Home / بلوچستان / لوڪ کان وسري ويل آواران جا زلزلي متاثر
above article banner

لوڪ کان وسري ويل آواران جا زلزلي متاثر

Picture6

                     نصير ميمڻ

گذريل سال سيپٽمبر ۾ ٻن خطرناڪ زلزلن بلوچستان جي آواران ۽ ڪيچ ضلعن کي لوڏي ڇڏيو. وقت گذرڻ سان معاملو ميڊيا جي اکين کان به اوجهل ٿي رهيو آهي، پر متاثرين لڳاتار مشڪلاتن کي ڀوڳي رهيا آهن. نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي جي ڊيٽا موجب ان زلزلي ۾ 386 ماڻهو مري ويا ۽ 816 زمخي ٿيا. آواران جا مالار ۽ ماشڪي تعلقا خاص متاثر ٿيا. اين ڊي ايم اي تصديق ڪئي ته 32 هزار گهر مڪمل ڊهي چڪا هيا ۽ 14 هزار گهر ڪنهن حد تائين تباهه ٿيا هئا. غير سرڪاري ذريعن جي دعويٰ آهي ته اصل انگ اکر گھٽائي بيان ڪيا ويا آهن. خاص طور آواران ضلعي ۾ زندگي اڃا تائين ملبي جي ڍير ۾ساهه کڻي رهي آهي. بيشمار ماڻهو اڃا تائين بي گهر آهن. اهي لسٻيلي، حب ۽ ٻين علائقن جي پسگردائي ۾ پنهنجن مائٽن، عزيزن وٽ ترسيل آهن. مقامي برادرين دانهون ڪيون ته حڪومت پاران رڳو ٺلهي دعوائون آسرا ڏنا ويا. هزارين بي پهچ خاندان پنهنجن ڪچن گهرن کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي به سگهه نه ٿا رکن. ڪيرائي اسڪول ڊٺل صحت جون سهولتون پڻ اڃان تائين بحال نه ٿي سگهيون آهن.

بلوچستان فطري ۽ غير فطرعي مصيبتن جو شڪار رهيو آهي. صوبي ۾ لڳاتار زلزلا، ٻوڏون ۽ سوڪهڙا ايندا رهيا آهن. سماجي ۽ معاشي لحاظ کان صوبو هيٺين سطح تي بيٺل آهي، واران ضلعو صوبي جي هيٺين سطح وارن ضلعن ۾ شمار ٿئي ٿو. قدرتي آفتن، غربت جي ماريل ماڻهن کي وڌيڪ تباهه حال ڪري ڇڏيو آهي. تحقيق ڪندڙ تظيم ايس پي ڊي سي پاران ضلعن جي ڪيل درجي بندي مطابق، 2011 ۾ صوبي جي 26 ضلعن منجهان آواران ويهين نمبر تي هيو. ملڪ جي پٺتي پيل 100 ضلعن منجهان اهو 93 هين نمبر تي هيو. ايس پي ڊي، سي جي هڪ ٻئي تجزئي پاڪستاني ضلعن جي سماجي ۽ معاشي ترقي وار درجا بندي مطابق 94 ضلعن منجهان آواران 84 هين نمبر تي هيو. ايس پي ڊي سي ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جون رپورٽون ظاهر ٿيون ڪن ته ضلعي جي 54 سيڪڙو آبادي غربت جو شڪار ٿيل آهي.
آواران، صوبي جو چوٿو وڏو ۽ نسبتن ويران ضلعو آهي. هتي في چورس ڪلو ميٽر ۾ رڳو چار ماڻهو آباد آهن. “پنجاب لوڪ سجاڳ“ پاران ڇاپيل آواران جي ضلعي منظر نامي موجب زراعت ۽ چواپايو مال گذر سفر جا ٻه خاص ذريعا آهن. آواران ۽ لسٻيلي ضلعي جي 488 ڳوٺن ۾ صرف83 ڊسپينسريون آهن. انهن مان اڪثر صحت جي سهولتن، ڊاڪٽرن، پئراميڊيڪل اسٽاف، دوائن ۽ ضرورت سامان کان محروم آهن. زلزلي دوران ضلعي هيڊڪواٽر اسپتال ۾ رڳو هڪڙو ڊاڪٽر هزارين زخمين جي سار سنڀال ڪندي ڏٺو ويو. اتي گهڻي ڀاڱي علاج جون هنگامي سهولتون به موجود نه هيون جيڪي مريضن جي ان اوچتي پيهه کي منهن ڏئي سگهن ها، اهڙي صورتحال سبب هزارين زخمين جون جانيون بچائڻ لاءِ کين ڪراچي ۽ ٻين علائقن ڏانهن منتقل ڪيو ويو ۽ غربت ايتري ته عام آهي، جو 1000 ڄاول ٻارنمان 88
ٻار پنجن سالن جي ننڍڙي عمر ۾ ئي فوت ٿي وڃن ٿا. 47 سيڪڙو ٻارن جو وزن گهٽ هوندو آهي. عورتون اهڙي پيڙا مان گذرن پيون، جو رڳو 11 سيڪڙو نياڻيون سيڪنڊري سطح جي تعليم واريون سهولتون ماڻي رهيون آهن. بلوچستان پلاننگ ۽ ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ ۽ يونيسيف جي گڏيل سهڪار سان ڇپرايل 2011 واري ضلعي منظر نامي مطابق آواران ضلعي جي مڪمل آبادي 124000 هئي جن مان صرف 48 سيڪڙو ماڻهن وٽ پنهنجا قومي سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن. عام طور تي قدرتي آفتن دوران سڃاڻپ ڪارڊ نه هجڻ سبب متاثر ماڻهو سهائتا وارين سهولتن کان محروم رهجي ويندا آهن ۽ عام رستن تي سيڪيورٽي ايجنسين جي موجودگي سبب کين ٻيڻي ذلت برداشت به ڪرڻي پوندي آهي.
زلزلي کانپوءِ جيئن ئي سهائتا جو ڪم شروع ڪيو ويو ته قومي ۽ بين الاقوامي امدادي ادارن جون سهائتا واريون ڪارروايون سيڪيورٽي سان لاڳاپيل معاملا سڀ رولڙي جو شڪار ٿينديون ويون.
اهڙين ڏکين حالتن ۾ به هڪ پاسي عالمي برادري ادارن کي سهائتا واريون سهولتون مهيا ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي. عالمي ادارن توڙي مقامي اين جي اوز تي اجازت نامون وٺڻ وارو شرط لاڳو ڪيو ويو. انهي ڳالهه کي جواز بڻائي امدادي ادارن پاران سهولتن واري کيپ کي روڪيو ويو. اهو سڀ ڪجهه سيڪيورٽي جي آڙ ۾ ڪيو ويو.
قدرتي آفت سٽيل علائقن ۾ عام طور تي انساني واهر جي ڪمن ۾ سيڪيورٽي جي نالي ۾ ايئن رنڊڪون نه وڌيون وينديون آهن. بدقسمتي سان بلوچستان سان قدرتي آفتن وقت هميشه اها ويڌن ٿيندي رهي آهي. ٻوڏن ۽ زلزلن وقت اڳي به اهو ڏٺو ويو آهي. هڪ طرف ماڻهو بي گهر ٿيا امداد جي اوسيئڙي ۾ ويٺا هئا ته ٻئي طرف علائقي۾ مزاحمتڪارن ۽ سيڪيورٽي ادارن ۾ ٽڪراءَ پڻ شروع ٿي ويو. آواران ضلعي جا ڪجهه علائقا بلوچ ويڙهاڪن جي قبضي ۾ آهن جتي سندن مڪمل ڪنٽرول رهيو آهي. کين انديشو هو ته امدادي ڪاررواين جي آڙ ۾ سيڪيورٽي ادارن انهن علائقن کي والارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ان جنگ جهڙي صورتحال سبب هزارين زلزلي متاثر ملبي جي ڍڳ تائين محدود رهجي ويا. رستن تي مقامي ماڻهن خاص طور تي نوجوانن جو اچڻ وڃڻ مشڪل ٿي پيو ڇو ته اهي خاص نشانو بڻجي سگهيا ٿي.
ان حالت ۾ خاص طور تي زلزلي متاثر عورتن جي حالت وڌيڪ خراب هئي، ڇو ته امدادي ڪارروايون رڪجي وڃڻ سبب هنن کي هر قسم جي تنگي کي منهن ڏيڻو ٿي پيو. مقامي روايتن سبب عورتون پاڻ شهرن ۾ موجود امدادي ڪيمپن تائين وڃي نه ٿي سگهيو ۽ مرد رستن تي سخت چڪاس ۽ جهڙتي جي ڊپ کان نڪري نه ٿي سگهيا.
ڊاڪٽر مالڪ بلوچ صوبي جو با اختيار وڏو وزير هجڻ جي باوجود امدادي ادارن کي اين او سي ڏياري نه سگهيون. جنهن جي نتيجي ۾ بين الاقوامي ادارا ۽ مقامي اين جي اوز فنڊ نه ملڻ سبب انساني واهر جو ڪم نه ڪري سگهيون.
اها الڳ ڳالهه آهي ته ڪجهه خاص مذهبي تنظيمن کي مختلف بيئنرن هيٺ بنا اين او سي جي پنهنجن خاص ذريعن کان فنڊن وٺي ڪم ڪرڻ جي اجازت هئي. انهن جي ڪيپمن قائم ڪرڻ لاءِ ڪنهن امدادي اداري جي فنڊ جي گهرج نه هئي ۽ کين هر طرح جي واهر فراهم ٿي رهي هئي. نتيجي ۾ واهر جي ڪم ۾ سول سوسائٽي ٻاهر رهجي وئي ۽ مذهبي گروهه سرگرمي ٿي ويا. ماڻهو ٻڌائن ٿا ته اهي مذهبي گروهه مقامي آبادين ۾ پنهنجي خيالن جو پرچار ڪرڻ ۾ وڌيڪ سرگرم آهن، جنهن جا اڳتي هلي اڳرا نتيجا پڻ نڪري سگهن ٿا.
بلوچستان ۽ پاڪستان حڪومت وٽ هڪ موقعو هو ته جن ماڻهن جون دليون زخمي آهن ۽ هو هن رياست کان ناراض آهن، آفت جي هن گهڙي ۾ کين انساني واهر آڇي سندن ڦٽن تي ڪجهه پها رکن ها پر ان جي ابتڙ کين انساني واهر کان وانجهو رکي سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو ويو، جيڪو سياسي لحاظ کان بنهه غلط رويو آهي.
بلوچ قومپرستن ۽ عوامي حلقن پاران سخت تنقيد ٿيڻ سبب هڪ مرحلي تي بلوچستان جي وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بين الاقوامي سهائتا جي ادارن کي واهر جي اپيل به ڪئي پر وفاقي حڪومت ان اپيل کي ٿڏيندي بين الاقوامي ادارن اجازت ناموجاري ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو.ڪجهه عالمي ادارن ان تي به راضي هئا ته رڳو ملڪي اين جي اوز کي اجازت ناما جاري ڪيا وڃن ته اهي کين فنڊ فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهن، جنهن سان آفت سٽيل هزارين ماڻهن جي ڪا واهر ٿي سگهي پر وڏي وزير جي خاطرين جي باوجود ملڪي اين جي اوز کي به اهڙا فنڊن وٺڻ جي اجازت نه ملي سگهي. اها الڳ ڳالهه آهي ته مذهبي ڌرين کي پنهنجن ذريعين کان فنڊ حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به اجازت نامي جي ضرورت نه هئي ۽ سندن ڪم ڪرڻ جا سمورا دروازا نه رڳو کليل هئا. بلڪه ڪجهه بلوچ قومپرستن اهو به چون ٿا ته سيڪيولر بلوچ قومپرستن جي جدوجهد کي مڏو ڪرڻ لاءِ مذهبي انتهاپسند ڌرين کي سهولتون ڏئي انهن علائقن ۾ پير کوڙڻ لاءِ هن آفت کي وجهه طور استعمال ڪيو پيو وڃي.
قدرتي آفتن وقت جنهن به سوچ ۽ نظرئي جو ماڻهو واهر لاءِ پهچندو آهي فطري طور تي بکئي پيٽ ۽ بنا چت وارو ماڻهو ان جي پوئلڳي ڪرڻ تي مجبور ٿي پوندو آهي. اهڙا تجربا 2010 کان 2013 ع تائين سنڌ ۾ آيل ٻوڏن دوران به ڪجهه هنڌن تي ڪيا ويا.
هاڻي صورتحال اها آهي ته لڳ ڀڳ پنج مهينا گذرڻ کانپوءِ به سوين ڪٽنب اڃا به بي گهر آهن. انهن مان ڪيترن لسٻيلي، حب، خضدار ۽ ڪراچي ۾ مٽن مائٽن ۽ سڃاڻپ وارن وٽ وڃي پناهه ورتي آهي. سرڪاري امداد جي اعلانن تي به روايتن موجب تمام معمولي درجي جو عمل ٿي سگهيو آهي ۽ متاثرن جي گهڻائي ان واهر کان به محروم آهي. غربت سٽيل هن علائقي ۾ گاري ۽ مٽي جا گهر ٻيهر اڏيڻ به ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ ممڪن ناهي. قدرتي آفتن دوران انساني واهر کان محروم رکڻ بهرحال هڪ غير انساني عمل آهي، جنهن کي ڪنهن به بهاني هيٺ قبول نه ٿو ڪري سگهجي.
nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو