Home / اسپيشل افيئر / مذهبي انتهاپسندي جو روڳ!
above article banner

مذهبي انتهاپسندي جو روڳ!

اڄڪلهه اڪثر ملسمان ملڪ مذهبي انتهاپسندن طرفان تشدد کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪجهه حڪومتون جهڙوڪ مصر، مالي ۽ شام انتهاپسندن کي مڪمل طور چٿڻ ڏانهن وڌيون آهن، جڏهن ته ٻيا ملڪ اهڙن انتهاپسندن خلاف سخت قسم کڻڻ جي جُهد ۾ آهن.
پر حقيقت اها آهي ته انتهاپسندي خلاف جهد مسلسل اهڙن ملڪن ۾ به نظر نٿو اچي جن وٽ انتهاپسندي دهشتگردي هڪ وڏو مسئلو بڻيل آهي. اهڙن ملڪن ۾ پاڪستان ۽ يمن جهڙا ملڪ پڻ شامل آهن. اڪثر ملڪن ۾ اهي مذهبي تنظيمون حڪومت خلاف جنگاڻ ۾ رڌل آهن، جنهن ڪارڻ غير يقيني صورتحال پئدا ٿيڻ فطري آهي. اهڙو ئي تجربو مصر، شام ۽ مالي پڻ ڀوڳي چڪا آهن. خاص طور تي پاڪستان ۽ الجيريا ۾ مذهبي انتهاپسندي خلاف رياست توڙي حڪومتون انهي سطح جو ايڪشن نٿيون کڻن جو اها مڪمل طور پاڙئون پٽجي وڃي.
منهنجي خيال ۾ اهو وقت ئي ٻڌائيندو ته مذهبي انتهاپسندي واري سياست خلاف سخت قدم کڻڻ سان ئي انکي ختم ڪري سگهجي ٿو نڪي غير عملي قدمن سان. هن وقت جي تاريخ جو سچ اهو آهي ته ملسمان ملڪن ۾ مذهبي انتهاپسندي تيزي سان وڌي رهي آهي.
يقيني طور تي ان دهشتگردي ۽ تشدد جا بنياد سولائي سان 2001 جي 9/11 واري واقعي کانپوءِ عراق ۽ افغانستان تي ٿيل آمريڪي حملي وارن واقعن ۾ ڳولي سگهجن ٿا.
جيڪڏهن ٿورو ماضي ڏانهن لوڻو هڻنداسين ته پوءِ ان دهشتگردي ۽ تشدد جون پاڙون اتي ملنديون جڏهن آمريڪا بهادر، سعودي عرب ۽ پاڪستان طرفان 1980ع ڌاري “نام نهاد سوويت مخالف جهاد” جي نالي تي هزارين مسلمانن کي نه رڳو تربيت ڏني وئي بلڪه کين هٿيار ۽ جهجها ڏوڪڙ به ڏنا ويا. وڏي ڳالهه ته ان نام نهاد جهاد ۾ ڪيترين ئي حڪومتن پنهنجي شهرين کي وڙهڻ جي به اجازت ڏني.
مسلم دنيا اندر مذهبي، انتهاپسندي ۾ اڀار جي حوالي سان مٿي ذڪر هيٺ آيل ٻه رايا نهايت اهم آهن، ليڪن مفڪر ۽ تاريخدان مسلمان ملڪن ۾ وڌندڙ مذهبي انتهاپسندي جي جديد بنيادن بابت هڪ ٻيو گڏيل نقطئه نظر پڻ رکن ٿا. سندن چواڻي ڪيترائي مسلمان ملڪ مذهبي انتهاپسندن ڏانهن پنهنجي نرم پاليسي سبب کين عوامي سطح تي مڃتا ڏيارڻ ۾ ملوث آهن، جنهن ڪارڻ اهي ختم ٿيڻ بدران ڦهلجي رهيا آهن. اهو نه وسارڻ کپي ته 1970ع ۾ آيل مذهبي انتهاپسندي جي اڀار جو ڪيتو خلق خدا ڏهاڪن تائين لوڙيو آهي.
اهي اڪثر مسلمان ملڪ جن 1940ع ۽ 1960ع ۾ يورپي بيٺڪي قوتن کان آزادي حاصل ڪئي. انهن ملڪن ۾ جتي قومي تحريڪون سرگرم رهيون آهن اتي گهڻن ئي ملڪن ۾ سيڪيولر قومپرست حڪومتن جو غلبو رهيو آهي. حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته سرد جنگ دوران اڪثر عرب ملڪن ۾ سيڪيولر حڪومتون رهيون ۽ اهي سوويت يونين جون اتحادي هيون. 1960ع، 1970ع جي شروعاتي ڏينهن ۾ ڪيترن ئي ملسمان ملڪن ۾ پاپولرسيڪيولر قومپرستن جو اڀار آيو، جنهن آمريڪي سرمائيداري نظام سوويت يونين وچ ۾ لڪير ڪڍڻ جي ابتدا ڪئي.اهڙي قدم سبب نه رڳو آمريڪا بهادر جي مخالفت ۾ تيزي آئي بلڪه ان ڪارڻ مذهبي ڌرين خلاف پڻ بغاوت ڪر کنيو ۽ انهن تي اهو الزام آيو ته اهي غريب ماڻهن جي سرمائيداري نظام جي سهاري ڦرلٽ ڪري رهيون آهن. ايئن ڪيترن مذهبي انتهاپسند گروهن کي چٿيو ويو. ليڪن کاٻي ڌر گهڻي سگهه ۽ وسعت حاصل نه ڪري سگهي. جنهن ڪارڻ اهڙو وقت به آيو جو اهي انتهاپسند گروهه سيڪيولر حڪومتن لاءِ چئلينج بڻجي ويا. تيونس، الجيريا، پاڪستان، موراڪو، مصر، صوماليا ۽ سوڊان جي سيڪيولر حڪومتن 1970ع جي وچ ڌاري ان چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ سخت رد عمل ظاهرڪيو، نه وسارڻ کپي ته مذهبي انتهاپسندن طرفان اهڙو ئي چئلينج اڄ به موجود آهي پر ان کي گهڻو وڌائي پيش ڪيو وڃي ٿو.

jan-44-2014
پوءِ ٿيو ايئن ته 1970ع ۾ مصر جي انور سادات کي عرب سوشلزم ۽ قومپرستي جي علامت جمال عبدالناصر اچي هٽايو. هن اچڻ شرط مصر کي سوويت يونين کان پري ڪري آمريڪا بهادر۽ تيل ۾ شاهوڪار ملڪ سعودي عرب سان اچي ناتو جوڙيو . ليڪن کيس پنهنجي ئي حڪومت ۾ کاٻي ڌر جي ماڻهن جي سخت مخالفت کي منهن ڏيڻو پيو. ان جي جواب ۾ هن فوري طور مذهبي جماعتن جهڙوڪ مسلم برادر هوڊ ۽ ان جي شاگرد ونگ تان پابندي هٽائي ڇڏي. ساڳيو ڪم تن ڏينهن ۾ تيونس ۽ موراڪو ۾ پڻ ٿيو جن اولهه دوست سيڪيولر حڪومتن مذهبي پارٽين کي يونيورسٽين اندر ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني حالانڪه اهي يونيورسٽيون کاٻي ڌر جي گروپن لاءِ نرسريون هيون.
الجيريا ۾ کاٻي ڌر ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ ۽ سيڪيولر حڪومتن اها روش اختيار ڪئي ته ريڊيڪل ڪميونسٽ سندن لاءِ خطرو آهن. ايئن پوءِ هوريان هوريان اتي ڪيترن ئي بندش پيل اسلامي تنظيمن تان پابندي هٽائي وئي.
پاڪستان ۾ وري کاٻي ڌر ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ ذوالفقار علي ڀٽو کي 1973ع ۾ ڪراچي ۾ پورهيتن جي بي چيني ۽ بلوچستان ۾ بلوچن جي جدوجهد پٺيان “ڀارت ۽ سوويت يونين” جو هٿ نظر آيو. هن آهستي آهستي پنهنجي پارٽي مان ريڊيڪل سوشلسٽن کي نيڪالي ڏني، يونيورسٽين ۾ ترقي پسند شاگردن کي سوڙهو ڪندي ساڄي ڌر جي شاگرد تنظيمن کي کليل ڇوٽ ڏني. اهڙي ريت مذڪوره حڪومتن تيل ۾ امير عرب ملڪن جي چرچ تي ڪميونسٽن کان خطري جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪري هڪ اهڙو پنڊو را باڪس کوليو، جنهن جا ڇنڊا اڳتي هلي سندن منهن تي پڻ پيا.
سادات کي 1981ع ۾ بردر هوڊ جي انتهاپسندن طرفان ماريو ويو، حالانڪه سندس دور ۾ بردر هوڊ کي ڪافي کليل هٿ هو.ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت رد عمل ۾ ٿيل فوجي گهات جي ور چڙهي وئي، جيڪا پڻ ساڄي ڌر جي انهن ئي پارٽين طرفان احتجاجي تحريڪ هلائڻ جي ڪري ٿي. جن کي ڀٽي پنهنجي دور ۾ هر ممڪن خوش رکڻ جي ڪوشش ڪئي. صوماليه ۽ سوڊان گهرو ويڙهه جي ور چڙهي ويا، جڏهن ته الجيريا جي اڳواڻ محمد بوديف کي 1992ع ۾ هڪ اسلامي گروهه قتل ڪري ڇڏيو.
حقيقت ۾ مذهبي ڌرين کي خوش رکڻ واري روش انهن جي واڌ ويجهه جو سبب بڻي ۽ انهن سماجي ۽ سياست سماج جي مختلف پرتن ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي.
جيئن آءُ مٿي ذڪر ڪري آيو هيان ته ڪيترن ئي مسلمان ملڪن اهو طئي ڪري ڇڏيو آهي ته اهي مذهبي انتهاپسندن کي بنهه ڇٽي ڇڏيندا ۽ انهن اهو ڪم شروع به ڪري ڇڏيو آهي پر ڪيترائي ملڪ اهڙا آهن جيڪي دهشتگردي ۽ تشدد ۾ ملوث انهن انتهاپسندن کي اڃا به موقعو ڏيڻ چاهين ٿا ته جيئن اهي عوامي سياست ۽ سماج سان پاڻ کي جوڙي سگهن.
ڀانيان ٿو ته جيڪڏهن مذهبي انتهاپسندن کي خوش رکڻ واري اها روش ۽ پاليسيون جاري رهيون ته اهي خوني انتهاپسند گروپ ختم نه ٿيندا بلڪه اڃا به وڌندا. جڏهن ته مذهبي انتهاپسندي ۽ تشدد ۾ پڻ واڌ ايندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو