Home / اسپيشل افيئر / مسلمان ڇوڪري جي اغوا جو ناٽڪ جاتي:سنڌي باگڙياڻين کي لڏائڻ جي سازش
above article banner

مسلمان ڇوڪري جي اغوا جو ناٽڪ جاتي:سنڌي باگڙياڻين کي لڏائڻ جي سازش

Picture6اسلام سميت دنيا جي سمورن مذهبن پنهنجن مقدس ڪتابن ۽ ڌرتي تي اماڻيل پيغمبرن معرفت مذهبي ۽ سماجي متڀيد جي هميشه مخالفت ڪئي آهي. هن ڌرتي جي معلوم تاريخ پيغمبر اسلام، ڪائنات جي عظيم شخصيت حضرت محمدﷺ، گوتم ٻڌ، اشوڪا، ڪرشن توڙي عيسائيت، جين مت ۽ ٻين فڪرن جي اڪابرن پڻ هميشه انسانن وچ ۾ چڱائي جو پرچار ڪيو آهي. پر تازو ٺٽي جي ساحلي پٽي واري شهر جاتي ۾ رڳو افواهن جي بنياد تي ته ڪنهن مسلمان ڇوڪري کي ٿري شڪارين جو رولاڪ گهراڻو اتان اغوا ڪري کڻي آيو آهي ۽ هن ساحلي پٽي ۾ پنائڻ جو پيشو اختيار ڪرايو اٿس، جيڪا خبر باهه وانگي ڦهلجي ويئي، جنهن جي رد عمل طور شهر جا سوين مختلف مذهبي جماعتن سان تعلق رکندڙ توڙي ترقي پسند ڌرين، شهر ۾ احتجاج ڪيو ۽ ٿاڻي تي چڙهائي ڪئي ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن اڳ جاتي جي ايس ايڇ او جيڪو خود اقليت سان تعلق رکي ٿو، اشوڪ ڪمار شڪارين جي ان رولاڪ گهراڻي جي ڀاتين کي ٻڌي ٿاڻي تي کڻي آيو ۽ جاچ ڪرڻ باوجود شهرين جي دعويٰ ثابت نه ٿي سگهي ته هن اقليتي برادري ڪا ڇو ڪري اغوا ڪرائي آهي ۽ ان کي بازار ۾ پنڻ تي لڳايو آهي. Picture3

سڄي معاملي جي ٺاهه لاءِ جڏهن هندو پنچائت جو صدر سنيل داس ٿاڻي پهتو ته پوليس ان کي به گرفتار ڪري ورتو رڳو ڏينهن کانپوءِ ان مسئلي جي رد عمل طور وڳوڙين طرفان هندو واپارين جي دڪانن جي ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي. سجاول جي ڊپٽي ڪمشنر شوڪت جوکيو ۽ ايس ايس پي فدا مستوئي پوليس اٽالن سان جاتي پهتا ۽ ماڻهن کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، ٻن ڏينهن جي مسلسل ڊرامي بعد جڏهن يقين ٿي ويو ته واقعو من گهڙت ۽ افواهن کان سواءِ ڪجهه نه هو ته پوءِ پوليس 300 کان مٿي ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ۽ هندو پنچائت جي صدر تي پڻ ڪيس داخل ڪيو ۽ واقعي بعد هندو شڪاري يعني باگڙجي قبيلي جا ماڻهو شهر ڇڏي ٻئي نامعلوم هنڌ منتقل ٿي ويا. ضرورت ان ڳالهه جي هئي ته انهن ڌرين کي پڌرو ڪجي ها جيڪي اقليتي برادري ۽ مسلمانن کي وڙهائڻ ۽ اشتعال پئدا ڪرڻ ۾ ملوث آهن. انهن کي وائکو ڪجي جيئن اهڙو ڪو ڊرامو ٻيهر وجود ۾ نه اچي سگهي. 

ٺٽي ضلعي جي تاريخ اهڙن واقعن سان ڀريل آهي جنهن جو مثال ڌبگير مسجد وارو واقعو پڻ آهي، جنهن معمولي ڳالهه ته ڌبگير مسجد ۾ نماز پڙهندڙ نمازين ۽ ان وقت سامهون مندر ۾ پوڄا پاٺ ڪندڙن وچ ۾ تڪرار ٿي پيو ۽ چڱامڙس فوري طور وچ ۾ آڻي اصل حقيقت کي وائکو ڪيو ۽ ان واقعي کي ياد رکڻ لاءِ ٺٽي ۾ نوابي جلسي جو اهتمام اڄ به ڪيو ويندو آهي.

سنڌ جيڪا سيڪيولر فڪر رکندڙ ۽ صوفين جي ڌرتي آهي ان ۾ اهڙي قسم جا ناٽڪ يقيني طور ڪن نظر نه ايندڙ هٿن جو کيل آهن جيڪي چاهين ٿا ته سنڌ مان رهيل کهيل سنڌي هندن کي به لڏايو وڃي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو لاڙ جي پر امن پٽي ۾ مذهبي متڀيد کي اڀاريو پيو وڃي. حالانڪه مقامي ماڻهو بنهه سادا ۽ سٻاجها آهن. جڏهن ته هتي ٻاهر کان آيل ڪجهه مشڪوڪ ماڻهو به مدرسن وسيلي مذهبي متڀيد کي هوا ڏئي رهيا آهن. ان ڪري اسان کي خبر دار رهڻو پوندو ۽ هر اهڙي سازش کي ناڪام بڻائڻو پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو