Home / اسپيشل افيئر / مسٽر جيمز اسٽريچن ۽ مولانا دين محمد وفائي
above article banner

مسٽر جيمز اسٽريچن ۽ مولانا دين محمد وفائي

اختر بلوچ

 ڪراچي جي تعمير ۽ ترقي ۾ هونئن ته تمام گهڻن ماڻهن حصو ورتو ليڪن ان ۾ وڏو حصو مسٽر جيمز اسٽريچن جو پڻ هو. اهڙي ريت سياسي ۽ صحافتي حوالي سان مولانا دين محمد وفائي به هڪ اهم شخصيت هئي. سڀ کان اڳ ذڪر ڪريون ٿا جيمز اسٽريچن جو جيڪو پيشي جي لحاظ کان انجينئر هو. محمد عثمان دموهي پنهنجي ڪتاب “ ڪراچي تاريخ جي آئيني ۾” جيمز اسٽريچن جي حوالي سان لکي ٿو ته: “ڪراچي جي دل ۽ جان سان خدمت ڪندڙ اهو انگريز انجنيئر ڪراچي کي لنڊن جهڙي ترقي ڏيارڻ جو خواهشمند هو. هو نهايت ذهين ۽ قابل انسان هو. جيتوڻيڪ هو بنيادي طور تي هڪ ريلوي انجينئر هو ليڪن شهري رٿابندي ۾ به زبردست مهارت رکندڙ هو. هن جي 1873ع ۾ ڪراچي ميونسپالٽي جي چيف انجنيئر ۽ سيڪريٽري طور مقرري ٿي. هن پنهنجي غير معمولي ذهانت، محبت ۽ اڻٿڪ جدوجهد وسيلي ڪراچي شهر جو نقشو ئي بدلائي ڇڏيو. هن ڪراچي جي شهرين کي ٽيليفون ۽ بجلي جون سهولتون پهچائڻ لاءِ پهريون ڀيرو منصوبا ٺاهيا ۽ هو پنهنجي بلديا جي نوڪري دوران ئي ٽيليفون جي سهولت ڪراچي تائين پهچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو هو. باقي شهر کي بجلي سندس بدلي ٿيڻ کانپوءِ ملي سگهي. سندس ڪوششن سان گهر گهر پاڻي جا ڪنيڪشن ڏنا ويا هئا. ان سلسلي ۾ کيس پنج سئو پائونڊ جو انعام به ڏنو ويو هو.”

بلديه ڪراچي طرفان شايع ٿيندڙ رسالي ۾ جيمز اسٽريچن جو ذڪر تفصيل سان ڪيو ويو آهي. انهن تفصيلن موجب 1873ع ۾ هڪ انجنيئر جيمز اسٽريچن جي ڪراچي ميونسپالٽي ۾ هڪ انجينئر طور مقرري ٿي. هو نهايت غير معمولي ذهانت جو مالڪ هو، هن ايمپريس مارڪيٽ ۾ ميري ويدر ٽاور ٺهرايو، ٽرام وي ڪمپني قائم ڪرائي، ٽرام هلرائي. ڪياماڙي جي اسپتال ٺهرائي هڪ ڪاليج قائم ڪيو. مارڪيٽون ٺهرايون، روڊ رستا ٺهرايا ۽ ميونسپالٽي جي آفيس ميڪلو روڊ تي وسيع هنڌ تي منتقل ڪرائي. ان سان گڏو گڏ هن پاڻي جي سپلاءِ جي هڪ اسڪيم حڪومت کي پيش ڪئي ۽ اها به ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ميونسپالٽي کي اهو قرض نه مليو ته پوءِ پنهنجن وسيلن مان ان سڪيم تي عمل درآمد ڪرڻو پوندو. جنهن ۾ سرڪاري گاڏين (فوجي) کان موٽر وهيڪل ٽيڪس جي اوڳاڙي، ٽرانزٽ ڊيوٽي ۾ واڌ به شامل هئي.

ٽيڪس جون نيون تجويزون ۽ انهن مان حاصل ٿيندڙ آمدني جا تفصيل به ان سان گڏ حڪومت کي پيش ڪيا ويا. ان ڪري حڪومت خطرو محسوس ڪندي پهريون ڀيرو ان جي منظوري ڏني ۽ جيمز اسٽريچن کي اها ذميواري سونپي وئي ته هو پنهنجي نگراني ۾ ان اسڪيم تي عمل ڪرائي.

لاڳت جو شروعاتي ڪاٿو 12 لک روپيا هو ليڪن حڪومت ڪٽوتي ڪري اٺ لک روپيا ڪري ڇڏيو. ان ڪري پائپ جي سائز گهٽائي وئي ۽ فقط ٻه کوهه ٺاهيا ويا. 18 فيبروري 1880 ع ۾ پهريون ريز ردو واٽر تيار ٿيو ۽ اپريل 1883ع ۾ اها رٿا مڪمل ٿي، بمبئي جي گورنر ان جو افتتاح ڪيو.

“ ڪئپيٽل آف سنڌ” نالي ڪتاب مطابق اهڙي طرح ڪراچي ۾ پهريون ڀيرو پائيپن وسيلي پاڻي جي سپلاءِ شروع ٿي. 80 هزار جي آبادي لاءِ في ڪس 45 گيلن ڏهاڙي جي حساب سان پاڻي ملڻ لڳو. ايترو گهڻو پاڻي وري پوءِ هن شهر کي ڪڏهن به نصيب نه ٿيو. ان اسڪيم تي 8 لک 54 هزار روپيا خرچ ٿيا. حڪومت اهڙو ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي جيمز اسٽريچن کي انعام ڏنو ڇو ته اهڙي طرح حڪومت کي ساليانو 20 هزار روپين جي بچت ٿي. جيڪي ان کي فوج کي واٽر سپلاءِ ڪرڻ جي مد ۾ خرچ ڪرڻا پوندا هئا.

واٽر سپلاءِ اسڪيم مڪمل ٿي وڃڻ کانپوءِ شهر ۾ هنڌ هنڌ تي نلڪا هنيا ويا. گهر گهر ڪنيڪشن هڻڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو، کوهه بند ڪيا ويا. رڳو انهن هنڌن تي کوهه رهڻ ڏنا ويا جتي پائيپ نه پئي پهچي سگهيا. مسٽر اسٽريچن پاڻي جي سپلاءِ ۾ واڌ ڪرڻ جي به ڪوشش ڪئي ۽ پاڻي جو مقدار 30 لک گيلن روزانو کان 35 لک گيلن تائين پهچايائين. اهڙي ريت ميونسپالٽي کي 5 لک گيلن روزانو اضافي پاڻي ملڻ لڳو، اهو پاڻي شهر ۾ وڻ پوکڻ، باغ ٺاهڻ ۽ تفريحي پارڪ ٺاهڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. 

پاڻي جي سپلاءِ سان گڏ گندي پاڻي جي نيڪالي لاءِ الڳ اسڪيم به هن ئي ٺاهي، جنهن تي لاڳت جو اندازو ست لک هو. اها اسڪيم به منظور ٿي وئي ۽ ڪم شروع ڪيو ويو. جيمز اسٽريچن انگلينڊ جي زندگي واري معيار کي ذهن ۾ رکندي ڪم ڪيو هو، ان ڪري گهر گهر پاڻي جا ڪنيڪشن ڏيڻ شروع ڪيا ويا. ليڪن ان لاءِ تمام گهڻي رقم پائپ خريد ڪرڻ تي خرچ ٿي رهي هئي. ان ڪري عوامي نلڪا وڌايا ويا، ان وقت شهر ۾ 238 نلڪا هنيا ويا ۽ شهر جي مختلف هنڌن تي ڦوهارا پڻ هنيا ويا.

جيمز اسٽريچن ٽرام وي ڪمپني قائم ڪرڻ لاءِ ڪيترن ئي يورپي واپارين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، خرچ ۽ آمدني جا گوشوارا ٺاهي ڏنا. ٽرام وي ڪمپني ٺاهي وئي ليڪن جيستائين ٽرامون هليون، جيمز جي ڪراچي ميونسپالٽي مان بدلي ٿي چڪي هئي.

اسٽريچن روڊ رستن جي روشني لاءِ بجلي استعمال ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ خانگي بجلي ڪمپني قائم ڪرائڻ لاءِ ڊڪ ڊوڙ ڪئي. ليڪن اهو مقصد تڏهن پورو نٿي سگهيو. اهو ان ڪري جو يورپي حڪمرانن کي هن شهر سان ڪا گهڻي دلچسپي نه هئي.

بهرحال شهر جو نقشو ڪافي حد تائين تبديل ٿي چڪو هو، جتي ڌوڙ پئي اڏامندي هئي. اتي تفريحي پارڪ ۽ باغ نظر اچڻ لڳا. گهرن ۽ بنگلن سان گڏوگڏ وڻ لڳي ويا ۽ شهر جي حالت بلڪل بدلجي وئي. تڏهوڪي دور ۾ ڪلفٽن سمنڊ ۾ وهنجڻ جي بهترين جاءِ هئي. ماڻهو سمنڊ جو نظارو ڪرڻ لاءِ هتي گڏ ٿيندا هئا. ان ڪري تنهن زماني ۾ سمنڊ تائين ٽريڪ ٺاهيو ويو ۽ روشني جو انتظام ڪيو ويو.

اسٽريچن روڊ رستن تي روشني لاءِ ڪيروسين (گاسليٽ) استعمال ڪرڻ جي منظوري ورتي. ڇو ته عام طور تي کوپري جو تيل بتي ٻاريندڙ مقامي عملو کڻي ويندو هو، ان ڪري ميونسپالٽي گاسليٽ استعمال جي 1883ع ۾ منظوري ڏني. ان وقت سٺ ميل ڊگهي روڊ تي هڪ هزار بتيون هنيون ويون.

مولانا دين محمد وفائي بابت سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته “ مولوي صاحب لکپڙهه جو تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي. سندس لکيل ڪتابن ۾ سڀ کان نامايان حضرت محمد ﷺ جي سوانح عمري، حضرت صديق اڪبر جي سوانح عمري، حضرت عمر رضه جي سوانح عمري، سيرت عثمان جي سيرت، حضرت علي رضه، خاتون جنت جي سوانح، غوث اعظم جي سوانح، نئين مسلمان ٿيل هندو مهاراڻيان الختم فهم الحضر (ردقياني) هندو ڌرم ۽ قرباني شامل آهن.

هو وڌيڪ لکي ٿو ته 1940 ۾ جڏهن هو وزير تعليم مقرر ٿيو ته سنڌي ادب جي بهتري ۽ ان جي ترقي لاءِ سنڌي ادبي مرڪزي صلاحڪار بورڊ قائم ڪيو ويو ۽ مولوي صاحب کي ميمبر نامزد ڪيو ويو. ان کانسواءِ سنڌي لغت تيار ڪرڻ لاءِ به هڪ ڪميٽي مقرر ڪئي وئي. جنهن ۾ مولوي فتح محمد سيوهاڻي، ڄيٺ مل پرس رام، عثمان علي انصاري، ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ مولوي دين محمد وفائي گڏيل طور تي هاڻوڪي سنڌي لغت جو پهريون جلد تيار ڪيو.

جنهن وقت مولوي صاحب الوحيد اخبار جو ايڊيٽر مقرر ٿيو، اهو نهايت صبر کان ڪم وٺڻ وارو دور هو. ان دور ۾ الوحيد اخبار جي ايڊيٽر هجڻ جي معنيٰ اها هئي ته هڪ پير الوحيد ۾ ته ٻيو پير جيل ۾. الوحيد جا ايڊيٽر لڳاتار گرفتار ٿيندا رهندا هئا. ليڪن اها سيٽ ڪڏهن به خالي نه رهي. مولانا دين محمد وفائي انهن کاهوڙي غريبن مان هو جن پنهنجي ذهن ۽ قلم جي زور سان پنهنجي سڄي ڄمار مشڪلاتن ۾ گذاري ۽ سنڌ جي آزادي ۽ عزت نفس جو جذبو اجاگر ڪيو.

جيتري قدر سندس لکڻين جو تعلق آهي ته مون کي سندس هڪ مضمون خاص طور تي ڏاڍو پسند آيو. جيڪو “الحزب” سکر ۾ شايع ٿيو هو. ان جو عنوان “عشاق ڪانفرنس” هو، مضمون ۾ دنيا جي ناميارن عاشقن کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري سندن عشق جون وارتائون سندن زباني بيان ڪرايون ويون هيون.

دين محمد وفائي بابت جيڪي به لکڻيون مليون آهن، تن مان سندس شخصيت تي مذهبي رنگ حاوي نظر اچي ٿو. ليڪن اها هڪ حقيقت آهي ته هو سنڌ جي ترقي ۾ تعليم کي ٻين سڀني مامرن تي ترجيح ڏيندو هو. 

جيمز اسٽريچن جو ذڪر ته پهرين ئي ڪري آيا سين ۽ مولانا دين محمد وفائي جو حال به بيان ڪري ڇڏيوسين. جيمز اسٽريچن جي خدمتن عيوض ڪراچي جو هڪ روڊ سندس نالي سان منسوب ڪيو ويو هو. اهو روڊ پاڪستان چوڪ کان شروع ٿي آرٽس ڪائونسل تي ختم ٿي وڃي ٿو.

هاڻي اهو روڊ سرڪاري طور مولانا دين محمد وفائي روڊ آهي. ليڪن اهو سڄو روڊ گهمڻ کانپوءِ به مون کي سندس نالي جو ڪٿي سرڪاري بورڊ نظر نه آيو باقي هڪ ٻن عمارتن تي مولانا دين محمد وفائي روڊ لکيل آهي، ليڪن جيئن ئي توهان پاڪستان چوڪ کان هن روڊ تي هلڻ شروع ڪندا ته ٽريفڪ پوليس چوڪي ڀرسان گودام جي عمارت آهي، جنهن تي اڃا تائين اسٽريچن روڊ لکيل آهي. توهان ئي هي لکڻي پڙهڻ کانپوءِ منهنجي رهنمائي ڪريو ته آخر ان روڊ کي ڪهڙي نالي سان سڏجي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو