Home / پروفائيل / محبت جي فرض جي پُڄاڻي ۽ سيد جو فلسفو
above article banner

محبت جي فرض جي پُڄاڻي ۽ سيد جو فلسفو

                                                      لطيف جمال

سنڌ جي جوانيءَ جي دلين تي راڄ ڪندڙ، اردوءَ جي مشهور افسانه نگار مظهر السلام لکيو هو ته ”عاشقن جو آخري فرض، محبت کي بچائڻ هوندو آهي.“ اُها محبت جيڪا زماني جي منطق وارن سانچن ۾ ماپي نه سگهي. اُها محبت جيڪا ٺٽي جي اڀيچند تان فدا ٿي فقيريءَ پاسي سفر ڪري ۽ اورنگزيب اڳيان اُگهاڙي بڻجي نفيءَ جي ندي بڻجي وڃي. اُها نفي جيڪا دراصل سرمد شهيد جي ذات جي نفي هُئي. جنهن جي ذريعي ئي هُن حقيقت جي دنيا ڏانهن وڃڻ جي واٽ ڳولي ورتي هُئي. پر اورنگزيب جو عقل، جهڙي ريت سرمد جي مجذوب عشق کي سمجهي نه سگهيو هو ۽ سرمد جو سِر جلاد جي تکي تلوار جو نشانو بڻائي مجذوب محبت جي مزار ۾ تبديل ڪيو ويو هو. اهڙي طرح هر دور ۾ عقل ۽ عشق جي جنگ ۾ بظاهر عقل حاوي نظر آيو آهي. پر هار ۽ شڪست هميشه عقل جي حصي ۾ آئي آهي. عشق پنهنجي ابتدا ۾ به عظيم رهيو آهي ته پنهنجي انتها ۾ به عظيم تر رهيو آهي. ۽ عاشقن پنهنجي آخري فرض ۾ محبت کي نه رُڳو بچايو آهي، پر اُن کي امر بڻائي ڇڏيو آهي.

اڄ جڏهن سن جي صحن ۾ ڪتاب جهڙي قبر مٿان گُل نڇاور ٿين ٿا ۽ سنڌ جي جواني اُن پوڙهي عاشق جي پيرانديءَ کان بيهي، هُن جي ڳالهين کي ڪتابي ورقن مان ياد ڪرڻ لڳي ٿي ته کين محسوس ٿيندو ته سن جي مِٽيءَ ۾ سُتل سنڌ جو سياستدان نه پر هڪ اهڙو عاشق آهي، جنهن پنهنجي آخري فرض ۾ محبت کي بچائي رکيو. اُهو سيد جنهن ننڍي کنڊ وڏن مُفڪرن ”سوامي وويڪانند“، ”ڄيٺمل پرسرام“ ۽ ”ڪرشنا مورتي“ سان ملاقاتون ڪيون ۽ اُنهن جي ڳالهين جي ڳنڍين کي ”ديارِ دل ۽ داستانِ محبت“ ۾ سفيد تاڪين وانگر کوليندو ويو. هن جو خيال هو ته ” جتي عقل جي انتها ٿئي ٿي، اُتان عشق جي ابتدا ٿئي ٿئي. عقل سان زندگيءَ جا معاملا مُنجهندا رهن ٿا. عشق مُنجهيل معاملن کي سُلجهائي سڌو ڪري ٿو.“ هُو جيڪو ننڍي کنڊ جي سياست جو اکين ڏٺو شاهد هو. تنهن پنهنجي مُشاهدن ۽ تجربن آڌار مُسلم ليگ جي سياست کي مسلمانن جي دماغن جو خلل سمجهي، سنڌ سان بي وفاين کي برداشت نه ڪري الوداع چيو هو. جنهن ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏيڻ جي ڏوهه ۾ قيد ڪاٽيا. عجيب اتفاق آهي ته سيد جنهن موقف جي بُنياد تي قيد ڪاٽيا اڄ پاڪستاني ميڊيا تي اينڪرز به ٻه قومي نظريي کي غلط قرار ڏئي رهيا آهن. پر اُنهن خلاف هن مُلڪ ۾ تنبيهي ليٽر به جاري نٿو ڪيو وڃي. اُهو سچ جيڪو سيد صعوبتن جي صورت ۾ سهي اڇڙن ڪڪرن جا رستا پار ڪري هليو ويو. اڄ سرِعام ورجائجي رهيو آهي. اِها سيد جي عشق جي فتح آهي.
اهو سيد جنهن سياست جي سمنڊ ۾ پنهنجي دل کي درويش رکيو. لالچون کيس لوڙهي نه سگهيون. نه ئي دڙڪا سندس دل کي ڪمزور ڪري سگهيا. جنهن تڪليفن جي طوفانن ۾ پنهنجي دل جي ٻيڙيءَ کي ڪمزور نه ڪيو ۽ لڳاتار پنهنجي ارادي تي اٽل رهيو. اهڙو عمل عاشق ئي ڪري سگهن ٿا. سياستدانن جون دليون ته سوڙهيون ٿينديون آهن.سيد ته سنڌ جو عاشق هو. عاشق ته فقط ڏيڻ جي ڳالهه ڪندا آهن جن کي وٺڻ جي تمنا ناهي هوندي. جن وٽ حساب رکڻ واري حُجت گناهه جي برابر هوندي آهي. ڪنهن سيد کان پُڇيو ته: ” توهان پنهنجي ذات سان محبت نه ڪندا آهيو؟ اها ته انساني فطرت آهي؟“ سيد چيو: ” فطرت هوندي……. پر مان سنڌ سان محبت ڪندو آهيان.“ غير مشروط محبت جنهن ۾ شَرط، شِرڪ برابر هُجن. اهڙي محبت جو جام رُڳو سائين جي ايم سيد جي حصي ۾ آيو.
اڄ جڏهن سڄي دُنيا ۾ مُلائيت، بُنياد پرستي ۽ فرقيواريت جهڙا سوال وڏو چئلينج بڻيل آهن. ۽ سڄي دُنيا دهشتگرديءَ جي بارود تي ويٺل آهي. سنڌ ڳيري جي آکيري وانگر پنهنجي اُداس دل سان رُڳو اِها دعا گُهري رهي آهي ته هُن جي امن جو آکيرو نفرت جي باهه کان بچي سگهي. جيتوڻيڪ سنڌ ۾ به اهڙا واقعا ۽ لقاءَ ڪرائڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن. پر اهڙين سازشن اڳيان جيڪا مزاحمت جي ديوار نظر اچي رهي آهي اُن ۾ وڏو ڪردار سائين جي ايم سيد جو آهي. جنهن اڄ کان ڪيترائي ورهيه پهرين جڏهن سرد جنگ جون صورتون تبديل نه ٿيون هُيون. تڏهن ”جيئن ڏٺو آهه مون…“ لکي اهڙي انڪار جي جُرئت ڪئي هُئي. جنهن جو مثال سنڌ جي تاريخ ۾ نٿو مِلي. سيد سنڌ اندر مذهبي ڪٽرپڻي خلاف نه رُڳو پنهنجو موقف سڌو رکيو پر ائين به چوندو رهيو ته: ”اڄ جيڪي مسلمان قوم واري تصور هيٺ اسلامي نظام رائج ڪرڻ جا حامي آهن، اُهي سڀاڻي، اهڙي تصور هيٺ مُلڪي نطام کي تحس نحس ڪري ڇڏيندا.“ ڇاڪاڻ ته سيد جو خيال هو ته ”سمورن مذهبن جي ظاهري ڪثرت پويان، بُنيادي وحدت وارا راز سمايل آهن“. سيد جا اهڙا خيال هن مُلڪ کي هلائيندڙ قوتن کي چِڙ ڏياريندا رهيا. ان حد تائين جو سنڌ جي عاشق سيد پنهنجي ڪراچيءَ ۾نشتر پارڪ واري سالگرهه دوران بين الاقوامي مُلڪن کي صلاح ڏيندي چيو هو ته: ”دُنيا کي مذهبي جنونيت واري جِن کان بچائڻ لاءِ، روحاني قومن جو جُدا بلاڪ جوڙڻ جي ضرورت آهي.“ هن وقت جيتوڻيڪ سيد سنڌ جي هنجهه ۾ سُتل آهي. پر اڄ هُن جي عشق، فهم ۽ ادراڪ تي ويچارجي ٿو ته هُو سنڌ جي مِٽيءَ جو اهڙو مست الست عاشق هو، جنهن سنڌ کي ايندڙ ڪيترين صدين تائين پئي ڏٺو. سيد جي حصي ۾ پيغامِ سنڌ اُن فڪر جي روشنيءَ ۾ پرکي سگهجي ٿو جنهن سلسلي جي زنجير شاهه عنايت شهيد، شهيد مخدوم بلاول، دولهه دريا خان، سچل سرمست ۽ ڀٽائي سائين هُئا. سيد سمورين درگاهن ۽ درن جا درشن ڪيا. جن جا تذڪرا پنهنجي ڪتابن ۾ به ڪندو رهيو. پر جنهن مڪتب تي مُتفق ٿيو. اُهو سلسلو سنڌ جي عظيم هستين جي محبت وارو مڪتب هو. فارسي جي ڪنهن شاعر جي هنن سِٽن وانگر:
حريفان بادها خوردند رفتند،
تهي خمخانها، ڪردند رفتند.
(ساٿي محبت جا ڍُڪ پي گُذر ڪري ويا آهن. اڄ سندن مئخانه خالي پيا آهن.)
سائين جي ايم سيد اُن خالي پيل مئخانن کي آباد ڪرڻ واري رمز وارو سلسلو ورتو. جنهن سلسلي تي هلڻ سياستدان جي وس جي ڳالهه نه هُئي. پر اهڙي سلسلي تي ڪي عاشق ئي هلي سگهن ٿا. صالحن جي صُحبت سيد جي سڄي زندگيءَ کي سنڌ جي محبت واري محور پاسي موڙي ڇڏيو. اُهو ئي سبب هو جو هُن جي سياست جو بُنياد فقط سنڌ جي خوشحالي ۽ قومي آجپو رهيا. هُن اقتدار جي حوس ۽ لالچ کي لاهي ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. latifjamal@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو