Home / سنڌ افيئر / سياهه ست- ڍنڍ جي پکين جي پ پ ڏانهن اڏام
above article banner

سياهه ست- ڍنڍ جي پکين جي پ پ ڏانهن اڏام

الهه بچايو جمالي

 بدين ضلعو پيپلز پارٽي جو ڳڙهه آهي. 1970ع کان وٺي هيلتائين بدين جا ماڻهو چونڊن ۾ فقط پيپلز پارٽي جي نامزد ڪيل اميدوارن کي ئي پنهنجو قيمتي ووٽ ڏيندا اچن. 43 سالن جي ايڏي ڊگهي عرصي ۾ ٿيل ڪنهن هڪ به قومي اليڪشن ۾ ٻي ڪنهن به سياسي پارٽي جو ڪو هڪڙو به اميدوار پيپلز پارٽي جي اميدوارن کان چونڊون کٽي نه سگهيو آهي.

سواءِ آمر جنرل ضياءُ الحق جي مارشلائي راڄ ۾ 1985ع ۾ ڪرايل غير جماعتي اها اليڪشن جنهنجو پيپلز پارٽي بائيڪاٽ ڪيو هو. جنهن اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي روايتي حريف اميدوار سيد پپو شاهه، بدين ضلعي مان ان وقت جي پي ايس 51 بدين 3 تان ڪاميابي حاصل ڪئي. جنهن کي ان وقت فقط 8640 ووٽ ملي سگهيا. سيد پپو شاهه جو سخت مقابلو ڪندڙ اميدوار مرحوم حاجي محمد ٿيٻو کي 6707 ووٽ ملي سگهيا. ووٽن جي مٿين گهٽ انگ اکرن مان ثابت آهي ته بدين جي ماڻهن پڻ ان غير جماعتي اليڪشن جو مڪمل طرح سان بائيڪاٽ ڪيو هو ۽ سموريون پولنگ اسٽيشنون شام تائين ويران هيون.
ان کانسواءِ محمد اسماعيل راهو، اهو اڪيلو سياسي اميدوار آهي جنهن 1990هه جي عام چونڊن ۾ تعلقي گولاڙچي جي صوبائي اسيمبلي جي تڪ 49 تان پيپلز پارٽي جي اميدوار ڊاڪٽر سڪندر منڌري کي آزاد اميدوار جي حيثيت سان زبردست شڪست ڏني. ان جو مک ڪارڻ شهيد عوام محمد فاضل راهو جي تازي شهادت هئي. اسماعيل راهو شهيد فاضل راهو جي نالي ۾ ووٽ حاصل ڪري پيپلز پارٽي ضلعي بدين جي صدر ڊاڪٽر سڪندر منڌري کي شڪست ڏئي اها تاريخي ڪاميابي حاصل ڪئي. واضح رهي ته اسماعيل راهو اڄ ڏينهن تائين گولاڙچي تعلقي جي عوام کان شهيد فاضل راهو جي نالي ۾ ايئن ووٽ حاصل ڪري ٿو، جيئن پيپلز پارٽي اڄ ڏينهن تائين شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير جي نالي ۾ سنڌ جي عوام کان ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪري ٿي. باقي پ پ جي اميدوارن جو ڪو به چاڙهو ڪونهي.
1990ع جي اليڪشن ۾ ڪاميابي کانپوءِ جيتوڻيڪ اسماعيل راهو ۽ ان جي ڀيڻ شهيد فاضل جي نياڻي حسنا راهو عام چونڊن ۾ گولاڙچي تعلقي جي صوبائي تڪ تان هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن سان سخت مقابلا ڪندا اچن پر ڪاميابي فقط هڪ دفعو حاصل ڪئي. ساڳي طرح سان سيد علي بخش عرف پپو شاهه بدين تعلقي جي صوبائي تڪ تان 1985ع ۾ هڪ ڀيرو ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد پنهنجي اباڻي تعلقي ٽنڊي باگي جي صوبائي تڪ ۽ بدين گولاڙچي جي قومي تڪ تي پاڻ ۽ سندس گهرواري ياسمين شاهه پيپلز پارٽي جي نامزد اميدوارن سان هر اليڪشن ۾ مقابلا ڪندو رهي ٿو. ان کانپوءِ وري ڪڏهن به ڪامياب ٿي نه سگهيو آهي. تعلقي ماتلي جا هاليپوٽا وڏيرا جيڪي پارٽيون بدلائڻ ۾ مشهور آهن. 1977ع کان اهي ڪڏهن پ پ جي ٽڪيٽ تي ته ڪڏهن پ پ اميدوارن جي سامهون چونڊون وڙهندا رهن ٿا. پر هاليپوٽا ڪڏهن به سواءِ غير جماعتي چوندن جي پيپلز پارٽي جي اميدوارن کان چونڊ کٽي نه سگهيا آهن. ساڳيو حال غلام علي نظاماڻي جو آهي. غلام علي نظاماڻي، آمر جنرل ضيا الحق جي 1979ع ۾ ڪرايل غير جماعتي مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ بدين ضلعي ڪائونسل جو چيئرمين بڻجي ويو. 1983ع ۾ ايم آر ڊي تحريڪ دوران هن آمر جنرل ضياءُ الحق جي حمايت ڪئي ۽ 1985 جي غير جماعتي اليڪشن ۾ بدين جي قومي سيٽ تي بشير احمد هاليپوٽي سان مقابلو ڪيو پر شڪست کائي ويو. 1990ع جي چونڊن ۾ هن پ پ جي ٽڪيٽي اميدوار بشير احمد هاليپوٽي سان ساڳي بدين، گولاڙچي جي قومي سيٽ تي مقابلو ڪيو پر هارائي ويو.
1977ع جي اليڪشن ۾غلام علي نظاماڻي ٽنڊو باگو ماتلي جي قومي سيٽ تي پ پ پ جي نامز اميدوار عبدالستار سريوال جو مقابلو ڪيو پر شڪست کائي ويو. 2002ع جي اليڪشن ۾ ساڳيو لوٽو بڻيل غلام علي نظاماڻي ماتلي جي قومي تڪ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊ وڙهيو ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي پر پنجن سالن تائين هو پنهنجي تڪ جي عوام کان گم رهيو. ماتلي ۽ ٽنڊي باگو جي عوام جي شڪايتن جي باوجود پيپلز پارٽي 2008ع جي اليڪشن ۾ وري به ساڳي اميدوار غلام علي نظاماڻي کي اين اي 224 ماتلي ٽنڊو باگي تي ٽڪيٽ سان نوازيو ويو ۽ هن ڪاميابي حاصل ڪئي. ساڳي طرح سان ايم اين اي چونڊجي وڃڻ بعد پنهنجي تڪ مان وري پنجن سالن تائين غائب رهيو ۽ ماتلي جي تڪ جي عوام پنهنجي چونڊيل عوامي نمائندي جي گمشدگي جا اخبارن ۾ اعلان هلرايا. پر سندن ايم اين اي آخر تائين لڀي نه سگهيو. اهڙي طرح 11 مئي 2013ع جي عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي بدين ضلعي جي ٻن قومي ۽ 5 صوبائي جي سڀني تڪن تي ڪاميابي حاصل ڪري اهو ثابت ڪيو آهي ته بدين ضلعو اڃا تائين پيپلز پارٽي جو هڪ مضبوط قلعو آهي. پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ کانسواءِ ٻي ڪنهن به پارٽي جو اميدوار قومي صوبائي سيٽن تان چونڊ کٽي نه ٿو سگهي.
1993ع ۾ پهريون ڀيرو بدين جي سياست ۾ قدم رکندڙ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو 1993ع جي اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ تي بدين گولاڙچي جي قومي تڪ تي پنهنجي حريف اميدوار شهيد ميرمرتضيٰ ڀٽو کان چونڊون کٽي ايم اين اي بڻيو. ان کانپوءِ 1997ع جي قومي اليڪشن کان وٺي 2013ع جي اليڪشن تائين، سندس گهر واري ڊاڪٽر فهميده مرزا ساڳي تڪ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تان چار دفعه ايم اين اي بڻي. 2008ع جي چونڊن بعد پيپلز پارٽي جي اڳوڻي دور حڪومت ۾ ڊاڪٽر فهميده مرزا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي اعليٰ عهدي تي فائز رهي. آمر جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ مرزا خاندان جي روايتي سياسي حريف سيد پپو شاهه 2002ع جي اليڪشن ۾ ٽنڊي باگي جي صوبائي تڪ تان چونڊون کٽڻ بعد وري مرزا خاندان کان ڪا به اليڪشن کٽي نه سگهيو آهي. انهن چونڊن ۾ به هو جنرل پرويز مشرف جي ٺهرايل سياسي پارٽي مسلم ليگ (ق) جو اميدوار هو ۽ پيپلز پارٽي انهن چونڊن ۾ سيد پپو شاهه تي سرڪاري مشينري استعمال ڪري زبردست ڌانڌليون ڪرائڻ جا الزام لڳايا. سيد پپو شاهه آمر جنرل پرويز مشرف جي دور حڪومت ۾ صوبائي وزير بڻيو ۽ بدين ضلعي جون واڳون هن حوالي ڪيون ويون. اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود هن بدين جي ترقي لاءِ ڪو ٻوٽو نه ٻاريو ۽ ننهن چوٽي جا زور لڳائڻ جي باوجود ضلعي مان پيپلز پارٽي جي مقبوليت ۽ مرزا خاندان جي وڌندڙ اثر کي ختم نه ڪري سگهيو. 1993ع کان اڳ بدين ضلعي جي سياست تي ماتلي جا هاليپوٽا ڇانيل رهيا. جيڪي ڪڏهن آمر جنرل ضياءُ الحق سان گڏ هئا. ته ڪڏهن پيپلز پارٽي کان ٽڪيٽون وٺي اليڪشنون کٽي بدين ضلعي تي راڄ ڪندا رهيا.
ذوالفقار مرزا ضلعي جي سڄي انتظامي مشنري تي پنهنجا نور نظر سرڪاري اميدوار مقرر ڪيا ۽ پيپلز پارٽي جي هنن جيالن جي جاءِ تي پنهنجي ڌڙي جا نوان، ڊاڪٽر عزيز ميمڻ ۽ ڪمال خان چانگ جهڙا ماڻهو مقرر ڪرايا. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي خاص دوست ڪمال چانگ ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جهڙن ماڻهن کي نه فقط پيپلز پارٽي ضلعي بدين جو جنرل سيڪريٽري ۽ تعلقي بدين جي صدارت جا عهدا ڏياريا پر ڪمال خان چانگ کي ضلعي ڪائونسل بدين جو چيئرمين ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جي حوالي ٽي ايم اي بدين ڪئي وئي.
ڊاڪٽر عزيز ميمڻ عوامي تحريڪ بدين جو هڪ سرگرم اڳواڻ هو جيڪو 1993ع واري اليڪشن ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري واري ڌڙي سان گڏجي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪئمپ ۾ شامل ٿيو ۽ بعد ۾ ڊاڪٽر مرزا جو اعتماد جوڳو خاص ماڻهو بڻجي ويو. پيپلز پارٽي جي اڳوڻي دور حڪومت ۾ 2013ع تائين ٽي ايم اي بدين کان سواءِ ماڻهن تي ٻڌل ٽي ايم اي بدين کانسواءِ ماڻهن جي ٻڌائڻ ڇڏائڻ، ترقياتي اسڪيمن جا ٺيڪا ڏيڻ پوليس سميت مختلف کاتن جي ڪامورن ۽ ملازمن جون مقرريون ۽ بدليون ڪرائڻ جا سمورا اختيار ڊاڪٽر عزيز ميمڻ حوالي ٿيا هئا. جنهن ڪري اهو بدين ۾“ تڪراري بڻجي ويو. هن خلاف بدين تعلقي جي عوام شڪايتن جا دفتر کولي ڇڏيا هئا، جيڪي عوامي شڪايتون ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي کاتي ۾ لکجڻ لڳيون.
2013ع جي اليڪشن دوران ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا پنهنجي گهر واري ڊاڪٽر فهميده، پنهنجي پٽ حسنين مرزا سميت ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو وڏي محنت سان هر ڳوٺ ۾ وڃي ورڪ ڪيو. جتان هر هنڌان کيس ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جون شڪايتون مليون. گذريل اليڪشن ۾ هڪ طرف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ سندس ويجهي دوست اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۾ پيدا ٿيل شديد اختلاف مڪمل طرح سان نبري نه سگهيا هئا ته ٻي طرف سندس ويجهو دوست ڪمال خان چانگ اوچتو ڊاڪٽر ذاولفقار مرزا جي ڪئمپ مان نڪري فريال ٽالپر ۽ مظفر اويس جي ڌڙي ۾ وڃي شامل ٿيو.
اسلام آباد ۾ ان وقت جي صدر آصف علي زرداري کان اين اي 224 ماتلي ٽنڊو باگو جي چونڊ وڙهڻ لاءِ پيپلز پارٽي جي ٽڪيٽ وٺڻ ۾ پڻ ڪامياب ٿي ويو جتان هن ايم اين اي جي سيٽ حاصل ڪري ورتي. جنهن تان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڪمال چانگ جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف وڌيڪ تيز ٿي ويا ۽ پيپلز پارٽي بدين هڪ دفعو ٻيهر ٻن واضح ڌڙن ۾ ورهائجي وئي آهي. هڪ ڌڙي جو اڳواڻ اڳوڻو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا آهي ته پ پ بدين جي ٻي ڌڙي جي اڳواڻي ايم اين اي ڪمال خان چانگ ڪرڻ لڳو آهي ان ڌڙي ۾ پ پ بدين جو صدر ۽ صوبائي وزير ڊاڪٽر سڪندر منڌرو پڻ شامل آهي. ضلعي انتظاميه سميت سڻڀن کاتن جي اهم عهدن جي مقررين ۽ بدلين کانسواءِ نوڪرين جي معاملي ۾ ٻنهي ڌڙن ۾ڇڪتاڻ جاري آهي.
گذريل مهيني ميڊيا ۾ اهي اطلاع آهن ته ڊاڪٽر ذوالفقار پنهنجي تڪراري بڻيل ويجهي دوست ڊاڪٽر عزيز ميمڻ کان لاتعلقي ظاهر ڪري کيس پنهنجي ڪئمپ ۽ گروپ مان نيڪال ڏيئي ڇڏي آهي. جيڪا خبر بدين جي ماڻهن لاءِ ڪنهن بريڪنگ نيوز کان گهٽ نه هئي. ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ويجهي ماڻهن ان خبر جي تصديق ڪندي چيو ته ڊاڪٽر مرزا اها ڪارروائي ڊاڪٽر عزيز ميمڻ تي ڪرپشن جي لڳل سنگين الزامن ۽ عوامي شڪايتن تي ڪئي آهي. ان کانپوءِ اطلاع آهن ته ڊاڪٽر عزيز ميمڻ، ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪئمپ کي مڪمل طور تي ڇڏي وڃي، ڪمال خان چانگ جي ڌڙي ۾ شامل ٿيو آهي. ان ڏس ۾ ڪن اندروني ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلافن جا سبب اهي ناهن جيڪي ٻڌايا پيا وڃن پر ٻنهي جي وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اندروني ۽ ڪاروباري نوعيت جا آهن.
اصل جهيڙو ذاتي مفادن جي ونڊ ورڇ جو آهي ۽ پارٽي بنيادن تي ٿيندڙ مڪاني ادارن جون چونڊون پڻ انهن اختلافن کي وڌيڪ تيز ڪري سگهن ٿيون. يوسي کان وٺي ضلعي ڪائونسل جي چيئرميني ماڻڻ لاءِ پ پ جي ٽڪيٽ جي ورهاست تي اصل دنگل ٿيڻو آهي، ٻنهي ڌڙن جا اڳواڻ چاهين ٿا ته سندن ئي ويجها ماڻهو چيئرمين چونڊجي اچن، اهڙي وقت جڏهن پيپلز پارٽي بدين جا اڪثر سمورا روايتي حريف سياسي اڳواڻ پنهنجو اڳوڻيون سياسي پارٽيون ڇڏي ڌڙا ڌڙ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي رهيا آهن، هيستائين مسلم ليگ (ق) جو اڳواڻ ۽ ضلعي ڪائونسل جو اڳوڻو چيئرمين علي انور هاليپوڙو، ارباب گروپ ضلعي بدين جو اڳواڻ، حاجي سائين بخش جمالي جنهن تي اڳوڻي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪيترائي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کيس جيل جي هوا کارائي هئي جيڪو گذريل اليڪشن ۾ تلهار جي صوبائي تڪ تي پ پ جي اميدوار مير الهه بخش ٽالپر جي سامهون اليڪشن وڙهيو هو ان پڻ پ پ جو شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
حاجي سائين بخش جمالي جي پ پ ۾ شامل ٿيڻ سان ٿر جيئان بدين ضلعي ۾ پڻ ارباب رحيم گروپ جي تڏا ويڙهه ٿي وئي آهي. گذريل ڊگهي عرصي کان مسلم ليگ (ن) ضلعي بدين جو صدر رهندڙ، علي احمد عرف ڏنو خان چانڊيو، پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏيئي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿي ويو آهي. گذريل 2013ع جي اليڪشن ۾ ڪروڙين روپيه خرچ ڪري پي ايس 58 بدين تان ڊاڪٽر سڪندر منڌري جو زبردست مقابلو ڪندڙ ارباب گروپ جو اميدوار حاجي تاج محمد ملاح، حاجي سائين بخش جمالي جي پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ بعد سخت پريشان آهن. جنهن اڃا پيپلز پارٽي ۾شامل ٿيڻ جو باقائده اعلان ناهي ڪيو پر سندن ويجهن ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس اعلان ڪرڻ ۾ ٿورن ڏينهن جي دير آهي. ٻئي طرف مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اسماعيل کي پ پ ۾ آڻڻ لاءِ پ پ جي اعليٰ قيادت طرفان ڪوششون جاري آهن پر اڃا تائين کين ان ڏس ۾ ڪا مثبت موٽ نه ملي سگهي آهي.
اسماعيل راهو شهيد فاضل راهو جو پٽ آهي بدين ضلعي خاص طور تي تعلقي گولاڙچي ۾ سندس گهڻو ووٽ بئنڪ آهي. اهو ئي سبب آهي جو پ پ قيادت جي خواهش آهي ته اسماعيل راهو ساڻن گڏ هجي. سيد پير شاهه بدين ضلعي ۾ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ پيپلز پارٽي جي روايتي حريف سياسي اڳواڻ آهي جيڪو گذريل اليڪشن ۾ (ق) ليگ تان استعيفيٰ ڏيئي پير صاحب پاڳاري سان فنڪنشل ليگ ۾ شامل ٿيو هو ۽ فنڪشنل ليگ جي ٽڪيٽ تي هن گذريل چونڊن ۾ ٽنڊي باگي جي صوبائي تڪ تان حسنين مرزا جو مقابلو ڪيو پر شڪست کائي ويو هو. هن ڀيري هن اڳوڻي کان به گهٽ ووٽ حاصل ڪيا.
سيد پپو شاهه لاءِ پڻ چيو وڃي ٿو ته هو هن وقت فنڪشنل ليگ کان سخت مايوس آهي ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مخالف ڌڙي وارن پ پ اڳواڻن هن سان پ پ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ رابطا پڻ ڪيا آهن. ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهيون هلندڙ آهن. گهڻو امڪان آهي ته سيد پپو شاهه پڻ پيپلز پارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏي. پ پ مخالف سياسي پارٽين جي مٿين اڳواڻ کي پيپلز پارٽي ۾ ڪهڙي هڙ حاصل ٿيندي کين ڪهڙا عهدا ۽ اختيار ملندا؟ اهو ته ايندڙ وقت ٻڌائيندو. بحرحال اهو به يقين آهي ته مٿين سڀني سياسي اڳواڻن جي پيپلز پارٽي ڏانهن ڀاڄ بعد بدين ضلعي ۾ پ پ مخالف سياست کي ٻهارو اچي ويندو ۽ ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بدين ضلعي ۾ ڪو اميدوار ڳولهيو نه لڀندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو