Home / اسپيشل افيئر / مفت علاج حق آهي نه ڪي ٿورو!
above article banner

مفت علاج حق آهي نه ڪي ٿورو!

مرلي ڌر

“مفت علاج حق آهي نه ڪي ٿورو” اهو نعرو پراڻو آهي. دنيا جي صحت واري اداري جو اهو نعرو ته دنيا جا ملڪ پنهنجي عوام کي مفت علاج پهچائن جنهن دستاويز تي اسان به صحيح ڪئي آهي. پر حقيقت ۾ اسان جا ماڻهو مفت ته ڇا پر علاج جي حق کان ئي محروم آهن. اسان جا ڳوٺ تعليم ۽ صحت وارين سهولتن کان بنهه محروم آهي. سکر ايس آءِ يو ٽي شروع ٿيڻ کانپوءِ مون اهو ڏٺو ته اسان جو ماڻهو ڏاڍو بي حال آهي. علاج جيڪڏهن شهرن ۾ مهيا آهي ته انهن وٽ اهو ڪرائڻ لاءِ پئسا ڪونهن، ڳوٺن ۾ وري اهو ميسر ئي ڪونهي. نتيجي ۾ بڪيون ۽ مثاناپٿرين سان ڀريل آهن ۽ ڪجهه مسڪينن جون وري بڪيون ئي ساٿ ڇڏيو ڏين.

دنيا جي صحت واري ادار ي جو الما آٽاوارو اعلان ۽ فيصلو، ان تي مون ڪئناڊا ۾ عمل ٿيندي ڏٺو. ڪئناڊا ۾صحت جون سهولتون مفت مهيا ڪيون وڃن ٿيون. اتان جي شهري کي هڪ هيلٿ ڪارڊ ٺهي ملندو آهي. ان هيلٿ ڪارڊ تي هو جڏهن چاهي پنهنجو علاج مفت ڪرائي سگهي ٿو. هر ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن ڊاڪٽر سان رجسٽرڊ هوندو آهي. پهريون دفعو رت ۽ پيشاب جو ٽيسٽ ۽ عمر جي حساب سان دل جي پٽي کان وٺي الٽرا سائونڊ وغيره ٿيندا آهن. چاليهه سالن کان وڏي عمر جي عورت جو سيني جو الٽرا سائونڊ ميمو گرافي ٿيندو آهي ته جيئن سيني جي ڪينسر کي وقت سر پڪڙي سگهجي. عورتن ۾ اهو ڪينسر عام آهي. جيڪڏهن 40 سالن جون عورتون اهو الٽرا سائونڊ هر سال ڪرائينديون ته زندگي بچي سگهي ٿي. 40 سالن جي مردن لاءِ وري وڏي آنڊي جي ڪينسر کي وقت سر پڪڙڻ لاءِ پائخاني جا 3 ٽيسٽ (ٽي ڏينهن) اهو به مفت ڪرايو ويندو آهي. مردن ۾ غدود جي ڪينسر کي وقت سر پڪڙڻ لاءِ پي ايس اي جيڪو رت جي چڪاس ڪري ڪبو آهي به ڪرايو ويندو آهي. پوءِ هر سال اتان فون اچي ويندو. 

ته اوهان جي فلاڻي چڪاس جو وقت اچي ويو آهي. هر تندرست ماڻهو جا سمورا ٽيسٽ هر ٻئي سال ڪيا ويندا آهن. ان جو مقصد اهو آهي ته وقت سان بيماري کي پڪڙجي. منهنجو هڪ ڄاڻ سڃاڻ وارو همراهه اتي رهندو آهي 12 سال اڳ ڪئناڊا ويو، چوندو آهي ته ڪئناڊا منهنجي جيئڻ جي عمر وڌائي ڇڏي آهي. ان جو چوڻ هيو ته اتي هڪ ته علاج مفت آهي ۽ ٻيو ته وقتائتو آهي. بزرگن لاءِ اتي ويتر چڱائي آهي انهن جو وڌ ۾ وڌ خيال رکيو ويندو آهي. هڪ همراهه جون بڪيون خراب آهن ان جي ڊائلاسز هفتي ۾ 3 دفعا ٿيندي آهي. صبح جو سرڪاري گاڏي ان کي گهر مان کڻي ويندي آهي ۽ شام جو ڇڏي ويندي آهي. ماني، ٽڪي، کير، چانهه سڀ سرڪار جي ذمي، اهڙو عمل هفتي ۾ 3 دفعا دهرائبو آهي، اهو سڀ سرڪار جي ذمي آهي.

ماحول صاف سٿرو آهي، مٽي ۽ گند ڪچرو ڪونهي تنهن ڪري ماڻهو تندرست آهن مليريا، ٽي بي، ٽائفائڊ، دست وغيره مان انهن گهڻو تڻو جند ڇڏائي ڇڏي آهي. ٻارن کي بيمارين کان بچاءِ جا ٽڪا باقائدگي سان هنيا ويندا آهن. هتان وارو حال ڪونهي، پوليو جهڙي مرض جا ٽڪا لکين ٻارن کي ناهن لڳا ڪلينڪ تان فون ايندو ته ٻار جي فلاڻي ويڪسين جو وقت ٿي ويو آهي، اچو ۽ ٽڪو هڻائي وڃو. اميد سان مائرون باقاعدگي سان چڪاس لاءِ وينديون آهن، انهن جا ٽيسٽ به مفت ٿيندا آهن، ٻار ڄمڻ واري موڪل Matedernty leave هڪ سال پگهار سميت ملندي آهي. اهي بزرگ جن کي ڪو ڏسڻ وارو ڪونهي انهن لاءِ نرسنگ هومز آهن، اتي انهن جو علاج به ٿيندو ته تيمارداري به ٿيندي آهي. ماني، ٽڪي، اٿارڻ، ويهارڻ، تڙ وغيره سڀ انهن جي ذمي 

عام ماڻهو پنهنجي جواني ۾ جيڪا ٽيڪس سرڪار کي ادا ڪري ٿو سرڪار ان کي پوڙهائپ ۾ موٽائي ٿي ڏي. بزرگن لاءِ خاص گهر ٺهيل آهن. جتي هو مزي سان رهيل آهن، هفتي ۾ ٻه ٽي دفعا گاڏي ايندي گهمائڻ لاءِ وٺي ويندي. چون ٿا ته ڪئناڊا ٻارن ۽ ٻڍڙن لاءِ ڏاڍو مددگار آهي. اتي ٻارن ۽ ٻڍڙن جو خاص خيال رکيو ويندو آهي. 12 جماعت تائين پڙهائي مفت، اڃا مائٽن کي انهن جي آمدني مطابق وظيفو به ملندو آهي. هڪ همراهه چيو ته اتي وس ويندي ڪنهن کي مرڻ ڪو نه ٿو ڏنو وڃي تنهن ڪري اتي سراسري عمر 80 سالن جي لڳ ڀڳ آهي. اسان جا حڪمران ڪڏهن دنيا جي صحت واري اداري سان ڪيل پنهنجو واعدو پاڙيندا. جنهن ۾ انهن اهو معاهدو ڪيو آهي ته سال 2000 تائين هر ماڻهو کي صحت جون سهولتون مهيا ڪيون وينديون پر افسوس اڃا به پاڻ وٽ ڪاري وارا ڪک آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو