Home / ڪور افيئر / طالبان خلاف فيصلائتي جنگ يا ڳالهيون؟
above article banner

طالبان خلاف فيصلائتي جنگ يا ڳالهيون؟

A Repoter

پاڪستان هن وقت جنگ جي حالت ۾ آهي، پر ان حقيقت کي اسان جا حڪمران اڃا به قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، اهوئي سبب آهي ته طالبان سان ڳالھين يا جنگ جي حوالي سان ڪنهن به فيصلي ته پهچڻ ۾ دير ٿي رهي آهي، انهي فيصلي ۾ جيتري دير ٿيندي ان جو ايترو ئي نقصان ٿيندو، ان ڪري نيٺ ٿيڻو اهو آهي ته طالبان سان فيصلائتي جنگ جو فيصلو ئي ٿيندو، ۽ انهن خلاف فوجي آپريشن ٿيندو، پر تيستائين گهڻي دير ٿي چڪي هوندي، ۽ اسان کي انهي دير جي اڃا به ڳري قيمت ادا ڪرڻي پوندي،

اسان هنن ئي صفحن تي پنهنجي پڙهندڙن کي اها ڳالهه ٻڌائيندا آيا آهيون ته حڪومت پاران طالبان سان ڳالھين جو شوق طالبان لاءِ ئي فائديمند ٿيندو، ڳالھين جي بهاني هو وقت حاصل ڪندا ،جيئن پاڻ کي وڌيڪ طاقتور بڻائي سگهن، جيترو وقت ڳالھين وارو اشُو هلندو ايترو ئي طالبان کي پاڻ کي وڌيڪ علائقن ۾ آرگنائيز ڪري سگهندا ، نتيجي ۾ جڏهن به ڳالھين جو ڦوڪڻو ڦاٽو ته ٺڪاءُ اسان جي ئي ڪنن تائين پهچندا، هاڻي ٺڪاءَ ٻڌڻ جو وقت اچڻ وارو آهي، ۽ ان جنگ ۾ پاڪستان جيستائين فتح حاصل ڪري تيستائين نقصان تمام گهڻو ٿيڻو آهي،

هي سال پاڪستان لاءِ تمام گهڻو ڏکيو سال آهي، پاڪستان جا آمريڪا بهادر سان لاڳاپا جيڪڏهن گهڻا خراب ناهن ته ڪي چڱا به ناهن، پاڙيسري ملڪ هندستان جي لال قلعي تي پاڪستاني جهنڊو ڦڙڪائڻ واري اسان جي جنگي جنون واري خواهش جي نتيجي ۾ انڊيا سان معاملا بهتر ناهن، افغانستان ۾ جيڪو ڪجهه ٿئي پيو ، اتان جي حڪومت ان جو گهڻو ذميوار پاڪستان  کي ئي سمجهي ٿي، باقي رهيا ايران وارا ته، اهي فارسي تاريخي طور تي ڊپلوميٽ آهن، هو ان وقت تائين اوهان سان هلندا جيستائين انهن جا مفاد اوهان سان ڳنڍيل آهن، مفاد ختم تعلق ختم، پر اهي به هن وقت پاڪستان کان کان وڌيڪ انڊيا سان سلھاڙيل آهن، انڊيا افغانستان ۾ تمام گهڻي سيڙپ ڪئي آهي، ايران جو به افغانستان ۾ اهم ڪردار آهي . پاڪستان جي خارجي صورتحال بهتر ناهي، اندروني صورتحال اها آهي، ته بلوچستان ۾ ڄڻ جنگ هلندڙ آهي، سڄي ملڪ ۾ ڀنگ لاءِ اغوا جي واقعن ۾ طالبان جا مختلف گروپ ملوث آهن، وزيراعظم جي صلاحڪار امير مقام تي ٿيل آپگهاتي حملو به ان سلسلي جي ڪڙي هو، اطلاعن موجب هن کان ڀنگ گهري وئي هئي ، هن پنهنجي عهدي جي ڪري جڏهن طالبان کي ڀنگ ڏيڻ کان انڪار ڪيو ته مٿس حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ جيتوڻيڪ هو بچي ويو ، پر سندس اڌ ڊزن محافظ شهيد ٿي ويا، پاڪستان ۾ هن وقت وڏي پئماني تي سمورا دولتمند ماڻهو طالبانن جي مختلف گروپن کي ڀنگ ڏئي رهيا آهن، پر ڪير به ان باري ۾ سچ ڳالھائڻ لاءِ تيار ناهي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جا سمورا سيڪيورٽي ادارا ماڻهن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي چڪا آهن. 50 هزار کان وڌيڪ فوجين ۽ سولين کي ماريندڙ انهن گروپن مان ڪنهن هڪ جي به اڳواڻ کي هيستائين عدالتن پاران ڪابه سزا نه ملي سگهي آهي، جنهن جا ٽي سبب آهن جنهن ۾ هڪ اهو آهي ته پوليس ڪيس جا ڪاغذ ئي اهڙا ٺاهي ٿي جيڪي ڏوهارين کي فائدو ڏين ٿا، ٻيو سبب اهو آهي ته شاهد پنهنجي شاهدي تي نٿا بيهن ۽ جيڪڏهن بيهن به سهي ته پوليس سندن تحفظ نٿي ڪري، پر جيڪڏهن اهي ٻئي ڪم طريقي سان ٿي به وڃن ته جج دٻاءُ برداشت نٿا ڪري سگهن، ڇاڪاڻ ته انهن کي به خاندان آهي، جنهن ڪري هر ڌر پنهنجي جان ڇڏائڻ جي چڪر ۾ هوندي آهي،۽ اها صورتحال ڏوهارين لاءِ سڀ کان وڌيڪ بهتر آهي، اهو ئي سبب آهي ته جيڪي ڀنگ ۽ ڀتو ڏين ٿا انهن کي اسان جي رياستي اداران مان اميد ئي ناهي ته اهي فرياد ڪرڻ تي نه رڳو سندن پريشاني جو تدارڪ ڪندا پر کين بعد ۾ تحفظ به فراهم ڪندا. حالت اها آهي ته پاڪستان ۾ دهشتگردي کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪو اهڙو فورس ئي نه جوڙيو ويو آهي جيڪا ان کي منهن ڏئي ، پوليس جي وس جي ڳالهه ناهي ته هو انهن جنگجوئن کي منهن ڏئي، حڪومتن جي دهشتگردي ڏانهن روئي مان ان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته “ نيڪٽا” جو گذريل ٻن سالن کان ڪوبه سربراھ مقرر نه ٿيو آهي، اڳوڻي حڪومت هن اداري کي قائم ته ڪري ڇڏيو پر اهو فيصلو نه پيو ٿئي ته ان کي هلائڻو به آهي يانه؟ 

Picture4

 طالبان هن وقت ٽه دعفا حملا شروع ڪري ڏنا آهن، جن ۾ فوج، ميڊيا ۽ حڪومتي عهديدار شامل آهن، طالبان جي جنگي حڪمت عملي ان ڪري به بهتر لڳي ٿي ته هو ملڪ جي انهن   ٽنهي ٿنبن کي للڪاري رهيا آهن جيڪي طالبانن جي مقصد ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آهن،  اطلاعن موجب هن دفعي محرم ۽ ربيع الاول ۾ طالبانن اهو فيصلو ڪيو هو ته هو انهن ڏينهن ۾ حملا نه ڪندا، جنهن جا ٻه سبب هئا، هڪ سبب اهو هو ته انهن حملن نه ڪرڻ سبب حڪومت اهو سمجهندي ته هنن سان ڳالھين جي حوالي سان ٿيندڙ اڳڀرائي بهتر نموني سان اڳتي وڌي رهي آهي، جڏهن انهن ٻنهي مهينن ۾ ٿيندڙ حملا طالبان خلاف نفرت ۾ وڌيڪ واڌ ڪن ٿا، جنهن ڪري هڪ جنگي حڪمت عملي جي نتيجي ۾ هنن ان تي پورو پورو عمل ڪيو، پر هاڻي فوج  مٿان هڪ ٻئي پويان حملن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ اڃا به اضافي جا امڪان نظر اچن ٿا، جنهن ڪري حڪومتي حلقن اندر به ان تاثر کي وڌيڪ هٿي ملندي ته طالبان خلاف فيصلائتو آپريشن شروع ڪيو وڃي، هن وقت خيبر پختون خواھ جا انيڪ علائقا طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهن، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي ڪي پي ۾ حڪومت هجڻ سبب طالبانن کي پنهنجو ڪم وڌائڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿي آهي، ڪيترن علائقن ۾ ته رات ٿيڻ بعد سولين حڪومت جي اٿارٽي ئي ختم ٿي ويندي آهي، رياستي ادارن جي رٽ ختم ٿيڻ سبب اتان جو عوام نه رڳو هيسيل پر هنن جي ئي هٿ وس آهي، ان ڪري ڪي پي جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين خراب ٿي چڪي آهي،  اهڙي ريت طالبان جا مختلف گروپ ملڪ جي وڏن شهرن ۾ نه رڳو دهشتگردي وارن واقعن ۾ ملوث آهن پر پاڪستان سان جنگ ڪرڻ لاءِ هو رقم به پاڪستاني دولتمند ماڻهن کان حاصل ڪن پيا، اغوا ۽ ڀتي جي نتيجي ۾ هنن وٽ تمام گهڻي دولت آهي، جيڪا بارود جي صورت ۾ اسان مٿان ئي استعمال ٿي رهي آهي.

پاڪستان جي ٻي بدقسمتي اها آهي ته پاڪستان ۾ پي ٽي آءِ سميت، جي يو آءِ، جماعت اسلامي، ۽ ٻيون سياسي ڌريون طالبان جي نقطئه نظر جون حامي آهن، طالبان پاران فوجين ۽ سولين مٿان حملن جي ذميواري قبول ڪرڻ جي باوجود اهي ڌريون ان راءِ جون آهن ته انهن سان ڳالھيون ڪيون وڃن، جڏهن ته حڪومت به ان ڪري فيصلو نٿي ڪري سگهي ته هو پاڻ به ٿوري گهڻي فرق سان طالبان کي ڪو گهڻو پنهنجو دشمن نٿي سمجهي، پر هاڻي رياست جي وجود جو مسئلو پيدا ٿي پيو آهي، جيڪڏهن ايندڙ چند هفتن ۾ ڪو فيصلو نه ڪيو ويو ته پوءِ ياد رکڻ گهرجي ته حالتون پاڪستان جي هٿن مان نڪري وينديون، ڇاڪاڻ ته افغانستان مان هلندڙ سال آمريڪا ۽ ان جون اتحادي فوجون روانيون ٿيڻ واريون آهن، اپريل ۾ افغانستان ۾ چونڊون ٿي رهيون آهن، افغانستان جو صدر حامد ڪرزئي  ناڪامي جي خوف سبب ڪنهن به طريقي سان چونڊن کي ٽارڻ چاهي ٿو، ان لاءِ کيس آمريڪا جي حمايت گهربل هوندي، پر اتحادي فوجون جيئن ئي افغانستان مان روانيون ٿيندون ته طالبانن  پنهنجي ٻي حڪمت عملي ته ڪم شروع ڪندا، ۽ ڪوشش ڪندا ته ڪنهن به صورت ۾ افغانستان جي ٻين علائقن تي به ڪنٽرول حاصل ڪجي، اتحادي فوجن جي روانگي بعد آمريڪا  جا ڪابل ۾ باقي 15 هزار فوجي بچندا، جيڪي اڃا به اتي رهندا، جن جي ڪوشش هوندي ته ڪابل کي ئي بچائجي ، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ڪابل هٿن مان ويو ته پوءِ ڄڻ سڄو ملڪ ويو، ان ڪري هلندڙ سال افغان طالبان ۽ پاڪستاني طالبان جيڪي هن سڄي خطي ۾ پنهنجي مرضي جي شريعت مڙهڻ چاهين ٿا، انهن لاءِ هن وقت حالتون ان ڪري به سندن حق ۾ آهن ته ڪي پي جي حڪومت انهن کي چيلينج ڪرڻ بدران انهن کي سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، ته ٻئي طرف ڪرزئي حڪومت به ان ڪوشش ۾ آهي ته وچ وارو رستو ڪڍي مسئلي جو نبيرو ڪجي، جڏهن ته پاڪستان جي حڪومت اي پي سي کان طالبان سان ڳالھين جو مينڊيٽ وٺڻ باوجود ڪي به نتيجا حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي. جنهن ڪري صورتحال وڌيڪ منجهي پئي آهي.

طالبان پاران فوج ۽ ميڊيا تي حملا اصل ۾ هيسائڻ جي هڪ ڪامياب پاليسي آهي، جيڪا جنگ جي حڪمت عملي هوندي آهي، پر حيران ڪن ڳالھ اها آهي ته پاڪستان جي حڪومت اڃا به طالبان سان ڳالھين جي خواهش ۾ ٽُن نظر اچي ٿي، جنهن ڪري پاڪستان جو وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي، دهشتگردي سبب هڪ طرف پاڪستان غير محفوظ ملڪ ٿي رهيو آهي ته ٻئي طرف پاڪستان جو عوام به ذهني طور تي مفلوج ٿيندو ٿو وڃي، اهو ئي سبب آهي ته هاڻي ميڊيا ۽ ڪجهه سياسي پارٽين پاران حڪومت تي اهو دٻاءُ وڌندو ٿو وڃي ته “ ڳالھين يا جنگ مان ڪنهن هڪ جي چونڊ ڪريو” اهو دٻاءُ گهٽائڻ لاءِ ميڊيا مٿان حملا شروع ڪيا ويا آهن، جڏهن ته طالبان ان تاڙ ۾ به آهن ته جيئن ئي سندن مخالف ڪو سياسي اڳواڻ هٿ چڙهي ته ان کي به هلائي ڇڏين، جيئن مخالف سياسي ڌرين مٿان پريشر ۾ اضافو ٿئي، پاڪستان جي فوج  جو هن وقت حڪومت جي ڪورٽ ۾ بال آهي، ڇاڪاڻ ته هو چاهي ٿي ته آپريشن جو فيصلو حڪومت ڪري، جڏهن ته هن دفعي جيڪڏهن طالبانن سان جنگ شروع ٿئي ٿي ته اها رڳو فاٽا جي ميدان تي نه پر سڄي ملڪ اندر وڙهڻي پوندي، جنهن ڪري اها جنگ ٻاهرين محاذ کان وڌيڪ پريشان ڪندڙ هوندي، ڇاڪاڻ ته ٻاهرين محاذ تي ته دشمن واضح هوندو آهي، ان ڪري ان سان وڙهڻ ۾ ڪابه هٻڪ نه هوندي آهي، جڏهن ته اندروني جنگ ۾ خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪير پنهنجو ۽ ڪير پرايو آهي، فوج سان ٻيو مسئلو اهو به آهي ته انهي جنگ ۾ آمريڪي امداد جي به ضرورت آهي، هن وقت طالبان جا مختلف گروپ مختلف ڌرين لاءِ ڪم ڪن ٿا، جن ۾ ڪي انڊيا لاءِ ته ڪي آمريڪا لاءِ به ڪم ڪن ٿا، پاڪستان جي اندروني سياسي ۽ پرڏيهي پاليسين جي نتيجي ۾ عرب ملڪن کان ويندي ٻين ملڪن جون ايٽيلي جينس ايجنسيون فاٽا ۽ بلوچستان ۾ ڪم ڪن ٿيون، پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته اسان جا ڳجها ادارا جن لاءِ سياسي ڌريون چون ٿيون ته اهي ساليانو 700 ارب رپيا وٺڻ جي باوجود ڇا پيا ڪن؟، بقول چوڌري نثار جي ته پاڪستان ۾ 26 انٽيلي جينس ادارا ڪم ڪن ٿا، پر سچ اهو آهي ته اهي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن، پاڪستان جي اينٽيلي جينس اداران ۾  گهڻائي پنجابين ۽ ٿوري  پٺاڻن کانسواءِ هن ملڪ اندر رهندڙ ٻين قومن جي ڪابه نمائندگي ناهي، بلوچن جو ته نالو نشان ناهي، سنڌين تي اعتبار ناهي،   ان ڪري هن جنگ ۾ رڳو آپريشن جو نه پر سياسي فيصلا به ڪرڻا پوندا، ان کانسواءِ هي فيصلائتي جنگ ڏور رس نتيجا نه ڏئي سگهندي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو