Home / اسپيشل افيئر / عريضي نويس جو مونجهارو
above article banner

عريضي نويس جو مونجهارو

ارشاد ميمڻ

سچي ڳالهه ته درخواست گذار کان وڌيڪ چرٻٽ ورلي ئي ڪو هجي. سو مان به آهيان. سڃاڻپ کي ڍنڍ ۾ وجهو. تڏهن پڻ، ٻڌائي ٿو ڇڏيانو. حاڪم علي ڏيٿو آهيان. بنيادي طور تي ڄٽ ماڻهو، خبرون چارون روايتي نموني ڪبيون. عرضي لکندي به ساڳئي وهڪري وهيو وڃان. سوچيم ٻه اڍائي لک درخواستون منهنجي قلم مان نڪتيون هونديون. سئو ڏيڍ جي چونڊ ڪري گڏ ڪيان ته هوند، ادبي ڪتاب جڙي پئي. طرح طرح جا انياءَ، ڏاڍايون ۽ ڪيڪاٽ آهن جي مون آڏو انسان جي واتان نڪتا هوندا. ڪن پچي پيا آهن. اڇي ڪاڳر تي اهي مون چٽيا هوندا. عرضي نويس خلق جي زبان کي وس وارن تائين پڄائين ٿا عوام اسان کي پئسا ٿو ڏئي. اسين سندس احوال کي صاف، سڌي انداز ۾ سمجهه لائق بنايون ٿا. عملدارن سامهون چٽو ڪري بيان ٿا ڪريون ته درخواست گذار کي آخر ڇا ٿو گهرجي. واٽر ڪورس جي منظوري طلب ڪندڙ اوهان روبرو وات چوري ته جيڪر چڙي وڃو. روپيا پنجاهه ملن، مان معاملي کي سيبتو ٺاهي آفيسر کي دماغ ۾ ويهاري وڃان. هڪ ئي صفحي پڙهڻ سان ڄاڻي ويندو- عرضدار جي ٻني ڪيتري ۽ ڪهڙي ديهه ۾ آهي. گهڻا ايڪڙآباد ۽ غير آباد اٿس. ويجهي واهه، ڪينال جو نالو. شاخ ڪهڙي جنهن مان واٽر ڪورس کپيس. مالڪ کي عملدار وٽ پيش ڪجي ته سٽ کي پيو منجهائيندو- سائينداد سوٽ اٿم. هر ڀيري ڪڻڪ ۽ ڦٽيون رڄ ڪري کڻي. سندس ٻني ڀڏي جي پريان آهي. منڍ ۾ مٺي جا چار ايڪڙ آهن. آءُ هر ڀيري زمين مان نامراد موٽان. سومر جي ڏينهن واري جا اٺ ۽ جمعي رات پاڻي جا ڇهه ڪلاڪ. وچ تي پاڙي وارا سولنگي واٽر ڪورس ڀڃي ٽڪ ڌار ڪن. ٻچا بک تي اٿم، چار جريب کپائي چڪو آهيان. جدا وٽر ڪورس کپي. ڪنڌڪوٽ کان بدلي ٿي آيل آفيسر لاءِ مٿيون مذڪور ڄڻ دٻي ۾ ٺڪريون! خفو گهمي ڦري مون مٿان. عرضي نويس، درخواست کي ٺاهي سنواري لکندو. سرڪار حڪم ڪندي. تدارڪ جڳ جهان ڏسندو.

ڦاٿو ته اڃا ٻي ڳالهه ۾ آهيان. پنهنجي، سندي ذاتي، شخصي درخواست لکڻي اٿم. هزار پنا ڪارا ڪري ڦاڙي اڇلائي چڪو آهيان. ميڄالو مائوف آهيم. عقل جي سنگت کان ڏور ٿي ويس. پوليس کي ڪيئن سمجهايان ته مصيبت ڪهڙي ۾ آهيان. ترسو، اتي وري ٻيو احوال. اڳ پڻ، هڪڙي ڀيري ايئن ئي قابو ٿيو هئس. مختيار ڪار آفيس ۾ نوڪري هئم. رٽائر مينٽ کان پهريائين. اوڳاڇيون ڏياريندڙ سسٽم ۾ منهنجي حالت اهڙي هئي جيئن پلاءَ جي ديڳ منجهه وڏو هڏو هجان. چانور ورهائيندڙ ان کي ڪڏهن کاٻي ته ڪڏهن ساڄي پاسي پيو اٿلائيندو. پوڙهي ماني گهريس ته سندس ڏاٺون نه ڏسي هڏي کي هٽائي ڇڏيندو. ٻارن کي نرم ٻوٽي ملندي. جوان مڙس مٿان بيهي چوندس- ڦنڊر جو گوڏو نه وجهجانس. ديڳ خالي ٿي ويندي پر هڏو ورهاست ۾ ڪين ايندو. ديڳ کي پاسي تي ڪبو ته هڏو پيو واڄٽ ڪڍندو. حقيقت اها ته اٺاويهه سالن جي ملازمت ۾ آءُ، حاڪم علي ڏيٿو، مختيار ڪار جي آفيس ۾ سو هڏو ئي رهيس. ڪنهن نه ڪم جو.

ناراض نه ٿيندا. سائي چڪو پيئندو آهيان. مائٽن ۾ وڃان ته ڀنگ جو سفوف ساڻ هوندم. پنج ست پان ٺهرائي، منجهن چپٽي وجهي پيو چٻاڙيندس. امل به دماغ جي ڀنواٽي وير ڪم اچيو وڃي. نيراني اڌ ڪونڊو ڏوگهي روينيو کاتي آڏو اچي ويهان ته چار ئي طبق روشن. رومال سان گِگَ اگهندو درخواستون لکڻ شروع ڪندس ته ڏوڪڙ ئي ڏوڪڙ. هڪ ڀيري اسسٽنٽ مختيار ڪار صاحب کي عادت موجب جناب هيڊ منشي لکي ويٺس. نوڪري جي ڏيهاڙن ۾ کيس ايئن سڏيندا هئا. موصوف عرضي نهاري چڙي پيو. مون کي سڏائي گار گند ڪڍيائين. آءُ به سائي جي اثر هيٺ هئس. جيڪي ڳالهايائين سو ٻڌائين. ٿرڊ ڪلاس ميجسٽريٽ هئڻ ناتي لاڪ اپ ڪرائي ڇڏيائين. پوليس ڪوڙو ڪيس پڻ داخل ڪري چڪي. جج کي معلوم ٿيو ته سسٽم جي ديڳ جو وڏو هڏو آهيان. تنهن پڻ ديڳ ۾ ئي رهڻ ڏنو. پوئواري ڪان هئم. ٽي مهينا اندر رهي ٻاهر نڪتس ته اڃا ٻيو آزار انتظاري هئو. چوٿين منجهند جو هڪڙي خوني سان ڪنهن خصيص معاملي تي منهن ماري ٿي ۽ هو ڌمڪيون ڏيندو هليو ويو.

پڪ ڄاڻو ته قتل ٿي ويندس. درخواست گذار اڌ مغزي هوندو آهي. عرضي تحرير ڪندي ورهيه ٿيا اٿم.گذارش نامي۾سوالي پهرين سٽ ۾ سڀ ڪجهه چئي ويندو آهي. ڪاغذ پورو ڪرڻ لاءِ پوءِ گپ ۾ پيو لتون هڻندو آهي. سڄو ڪونڊو پيتو اٿم. مثاني جو ساٿ هليو ويو. گهڙي گهڙي اٿ ويهه سبب پنهنجي سندي درخواست مڪمل ڪرڻ محال ٿي پئي آهي. وس وارن جي ڪنن تائين اها ڳالهه پهچائڻي اٿم ته جان خطري ۾ سمجهان ٿو. خبر آهيم، ڪير بچائڻ ڪو نه ايندم. خوني ضرور ايندو ۽ ڪم لاهي پورو ڪندم. پوءِ به عرضي لکي ڏيڻ لاءِ من ۾ اڻ تڻ محسوس ڪريان ٿو. پهرين سٽ ۾ ٻڌائي چڪو آهيان ته مان نه بچندس. روينيو آفيس سامهون ئي گولين جو کاڄ ٿيندس. درخواست جي باقي حصي جي گپ ڦلهوربي ته ايس پي صاحب کي گوش گذار ڪرڻو پوندم. تفصيل سڌي نموني قلم مان نڪتا ته هيئن هوندا- مانوارا سائين! ڀنگ واپرائيندو آهيان. اڳ جيل وڃي چڪو آهيان. طبعيت ۾ چڙ ۽ بيزاري انتها جي اٿم. خوني، ٻانگو ڪڇ ۾ کنيو بازار ٿي گهميو. مان کيس ڪلهو هڻي اڳتي نڪرڻ جي ڪئي. شايد منهنجي ٺونٺ ڪڪڙ جي ڍِڍ ۾ وڃي لڳي. تون ڇا، تون ڇا ٿي. قاتل مون کي ماري ختم ڪرڻ جو چئي هليو ويو. پڪ سان ٿو چوان ته آءُ مارجي ويندس. جان جي امان کپي.

سرڪار اوهان جي درخواست جي پهرين سِٽ پڙهي، توهان مان جنڊ آجي ڪرڻ لاءِ ڪاغذ جي هيٺئين ڀاڱي ۾ پکڙيل گپ ڏانهن غور ڪندي آهي- پوءِ تون ڀنگ ڇو پيئندو آهين. بازار ڇاڪاڻ وئين. ڪڪڙ جي پيٽ ۾ ٺونٺ ڇو هنئي. قاتل جي آڏو هٿ جوڙي معافي وٺي هان. کيس للڪارڻ جو مطلب. ساڳيو خطرو خوني کي به هجي سگهي ٿو. چڱو نه هئو ته جيل منجهه ئي پيو رهين ها. سپاهه ڪٿان آڻجي جو موالين مٿان پهرو ڏجي. عرضي نويس پنهنجي ئي درخواست ۾ سُڪ!

ڪوڙ ناهي. مون آڏو حقيقت آشڪار ٿي چڪي آهي. سرڪاري آفيسن ۾ روزانو لکن جي تعداد ۾ درخواستون پهچن ٿيون. چٺيون جي پاڻ گڏجي گند جو ڍير ٺاهين ٿيون. عملدار تن کي تيلي هنيون، ڏند کوٽيندا گهر روانا ٿيو وڃن. ٻئي صبح وري ساڳي ڪار. مون پارا اٻوجهه قتل جي انديشي هٿان هونئن ئي مريو وڃن. خوني ٻانگا ويڙهائي، جنهن ڏيهاڙي پور پين. ڪڻڇي کنيو مون جهڙن مٿان. نه فريادي نه شاهد. نه داد نه فرياد. سوچيو اٿم ته هي تحرير ايئن جو ايئن ايس پي صاحب ڏانهن موٽ رسيد سان رجسٽري ڪيان. ان ريت متان، خوف گهٽ ٿي وڃيم.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو