدين کان” جي ٽائيٽل هيٺ ڪرايو هو ته ان موقعي تي دنيا مان آيل چوٽيءَ جي چونڊ عالمن، مدبرن ۽ قديم آثارن جي ماهرن واسطي سنڌي لوڪ موسيقي جو پروگرام بنا ڪنهن شامياني يا تنبو کوڙڻ جي، ڏينهن ڏٺي جو ٻن ڪلاڪن لاءِ ٿيو هو جنهن ۾ نه ڪو زمين اندر کڏا کوٽڻا پيا ۽ نه ئي هڪڙي سِر کي ڇيهو رسيو. اهو پرگرام سنڌ جي محسن تعليم دان ۽ تاريخ نويس ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي نگرانيءَ ۾ ٿيو. جنهن ۾ هلڪي موسيقي کانپوءِ مهمانن کي دڙي جو سير ڪرايو ويو ۽ شام واري فلائيٽ ۾ واپس ڪراچي نيو ويو.

موهن جي دڙي جي عظمت کي لتاڙڻ جو سنڌ سرڪار کي بهانو ڇو مليو، ان بابت ڪئين ڪهاڻيون ڇپجي چڪيون آهن پر سڀ کان پهرين مون پاڻ ايس ايم ايس وسيلي باشعور سنڌين کي ٻڌايو ته گڏيل قومن جي اداري UNICEF پاران سنڌ جي تاريخي ماڳن ۽ قديم آثارن جي سار سنڀال واسطي جيڪا امداد ملي آهي، ان رقم مان وڏو چڪ هڻڻ خاطر هيءُ سڄو مانڊاڻ مچايو ويو آهي. جيئن ئي عالمي تنظيم رقم موڪلي ته حڪمرانن جي حڪم تي ثقافت کاتي پاران پڻ پنهنجي بجيٽ منجهان 75 ڪروڙ ڪڍرائي ڪل اڍائي ارب روپيا ڪلچرل فيسٽيول جي نالي تي هڪ هٿ ٺوڪي ڪاميٽي حوالي ڪيا ويا. جنهن جو نوٽيفڪيشن سيڪريٽري ثقافت ثاقب احمد سومرو 22 جنوري 2014 تي جاري ڪيو. انهي ڪاميٽي جي چيئرمين محترمه فريال ٽالپر ۽ وائيس چيئرمين ثقافت کاتي جي وزير شرميلا فاروقي آهي. باقي تيرنهن ميمبرن ۾ شرميلا جو مڱيدو حشام شيخ، سيد اويس مظفر، شرجيل ميمڻ ۽ ڪجهه آفيسر آهن پر حيرت جهڙي ڳالهه ته سنڌ جون ٻه نامور شخصيتون ۽ تعليم دان سائين مظهر الحق صديقي ۽ محترمه فهميده حسين به انهيءَ ڪاميٽي ۾ شامل آهن. هن نوٽيفڪيشن بابت نه سنڌ جي وڏي وزير کي ڄاڻ هئي ۽ نه ئي کيس اهڙي ڄاڻ جي گهرج آهي ڇاڪاڻ ته مٿان جو فرمان آهي ته جيئن راءِ سڪندر حڪم جاري ڪري تيئن سنڌ سرڪار عمل ڪندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو