Home / سنڌ افيئر / شان ڏهر جو قتل ،ميڊيا ڪٿي هئي؟
above article banner

شان ڏهر جو قتل ،ميڊيا ڪٿي هئي؟

شاه لطيف جي کاهوڙي ڪردار جهڙو، سنهڙو ،سيپڪڙو، ارادن ۾ رڪ کان به مضبوط،ڪائنات جي حسناڪين کي لفظن جي صورت ڏئي شعر ٺاهڻ جو ڪاريگر ، بيباڪ صحافي ، پيشي سان انتها پيار ڪندڙ، دلبر دوست ۽ مٺڙو ماڻهو.چهري تي هر وقت مرڪ سندس سڃاڻ، دوستن ۽ يارن لاءِ ايڏي سڪ جو ڪٿي به ويو ته ڪنهن کي ڪونه وساريائين.توڙي جو پاڻ ايترو خوشحال ڪونه رهيو پر جهڙي تهڙي حال ۾ به ٻين جي سار سنڀال لهڻ پنهنجو فرض سمجهندو هو. ڪنهن کي به ڪڏهن ڏکئي وقت ۾ ڏسي ڪونه سگهندو هو.پنهنجي سڄي ڄمار ۾ هن ڪڏهن ڪٿي به ٽڪي ڪم نه ڪيو.سدائين ادارا تبديل ڪيائين.. ادارن ڇڏڻ جو به وٽس ڪونه ڪو برجستو جواز ضرور هوندو هو.ها پر، جڏهن به جهڙي به اداري سان رهيولاڳاپيل ، ان سان ئي رهيو.هن ڪڏهن به پيشي سان خيانت نه ڪئي.جتي به ۽ جنهن به اداري ۾ ڪم ڪيائين جاکوڙي ٿي ڪم ڪيائين. هو سدائين نئين دنيا جي تلاش ۾ رهندو هو. صحافت ۾ نون نون لاڙن ۽ رخن کي نروار ڪندو رهيو.

هن سدائين پنهنجي پيشي وسيلي معاشري ۾ وڌندڙ غلاظت، گندگي ، بي حيائي، بدامني،جهالت ، بک ،بدحالي ۽ بيماريون پکيڙيندڙ بي ضمير انسانن جي چهرن تان پردو لاهڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پنهنجي ئي پيشي ۾ ڪاهي ايندڙ ڪارين رڍن کي مثبت عملي ڪارڪردگي وسيلي انهن جو اصلي چهرو ڏيکاريندو رهيو.هن ڪڏهن به پئسي خاطر پاڻ نه وڪيو،ڪڏهن به ڪنهن عام ماڻهو جي مجبوري جو سودو نه ڪيو.هن ڪنهن مير، پير يا ڀوتار جي ونگار ڪانه وهي، ابتو انهن جي ڪڌن ڪرتوتن کي عام تائين آڻڻ لاءِ پنهنجي نَنهن ۽ چوٽي جو زور ڏيندو رهيو.تَر جي سڀني ڏاڍن، ڀتي ۽ منافعي خورن،عوام جي ٽيڪسن ۽ عالمي ادارن کان ملندڙ امداد تي پلجندڙ پيرن،ميرن، وزيرن ۽ مشيرن جا اڇا چٺا پڌرا ڪيا ۽ يتيمن ۽ مسڪينن جي نالي تي مدرسا قائم ڪري ساليانو ڪروڙين رپيا ڳهي ويندڙ ملن، جرڳن وسيلي وني جون رسمون قائم رکندڙوڏيرن ۽ ڪاري جي نالي تي لکين رپيا ڪمائيندڙ ڪردارن کي وائکو ڪرڻ جو ڄڻ قسم کڻي ڇڏيو هو.آخري وقت ۾ به هو معاشري جي اهڙي منحوس ڪردارن کي وائکوڪرڻ جي جستجو ۾ رهيو.پر هن ملڪ جو اهو الميو رهيو آهي، ته جڏهن به ڪنهن سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي تڏهن ان کي موٽ ۾ رڳو گوليون ئي مليون آهن.اسان جو سماج به عجيب آهي جيڪو پنهنجي ويرين لاءِ ته وار وڇايو ڇڏي پر پنهنجي محسنن لاءِ هن وٽ رڳو رت جو تحفو ئي هوندوآهي.هونئن ته ماڻهن تائين خبرون سڀيئي صحافي پيا پهچائين، پر هو اهي خبرون کوٽي کڻي ايندو هو، جن جي منظر عام تي اچڻ کان پوءِ چڱن ڀلن جي چهرن تان پگهر وهڻ شروع ٿي ويندا هئا.

انتظامي عملدارن جون ننڊون ڦٽي وينديون هيون، خبرن کي اهڙي ريت کوٽي ڪڍڻ مان هو ڪنهن سان ڪا دشمني ڪونه ڪندو هو ، هو ته ماڻهن کي رڳو اهو ٻڌائڻ ۽ ڏيکارڻ چاهيندو هو، جيڪو اصل ۾ هوندو هو.پر جنهن جي اصليت عوام آڏو وائکي ٿيندي هئي اهي ته ننهن کان چوٽي تائين باهه ٿي ويندا هئا.هن ته ڪنهن سان به دشمني ڪونه چاهي، پر مختلف ادارن جي مافيائن وٽ کيس مارائڻ واري روايتي هٿيار کان سواءِ ڄڻ ٻيو ڪجهه هو ئي ڪونه.هو ته پنهنجي حياتي ۾ ماڻهن جون جانيون بچائڻ لاءِ جاکوڙيندو رهيو.پر سندس آخري گهڙي ۾ جتي ڊاڪٽرن ۽ ٻين ادارن جي ماڻهن جي لاپرواهين ۽ ڪوتاهين هن کي موت جي منهن ۾ ڌڪي ڇڏيو،اتي هن جي صحافي ڀائرن به هن جو ڪو سٺو ساٿ ڪونه ڏنو.هن جي زخمي ٿيڻ تي ڪا هاءِ گهوڙا ڪونه ڪئي.اهي صحافي جيڪي تر جي وزير،مير،پير، ڀوتار يا ڪنهن ڄٽ زميندار کي زڪام ٿيڻ جي خبر کي به بريڪنگ نيوز ڪري هلرائيندا رهيا انهن وٽ هيڏي وڏي حادثي جي ڄڻ ڪا اهميت ئي ڪانه هئي .رات جو جڏهن کان کيس گولي لڳي ته صبح تائين سندس زخمي هئڻ جي ڪنهن به ٽي وي چئنل تي ڪا خبر نشر ڪونه ٿي. لاڙڪاڻو جيڪو هونئن ته صحافتي سرگرمين جو ڳڙهه ليکيو ويندو رهيو آهي، ان رات اتان جا صحافي ڇا ننڊ جون گوريون کائي ستا هئا؟ پر جيڪي پهتا به هئاڇا تن کي ڪو نانگ سنگهي ويو هو جو انهن کي اهو هوش به نه رهيوجو ٿڏي تي پنهنجي ساٿي جي زخمي ٿيڻ جي خبرهلرائي سگهن، ڪا واويلا ڪري سگهن، ڪو آواز اٿاري سگهن. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته سندس موت ڪو حادثاتي نه هو.سماج کي بدلائڻ جي ڪوشش ۾ پنهنجو ننڍڙو ڪردار نڀائڻ تي هو انهن سڀني مافيائن۽ ڌرين جي اک ۾ ڪنڊو هو جن جو ڄار نه رڳو تر پر سڄي سنڌ ۾ وڇايل آهي.جن جا رستا اوطاقن کان ايوانن تائين وڃن ٿا. جن جي پهچ عام پوليس واري کان آءِ جي تائين آهي. جن جا ساٿاري نه رڳو ٻين ادارن تائين محدود آهن پر سندن ڪڌن ڪمن ۾ صحافي جي نالي تي چُٽو بڻيل چند ويڪائو ماڻهو به انهن جي پٺڀرائي ڪرڻ ۾ اڳرا رهيا آهن.

هن جڏهن پنهنجي پيشي سان سچائي ڏيکاري ته اهي سڀ ڌريون هن جون مخالف ٿي بيهي رهيون. ان مان ثابت آهي ته پيشي سان سچائي ئي اصل ۾ هن جي موت جو ڪارڻ بڻي. ڇوته پاڻ جهڙي سماج ۾ رهون ٿا، اتي ٺهيو ۽ سڀ ٺيڪ آهي وارو رينگٽ عام آهي.هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڏاڍ ۽ جبر جي ور چڙهيل۽ ڪنهن نه ڪنهن مصلحت جو شڪار بڻيل آهي.ڪوبه پنهنجي پيشي سان ايمانداري وارو رويو رکندي نظر ڪونه ٿو اچي.ڇو ته اها سڀني کي خبر آهي ته جيڪڏهن سچائي ۽ ايمانداري وارو رستو اختيار ڪبو ته ان جو انجام اهو ئي ٿيندو جيڪو صدين کان ٿيندو آيو آهي.پر ڇا انهيءَ انجام جي ڊپ کان ماڻهو جيئڻ ڇڏي ڏين؟ماڻهو پنهنجي حقن تان هٿ کڻي ويهن؟پنهنجي ملڪيتن، لوئي ۽ لڄ کي پائمال ٿيندي ويهي ڏسن؟ مختلف مافيائن هٿان معاشري ۾ برايون ، بيماريون، ۽ لاچاريون پکڙجڻ جو انتظار ڪن؟ هو به معاشري کي مافيائن کان آجوته ڪونه ڪري سگهيو، پر هن انهن کي وائکو ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪم ضرور ڪيو.سچ ته هو واقعي صحافت جو “شان” هو.

aliabid_vison@yahoo.com

سينيئر صحافي ۽ ليکڪ “ڊان” چئنل سان لاڳاپيل آهي، هي ليک خصوصي طور تي “افيئر” لاءِ لکيائين.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو