Home / پروفائيل / سيد، سنڌ ۽ عشق جي انتها!
above article banner

سيد، سنڌ ۽ عشق جي انتها!

منهنجو ويساهه آهي ته سائين جي ايم سيد جڏهن به سوچيو، جيئن به سوچيو سنڌ لاءِ سوچيو، سنڌ لاءِ جيئندو رهيو ۽ سنڌ لاءِ شهادت ماڻي، تڏهن ته سائين سنڌ جي تهذيب، ثقافت، تاريخ، سچ ۽ سونهن جو اهڃاڻ ٿيو، سنڌ سيد ٿي ۽ سيد سنڌ ٿيو.
عشق جڏهن انتها تي پهچندو آهي ته پوءِ شعور، لاشعور، تحت الشعور سڀ ڪجهه محبوب جي حوالي ٿي ويندو آهي. اها عشق جي قوت آهي. سائين جي ايم سيد به عشق جي اهڙي انتها تي پهتل هو.
سائين جو هر عمل شعوري توڙي لا شعوري سنڌ جي بهتري لاءِ هوندو هو. شعوري طرح سنڌ لاءِ سائين جيڪو ڪجهه ڪيو ان جي خبر ته سڀني کي آهي، پر تحت الشعور ۾ به سائين کي سنڌ جو فڪر رهندو هو. ان جي خبر شايد ٿورن ماڻهن کي هجي، ڪجهه ڳالهيون اهڙيون آهن جي گهڻن کي گهٽ سمجهه ۾ اچن پر اها حقيقت آهي ۽ ان جو رڪارڊ پڻ موجود آهي. اهڙيون گهڻيون ڳالهيون آهن جيڪي سائين جي صحبت ۽ قربت جي ڪري منهنجي علم ۾ آيون.

1989ع سائين جي ايم سيد OMI اسپتال ۾ اکين جي آپريشن سرجن رضوي کان ڪرائي، آپريشن کانپوءِ آرام لاءِ گوري ڏني وئي. جيئن ته سائين زندگي ۾ ڪڏهن ڪو به نشو ته ڇا پر سگريٽ جي دونهين کان به پري رهيو، انڪري نشي جي گوري سائين جي يادداشت تي شديد اثر ڪيو جو گهڻو ڪري سائين زمان ۽ مڪان جي حوالي سان ڪڏهن عالمِ ناسوت، ڪڏهن عالمِ جبروت، ڪڏهن عالمِ ملڪوت ۽ ڪڏهن عالمِ لاهوت ۾ پئي پاڻ کي سمجهيو ۽ ان سطح تي پئي ڳالهايو.
اسپتال جي بيڊ تي تازو آپريشن سبب اکين تي پٽي ٻڌل هئي، پر سائين ڪڏهن سمجهيو ٿي ته مان سن ۾ آهيان، ڪڏهن حيدر منزل، ڪڏهن ڪٿي ڪڏهن ڪٿي. اهڙي صورتحال کي ڏسي سائين کي سائيڪاٽرسٽ کي ڏيکاريو ويو جيڪو روزانه معائنو ڪندو هو ۽ چيو ته سائين جيڪو ۽ جهڙي وقت ڳالهائي اهو رڪارڊ ڪيو وڃي ۽ ٻئي ڏينهن تي ٻڌايو وڃي ۽ سائين جيڪا ڳالهه ڪري ان کي رد ڏيڻ بجاءِ کيس اتساهه ڏنو وڃي. اسپتال جي ڪمري ۾ سائين سان گڏ رات جو منهنجي، ماستر غلام قادر ۽ هاشم پليجي جي ڊيوٽي هوندي هئي. ماستر ۽ هاشم هيٺ سمهندا هئا ۽ مان صوفا ڪم بيڊ کي سڌو ڪري سائين جي بيڊ سان گڏ ڪري سمهندو هيس ۽ ننڍڙو ٽيپ رڪارڊر وچ ۾ پيل ٽيبل تي رکيل هوندو هو. سائين جيئن ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ته ٽيپ رڪارڊر آن ڪري رڪارڊ ڪندو هيس. سائين کي کڻي جو اکين تي پٽي ٻڌل هئي ۽ نظر ڪجهه نٿي آيو پوءِ به پنهنجي عادت مطابق رومال، ٽارچ ۽ واچ پنهنجي وهاڻي جي ڀرسان رکندو هو. اسان گهڻو ڪري ڪمري ۾ ٽي وي ڏسندا هئاسين جو سائين جي ملڻ تي مخصوص ماڻهن کان سواءِ بندش هئي، انڪري رش نه هئي.
رات جو ٽي وي تي اسلام آباد ۾ ٿيل سارڪ سربراھي ڪانفرنس جي خبر آئي، جنهن جي صدارت تڏهوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو ڪئي. ان ڪانفرنس ۾ هندستان جو تڏهوڪو وزيراعظم راجيو گانڌي به آيل هو. راجيو پنهنجي تقرير ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به چيو ته اسان جو سنڌ جي علحدگي پسندن سان ڪو به تعلق ناهي. اسان راجيو جي هن بيان تي ڪمري ۾ تبصرو ڪيو. سائين معمول موجب ٽي وي ۽ اسان جي ڳالهين ۽ تبصرن کان لاتعلق رهيو. اسين ٽي وي بند ڪري سمهي رهياسين، تقريبن 3 بجي رات جو سائين جو سڏ آيو غلام شاھ، مان حاضر سائين چئي، اٿي ٽيپ آن ڪيو ڏٺم ته سائين جي هٿ ۾ ٽارچ ٻري پئي جنهن جي روشني ڇت ڏانهن ٿي وئي، سائين پنهنجي مخصوص انداز ۾ ٻئي ٺوٺيون وهاڻي تي رکي ٽيڪ ڏئي مسڪرائي رهيو هو. مونسان گڏ ماستر ۽ هاشم به اُٿيا.
سائين چيو: راجيو گانڌي سمجهيو ته سنڌين کي نندڻڪو ڪري پاڪستان جي حوالي ٿو ڪيان. هت مخالفن وٽ اچي اسان کان لاتعلقي جو اعلان ڪري سٺو نه ڪيو آهي. پر هن کي خبر ناهي ته هي ڇا اسان جي مدد ڪندو، قدرت اسان جي مدد ڪندي. اسان نه پهريان هندستان کان مدد ورتي آهي نه ئي اڳتي وٺبي. باقي هندستان ۾ رهندڙ سنڌي اسان جو فطري حصو آهن ۽ اُهي سنڌ لاءِ ضرور ڪجهه ڪندا. هي همراھ به راجيو جي سنڌين کان لاتعلقي جو اعلان ٻڌي گهرايو آهي. هن سان حال احوال بعد ۾ ٿيندو پهريان هن کي درياءَ واري بنگلي تي وٺي وڃي ماني کارائي آرام ڪرايو جو ڏاڍو ٿڪل هوندو ۽ امير(امير حيدر شاھ) کي چئو ته هي ويجيٽيرئن ناهي، ان ڪري فوري ٻڪر ڪهي ماني تيار ڪرائي کارايوس. ائين چئي سائين کي ننڊ اچي وئي، وري ڪجهه دير کانپوءِ مونکي سڏ ڪيائين مونسان گڏ نوڪر به اُٿيا ۽ مون ٽيپ آن ڪيو.سائين چيو ته هاڻي ان همراھ کي وٺي اچ ته مان کيس هدايتون ڏيان. مون چيو ته سائين همراھ جو هت اچڻ مناسب نه ٿيندو جو هت CID وغيره جا گهڻا ماڻهو آهن، بهتر ٿيندو ته جيڪو حڪم هجي، مونکي ٻڌايو ته مان کيس ٻڌائي روانو ڪيان. سائين چيو ايئن بهتر آهي. اوهان کيس چئو ته منهنجو حڪم آهي ته دنيا ۾ رهندڙ سڀني سنڌين کي گڏ ڪرڻ لاءِ ڪوششون وٺي ۽ خصوصن هندستان ۾ رهندڙ سنڌين کي گڏ ڪري پر ان کان به پهريان فورن مهاراشٽر صوبي جي خار، ڪلياڻ ۽ الهاس نگر جي سنڌين کي گڏي احتجاج ڪيو وڃي ۽ مطالبو ڪيو وڃي ته راجيو پنهنجا لفظ واپس وٺي ۽ سنڌين کان لاتعلقي واري پاليسي ۾ تبديلي آڻي. ٻي صورت ۾ هندستان ۾ رهندڙ سنڌي ڪانگريس جي حمايت نه ڪندا ۽ ان جي سنڌ دشمن پاليسي خلاف ڀرپور احتجاج ڪندا. ايئن چئي سائين وري سمهي رهيو.

Picture18ڪجهه وقت کانپوءِ وري اُٿي مونکي سڏيو مان ساڳي طرح ٽيپ رڪارڊر آن ڪري رڪارڊنگ شروع ڪئي ۽ سائين کي انڪريج ڪرڻ لاءِ ها ۾ ها ملائيندو رهيس. سائين پڇيو ته همراھ جو ڇا ٿيو،مان سائين کي ٻڌايو ته کيس مان اوهان جو حڪم پهچائي روانو ڪري آيو آهيان. سائين پڇيو ته ڪهڙي رستي سان ويو، مون چيو ٿر جي رستي ويندو، منهنجا ماڻهو بارڊر تائين گڏ ويندس اميد ته خير سان پهچي ويندو. سائين پڇيو ته تو هن کي سڃاتو ته همراھ ڪير هيو. مون چيو اوهان جو جيترو حڪم هو مون اوتري ڳالهه ڪئي، وڌيڪ تعارف جي اجازت نه هئڻ ڪري مون پڇڻ مناسب نه سمجهيو. سائين خوش ٿيندي ٻڌايو ته هي پرچو وديارٿي هو، جيڪو منهنجو پراڻو دوست آهي، سنڌ جو سچو سڄڻ ۽ هڪ انقلابي آهي. هي ضرور سنڌ خاطر ايئن ڪندو جيئن مون چيو آهي. ايئن چئي سائين سڪون سان سمهي رهيو.
صبح جو سوير روٽين مطابق سائين امير حيدر شاھ صبح جي نماز پڙهي اسپتال آيو، اسان کان سائين جي طبيعت پڇي جو سائين پاڻ گهٽ جواب ڏيندو هو، پر اڄ سائين امير سان مخاطب ٿيندي، کيس کان رات وارو قصو پڇيو ته کيس ماني ڪيئن کارائي، ماڻهو ڪيئن لڳو، روانگي ڪيئن ٿي؟، سائين امير کي چيائين ته راجيو جي بيان جو ٽوڙ ۽ جواب کيس ملي ويندو. اهو پرچو وديارٿي هيوجنهن کي مون هدايت ڪئي آهي ته راجيو جي خلاف بمبئي ۾ ڀرپور احتجاج ڪيو وڃي. سائين امير حيران ۽ پريشان ٿيو، اسان کان اشارن ۾ پڇندو رهيو ته ڪير هو؟ ڪنهن جي ڳالهه آهي، پوءِ کيس ڊاڪٽر جي هدايت ٻڌائي ۽ سائين به ها ها ڪندو نڪري ويو.
منجهند ڌاري سائين امداد، حميده کهڙو ۽ تاج جويو سائين جي طبيعت پڇڻ لاءِ آيا، سائين معمول کان هٽي انهن سان به مخاطب ٿيو ۽ ساڳي ڳالهه ۽ احوال سربستو ڪري ٻڌايو ۽ چيو ته مونکي يقين آهي ته پرچو ان تي عمل ضرور ڪندو.

Picture17
هفتي کانپوءِ تاج جويو نواءِ وقت اخبار جو رنگين پيج کڻي آيو ۽ حيران ۽ پريشان هو ته سائين جيئن چيو هو ايئن ٿي ويو آهي. هن اخبار ۾ فوٽو ۽ رپورٽ رنگين پيج تي آئي آهي ته مهاراشٽر جي سنڌين بمبئي ۾ جلوس ڪڍيو نعرا هنيا آهن ته تنهنجو رهبر منهنجو رهبر جي ايم سيد جي ايم سيد، ۽ راجيو گانڌي کان مطالبوڪيو آهي ته سنڌين متعلق پنهنجي پاليسي تبديل ڪر نه ته هندستان جا سڀ سنڌي تنهنجي ۽ ڪانگريس جي خلاف احتجاج جاري رهندو. احتجاج ڪندڙن جي هٿ ۾ ڳاڙها ڪهاڙي وارا جهنڊا هئا.
سائين عورتن جي تربيت ۽ پالنا جو بهترين عملي نمونو هو، جو سائين هڪ سال جي عمر ۾ والد جي شهادت ڪري يتيم ٿيو، گهر ۾ فقط پنج عورتون يعني ٻه والدائون ۽ ٽي پڦيون هيون جن جي سنڀال هيٺ سائين وڏو ٿيو.
ان ڪري سائين جي زندگي تي عورت جو وڏو اثر رهيو ۽ سائين هميشه احترام سان گڏ سندن بهتري جائز مقام لاءِ سوچيندو هو.
1995ع ۾ سائين آغا خان اسپتال ۾ نيم بيهوشي واري حالت ۾ داخل هو. ان وقت اهڙي حالت ۾ به سائين گرفتار هيو جو هن 1992ع ۾ ڪراچي ۾ ملهايل پنهنجي سالگرهه جي پروگرام ۾ سويت يونين جي ٽٽڻ کانپوءِ دنيا ۾ پهريون دفعو گڏيل قومن جي لاءِ نئون خاڪو ۽ تجويز ڏنيون، جنهن کي دنيا ۾ مڃتا ملي ۽ خاص طور ملائشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد اهڙو خط پڻ لکيو. ٻئي طرف مرڪز جي مداخلت تي سائين خلاف غداري جو ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو ويو. نواز شريف سان کڻي جو بينظير صاحبه جا گهڻائي اختلاف هيا پر جڏهن ان جي جاءِ تي سندس حڪومت آئي ته نواز حڪومت جي ڪيل ڪيترن ئي فيصلن کي واپس ورتو ليڪن جي ايم سيد جي گرفتاري کي مرڻ گهڙي تائين جاري رکيو. (ماضي ۾ سائين جي ايم سيد ايوب خان جي ڏهه سالا دور ۾ 8 سال، ضياءُ الحق جي 11 سالا دور ۾ 9 سال ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي دور 5 سالا دور ۾ ساڍا چار سال جيل ۾ گذاريو).
روزانو جي روٽين مطابق سائين جي ڪمري ۾ موجود هيس ته اچانڪ سائين منهنجي موبائل فون متعلق پڇيو ته هي تنهنجي هٿ ۾ ڇا آهي؟ ان وقت موٽرولا ڪمپني جي وڏي سائز جو موبائيل منهنجي هٿ ۾ هو، مون سائين کي موبائل متعلق ٻڌايو ته هن جو ڪهڙو مصرف آهي، سائين چيو ته حيدر منزل جيجي سان ملائي ڏي (ڊاڪٽر درهشوار سيد) مون فون ملايو ته جيجي کنيو کيس ٻڌايم ته سائين ڳالهائڻ چاهي ٿو، پهريان ته جيجي کي اعتبار نه ٿي آيو ته سائين ڪو ڳالهائي سگهندو جو اسپتال ۾ سائين جهيڻي آواز ۾ رکي رکي پئي ڳالهايو پر بلڪل صحيح ٿي ڳالهايو. سائين جيجي کان پڇيو ته گهر ۾ ٻيو ڪير آهي، جيجي گهر ۾ موجود ٻين بيبين متعلق ٻڌايو. سائين چيو ته ايتريون ساريو پڙهيل لکيل عورتون گهر ۾ موجود آهيو… نڪري وڃي سنڌ جي عورتن جي سجاڳي لاءِ ڪجهه ڪيو…… کين تعليم ۽ شعور ڏيو…… ڪا به قوم آزاد ٿي نٿي سگهي جيتري تائين ان جي عورت تعليم يافته ۽ آزاد نٿي ٿئي. اسان جو معاشرو ان ڪري پوئتي رهجي ويو آهي جو اسان جي عورت کي پٺتي رکيو ويو آهي.
اسان جي مردن سان جڏهن عورت گڏبي ته پوء ِمنزل پري نه رهندي……. اسان جي سياست ايتري سنجيده نه ٿي آهي جو عورت بي ڌڙڪ سياست ڪري…….. اوهان کي وڏي محنت ڪرڻي پوندي. ائين چئي سائين سمهي رهيو. مون فون کڻي جيجي کي ٻڌايو ته سائين کي آرام اچي ويو آهي. ٻئي طرف جيجي سڏڪن ۾ هئي، روئيندي ۽ خوش ٿيندي چيو ته سائين گهڻي وقت کانپوءِ ڳالهايو ۽ ايترو صحيح ڳالهيو، لڳو ڄڻ الهامي آواز هجي.
سائين جي اهڙي حڪم تي جيجي ڊاڪٽر درهشوار سيد “اسوا” All sindh women association جي پليٽ فارم تان پنهنجي خاندان ۽ ٻين تعلقدارن جي عورتن کي ساڻ ڪري، سنڌ جي عورتن جي سجاڳي، تعليم ۽ سندن حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور ڪوششون ورتيون.
اهڙيون ڪيتريون ئي ڳالهيون آهن جيڪي ڪنهن ٻئي وقت شيئر ڪيون وينديون.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو