Home / دنيا / سنڌ ۾ 23 فيبروري ۽ پنجاب ۾ 13 مارچ تي مڪاني چونڊون
above article banner

سنڌ ۾ 23 فيبروري ۽ پنجاب ۾ 13 مارچ تي مڪاني چونڊون

اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ 18 جنوري ۽ پنجاب ۾ 30 جنوري تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ کان معذرت ڪندي چونڊن لاءِ سنڌ ۾ 23 فيبروري ۽ پنجاب ۾ 13 مارچ جون تاريخون تجويز ڪيون آهن، چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني چيو آهي ته چونڊن کي اڻ ڄاڻايل وقت تائين ملتوي نه ٿو ڪري سگهجي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ سنڌ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته سنڌ ۾ نيون تڪبنديون ڪرائڻ بابت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت آڏو پيش ٿيندي ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ خالد جاويد موقف رکيو ته قانون موجب آدمشماري کان اڳ گهر شماري ٿيندي آهي پر سنڌ ۾ 1998ع ۾ آدمشماري ۽ 2011 ۾ گهر شماري ڪئي وئي، هنن چيو ته ملير جي ٻهراڙي جي علائقن کي شهري علائقن ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ان تي چيف جسٽس پڇيو ته توهان وٽ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ خالد جاويد ٻڌايو ته جيڪي ٻهراڙي جي علائقا هجن انهن کي ٻهراڙي ۽ ٻين کي شهري علائقا چئبو آهي، هنن چيو ته نئون بلدياتي قانون سپريم ڪورٽ جي حڪم تي دٻاءُ ۾ اچي تڪڙ ۾ پاس ڪيو ويو، بلدياتي قانون ۾ جلدي سبب غلطيون ٿي سگهن ٿيون، ان تي جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته صرف عدالتي دٻاءُ هو؟، آئيني شقن جو ڪو دٻاءُ نه هو؟، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته نيون ووٽر لسٽون نون بلاڪن موجب ٺاهيون ويون آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ موجود فرق کي  ختم ڪيو ويو آهي، ان تي چيف جسٽس چيو ته پنجاب جي قانون ۾ شهري علائقن جي تشريع ڪئي وئي آهي، جيڪڏهن توهان اليڪشن لاءِ هوم ورڪ ڪري وٺو ها ته ايترو دٻاءُ نه هجي ها!، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ بلدياتي قانون ۾ ترميمن جو دفاع ڪندي چيو ته ترميمن ۾ ڪا به بدنيتي شامل نه هئي، جيڪي به تڪبنديون ڪيون ويون، اهي ايڪٽ موجب ڪيون ويون، ان موقعي تي چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني رمارڪس ڏيندي چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوارن کي روڪڻ وارو معاملو سمجهه ۾ نه ٿو اچي؟ ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته بلدياتي چونڊن ۾ آزاد اميدوار پئنل ذريعي چونڊ وڙهي سگهي ٿو!، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ هاڻي نين تڪبندين ۾ حڪم ڏنو آهي، ان فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي، عدالت چونڊ عمل کي نه روڪي، هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب تڪبنديون ڪيونسين ته 18 جنوري تي چونڊ نه ڪرائي سگهنداسين، خالد جاويد چيو ته هڪ ئي تڪ تي 9 اميدوار بيهندا ته عوام ووٽ وجهڻ وقت ڪنفيوز ٿيندو!، ان تي چيف جسٽس چيو ته هر پارٽي ۽ اميدوار چونڊ نشان جي پاڻ تشريح ڪندو آهي، اهو حڪومت جو ڪم نه آهي، جسٽس شيخ عظمت سعيد چيو ته بلدياتي قانون توهان ٺاهيو آهي، ته خاميون به توهان درست ڪندا، غلطين جو بار اليڪشن ڪميشن تي نه ٿو وجهي سگهجي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌڻي دوران چيو ته بلدياتي قانون ۾ ٽين ترميم 13 ڊسمبر 2013ع تي ڪئي وئي، جنهن کي آفيشل گزٽ جو حصو بڻايو ويو، اليڪشن ڪميشن سهولت ڏئي ته اسين آزاد اميدوارن جي پئنل کي هٽائڻ لاءِ تيار آهيون، ووٽن جي ڳڻپ ۾ به مسئلو ٿيندو، اهو حل ٿئي ته اسان سان ٻيو ڪو مسئلو نه آهي، اسان سيڪشن 8 ۾ ترميم ڪئي آهي، ان کي به چئلينج ڪيو ويو آهي، پهرين 40 کان 50 هزار آبادي رکي وئي، هاڻي ان کي 10 کان 40 هزار ڪيو ويو آهي، هاڻي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي چونڊ لاءِ وڌيڪ ووٽ کپندا، هنن ٻڌايو ته تڪبندين بابت چارٽ به پيش ڪيو آهي، هن چيو ته 40 هزار کان گهٽ آبادي يونين ڪائونسل نه ٿي بڻجي سگهي، اسان اڳوڻي چيف جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ کي به چيو هو ته اهي صحيح چونڊن نه هونديون، ان موقعي تي چيف جسٽس چيو ته چونڊ ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت جو ڪم آهي، اليڪشن ڪميشن چوي ٿي ته بليٽ پيپرز جي ڇپائي ۽ ورهائڻ لاءِ هڪ مهيني جو وقت گهربل آهي، جڏهن ته نين تڪبندين سان مئسلا وڌيا آهن، هن چيو ته اليڪشن شيڊيول جو اعلان ٿي ويو، توهين هاڻ تبديليون ڪريون پيا، هاءِ ڪورٽ ته آرڊيننس کي ئي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، ڇا اسين فيصلو ڏيون ته توهين چونڊ  ڪرائيندا ؟، ان موقعي تي عدالت آڏو پيش ٿيندي اليڪشن ڪميشن جي وڪيل اڪرم شيخ چيو ته نين تڪبندين بابت سنڌ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلا  ڏئي چڪيون آهن، جيڪڏهن هن موقعي تي تڪبديون ڪيون ويون ته اليڪشن ڪميشن ڪيئن چونڊون ڪرائي سگهندي؟، هن چيو ته چونڊون في الحال ملتوي ڪيون وڃن، عدالت آڏو پيش ٿيندي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ ۾ 18 جنوري ۽ پنجاب ۾ 30 جنوري تي چونڊون نه ٿيون ڪرائي سگهجن، هن عدالت کي سنڌ ۾ 23 فيبروري ۽ پنجاب ۾ 13 مارچ تي چونڊون ڪرائڻ جون تاريخون تجويز ڪيون، سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرايل پنهنجي جواب ۾ اليڪشن ڪميشن چيو ته سنڌ ۾ 18 جنوري بدران 23 فيبروري تي ۽ پنجاب ۾ 30 جنوري بدران 13 مارچ تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن، ڇاڪاڻ ته مڪاني چونڊن لاءِ اڃا تائين مقناطيسي مس به تيار نه ٿي سگهي آهي، بيلٽ پيپرز جي ڇپائي لاءِ وڌيڪ 3 هفتا ۽ بليٽ پيپرز ورهائڻ لاءِ هڪ هفتو گهربل هوندو آهي،  متحده قومي موومينٽ جي وڪيل فروغ نسيم عدالت آڏو موقف رکيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم ۾ قرار ڏيڻ سان وڌيڪ مونجهارا پيدا ٿيندا، چيف جسٽس تصدق حسين جيلاني رمارڪس ڏيندي چيو ته اسين چاهيون ٿا ته چونڊن ۾ دير نه ٿئي، عدالت سڀني درخواستن کي غور سان ٻڌندي، عدالت سنڌ ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڏنل سمورين درخواستن کي گڏ ٻڌڻ جو فيصلو ٻڌايو، جڏهن ته عدالت چيو ته پنجاب ۾ بلدياتي چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي سومر ڏينهن ٿيندي، جڏهن ته سنڌ جي درخواستن جي ٻڌڻي 27 جنوري تي ٿيندي، چيف جسٽس چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل نه ڪيو ويو آهي، جسٽس عظمت سعيد چيو ته توهان فلو ريڊا ۾ نه ڪراچي ۾ چونڊون پيا ڪرايو، ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي قانوني معاملن تي گڏ آهن، گڏجي عدالت اچن ٿا، اسين سمجهي ويا آهيون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو