Home / سنڌ افيئر / موسمياتي تبديليون: سخت سردي سبب سوين ابابيل پکي موت جو کاڄ!
above article banner

موسمياتي تبديليون: سخت سردي سبب سوين ابابيل پکي موت جو کاڄ!

الهه بچايو جمالي

هيلوڪي سال 2013-14 جي معمول کان وڌيڪ سردي جيتوڻيڪ سڄي ملڪ ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ڪيو آهي پر هن سال جي سياري سنڌ ۾ وڏي تباهي مچائي آهي. هن سال لاڙ ۾ سياري جي ڏمر انسانن، حيوانن سميت زرعي تباهي پڻ ڪئي آهي. جيئن ته لاڙ تي اختيار ڌڻي سرڪاري ڪامورا اڳ ئي سخت ڏمريل آهن پر هاڻ لڳي ٿو ته مسڪين لاڙ واسين تي قدرت پڻ ڏمرجي پئي آهي. اونهاري ۾ گرمي پد معمول کان گهڻو وڌي وڃي ٿو ۽ هاڻ هن سال سياري ۾ پوهه جا ايڏا ته غير معمولي پارا اچي ڪڙڪيا آهن جو ايڏي سيءَ جي سٽ انسان، حيوان زرعي فصل ۽ نباتات به سهي نه ٿي سگهي.

هن سال جي سياري جا سيءَ ڊسمبر جي وچ تائين تمام گهٽ هئا، جنهن ڪري عام ماڻهو هڪٻئي کان پڇي رهيا هئا ته هن سال جا سيءَ خبر ناهي ڪيڏانهن گم ٿي ويا. رات جو مڇر رت چوسي ويا آهن ايتري ۾ 20 ڊسمبر کان جڏهن سائبيريا جون تيز ٿڌيون هوائون، وادي ڪوئيٽا جي برفپوش پهاڙن مان ڏکڻ اولهه بلوچستان ۽ اتر سنڌ کي پار ڪري ڪراچي ۽ ڪارونجهر کان اڳتي ڏکڻ سنڌ ڪڇ گجرات ۽ راجسٿان جي ريگستانن تائين پهچڻ لڳيون ته هر شيءِ ڄڻ ته ڄمي برف ٿي ويئي، جنهن تي هر طرف رڙ مچي ويئي. هتي جا ماڻهو ايڏي وڏي سخت سردي جي برداشت ڪرڻ جا اڳ ۾ عادي نه هئا. 

8

ڊسمبر جي آخري ۽ جنوري 2014 جي پهرين هفتي وارن سخت سردي جي آيل لهر جي باري ۾ لاڙ جي وڏڙن جو چوڻ آهي ته اهڙا موت مار خوفناڪ سيءُ انهن گذريل چاليهن سالن ۾ نه ڏٺا آهن. مٿين ڏينهن جي سردي جي لهر دوران لاڙ جي ضلعي بدين ۾ ڪجهه انساني موت پڻ ٿيا ان عرصي ۾ سڀ کان گهڻو جاني نقصان دل جي مريضن جو ٿيو جن کي معمول کان وڌيڪ دل جا خطرناڪ دورا پيا. جن دورن وگهي سندن موت ٿيو. ان ڪري ميڊيا ۾ انهن انساني موتن جو ڪارڻ، سخت سردي جي بجاءِ دل جي دورن کي قرار ڏنو ويو. ٻيا گهڻا انساني موت ٻهراڙي جي ڏورانهن لاڙ جي سامونڊي پٽي، ٿر ڪاڇو ۽ ڪوهستان جي انهن ويران ميداني علائقن ۾ آباد ماڻهن جا ٿيا جن ۾ وڏو تعداد پيرسن ۽ معصوم ٻارن جو آهي جن انتهائي غريب ماڻهن وٽ ايڏي سردي کان بچاءُ لاءِ نه ڪي پڪا گهر نه هئا ۽ نه ئي گرم ڪپڙا، انهن انساني موتن ۾ خانه بدوش لاڏائو قبيلن جهڙوڪ، ٻڙا، گواريا، سامي، راوڙا، شڪاري ڀيل ڪولهي ۽ سامونڊي پٽي جا ماهيگير وغيره شامل آهن. انهن سنڌ جي لکين بدنصيب ماڻهن جا هزارين معصوم ٻار انگ اگهاڙا آهن. جن جو سردين ۾ وڏو جاني نقصان ٿيو آهي. جيڪو رڪارڊ تي اچي نه سگهيو آهي. انساني موتن سميت سردين ۾ ٻيو وڏو نقصان حيوانن جو ٿيو آهي، جن ۾ پالتو ۽ جهنگلي جانورن سان گڏ هزارن جي تعداد ۾ خشڪي جا پکي پڻ غير معمولي سخت سردي جي سٽ نه سهي موت جو شڪار ٿي ويا. 

سخت سردي جي ان لهر ۾ سڀ کان وڌيڪ خشڪي جا ديسي پکي ۽ جهنگلي جانور بدين ۽ ٺٽي جي سامونڊي پٽي ۽ رڻ ڪڇ واري علائقي ۾ موت جو کاڄ بڻجي ويا. سخت آيل سردي جي لهر کان چند ڏينهن اڳ لاڙ جي سامونڊي پٽي خاص طور تي بدين جي ڏاکڻي علائقي ۾ هن سال جهرڪي کان ٿورڙو وڏو ميرانجهڙي رنگ جو هڪ خوبصورت پکي پهريون ڀيرو اوچتو هزارن جي تعداد ۾ اچي مهمان بڻيو. اوچتو هڪ رات جڏهن سردي وڌڻ لڳي ته اهي بنهه نازڪ خوبصورت پکي جن کي هتي جي وڏي ڄمار جا مقامي ماڻهو ابابيل جي نالي سان سڏڻ لڳا، اهي ابابيل پکي سج لهڻ شرط هزارن جي تعداد ۾ سردي کان بچڻ لاءِ بنا ڪنهن خوف جي انساني آبادي جي ڪچن پڪن گهر، دڪانن، مسجدن، مزارن، اسڪولن اسپتالن سميت پناهه لاءِ عمارتن ۾ ڪاهي پيا. صبح جو ماڻهن اٿي ڏٺو ته اهي سمورا خوبصورت ابابيل پکي هزاري جي تعداد ۾ گهرن ۽ ٻين عمارتن ۾ مئل هئا.!

مهمان بڻجي آيل ابابيل پکين جي هڪ ئي رات ۾ اهڙي اجتماعي موت تي فطرت دوست مقامي ماڻهن ڏک جو اظهار ڪيو. بدين جي سامونڊي پٽي ۾ ان رات سردي ۽ ابابيلن جو وڏو مارو ٿيو. ڪڍڻ شهر ۾ پاڻ ان رات هزارن جي تعداد ۾ اٽڪل سمورا مهمان ابابيل مارجي ويا ڪڍڻ شهر جي حسن بخاري ملاح جي هوٽل تي ڪم ڪندڙ پورهيت بابو ملاح ٻي ڏينهن صبح جو ابابيلن جي موت واري سانحي جو سڀ کان پهرين “افيئر” کي اطلاع ڏيندي ٻڌايو ته اسان جي هوٽل ۽ گهرن ۾ پناهه وٺندڙ سمورا ابابيل پک رات سردي ۾ مري ويا. ڪو هڪ به جيئرو نه بچيو آهي. صحت مرڪز ڪڍڻ جي ملازم محمد بچل نوتيار پڻ ساڳي ڳالهه ڪندي ٻڌايو ته رات صحت مرڪز ڪڍڻ جي عمارت ۾ اسان جي نوتيار پاڙي جي گهرن ۾ اچي پناهه وٺندڙ سون جي تعداد ۾ ابابيل پکي سردي ۾ مري ويا. بچل نوتيار، چيتن ڪولهي، اهو پڻ ٻڌايو ته ان انتهائي سرد رات کان پوءِ ڪڍڻ شهر ڀرسان ڳوٺ ۾ ڪو هڪ داڻو به ابابيل پکي نظر نٿو اچي، سمورا پکي سردي جي لهر ۾ مري ويا آهن. يوسي ڀڳڙا ميمڻ ۾ مانڌر جي قديم ڳوٺ ابراهيم منڌرو واسي نوجوان شاعر عارف منڌرو “افيئر” کي ٻڌايو ته سندن ڳوٺ کانسواءِ ڳوٺ گولو منڌرو، حاجي حجام، ڳوٺ مصري شيخ ۽ درگاهه شيخ قرهيو ڀانڊاري جي سامونڊي پٽي واري علائقي ۾ گهرن سميت ٻين عمارتن ۾ هزارن جي تعداد ۾ اچي پناهه ورتل سمورا ابابيل پکي ساڳي رات ۾ سردي وگهي مري ويا ۽ ان کانپوءِ هاڻ بدين جي ڏاکڻي سامونڊي پٽي ۾ ڪو هڪ به ابابيل پکيئڙو جيئري اڏامندي نظر نٿو اچي. اهي سمورا خوبصورت پکي سردي جي سٽ نه سهي اجل جو شڪار ٿي ويا.

سنڌ جي قومي سورمي شهيد دودي سومري جي مزار جي خدمتگار فقير غلام رسول سومري ٻڌايو ته ان ساڳي رات شهيد دودي جي مزار ۾ اچي پناهه ورتل سوين ابابيل پکي سردي ۾ مري ويا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته ان رات هڪ جهنگلي گداڙي شهيد دودي جي مزار جي ڀر ۾ پنهنجن ٽن ٻچن سميت سردي ۾ مري ويئي.

هتي جي وڏي ڄمار وارا اڪثر ماڻهو ٻڌائن ٿا ته انهن هتي اهي پکي پهريون دفعو ڏٺا آهن، اهي پکي ڪٿان کان آيا؟ ۽ اهي سمورا هزارن جي تعداد ۾ ڇو سردي وگهي هڪڙي رات ۾ مري ويا؟ ٻيا هتي جا مقامي پکي وڏي تعداد ۾ ڇو نه مئا؟ اها ڳالهه بنهه حيران ڪندڙ ۽ هتي جي مقامي ماڻهن لاءِ ڳجهارت بڻيل آهي. هڪ ڳالهه ته واضح آهي ته اهي پکي تمام گهڻا نازڪ هئا. ايڏي سخت سردي سندن برداشت ٿيل نه هئي. پر سوال اهو آهي ته اهي هن علائقي ۾ اصل آيا ڪٿان؟ گهڻو امڪان آهي ته اهي ابابيل پکي سرحد پار پاڙيسري ملڪ ڀارت جي ٻن رياستن گجرات، راجسٿان ۽ ڪڇ پڄ جي ڪنهن علائقي مان اڏامي هتي آيا. پر وري به سوال پيدا ٿئي ٿو ته اهي اڳي سياري جي هن مند ۾ هتي ڇو نه ايندا هئا؟ جيئن ٻيا موسمي پکي ايندا ويندا رهندا آهن. يا انهن ننڍڙن پکين کي موسميات کاتي کان به اڳ ۾ اها خبر پئجي وئي هئي ته هن سال غير معمولي طور تي سردي تمام گهڻي ٿيندي ۽ اهي پناهه جي تلاش ۾ لاڙ ۾ اچي پهتا. جتي به سندن جان بچي نه سگهي. اها ڳالهه پڻ غور طلب آهي ته ڇا اهي پکي آڳاٽي زماني ۾ لاڙ ۾ ان وقت پڻ ايندا ويندا رهندا هئا جڏهن لاڙ جي هي سامونڊي پٽي ٻٻر جي ٻيلن، باغن جهنگلات سان ڳتيل هئي. هتان پنجن کان وڌيڪ مٺي پاڻي جا درياهه وهندا هئا ۽ سڄو خطو ذرخير هو.

ان ڏس ۾ جهنگلي جيوت ۽ ماحوليات جي ماهرن کي ابابيل پکين جي اجتماعي موت ۽ سخت سردي سبب انسانن ۽ حيوانن جي موت جي تحقيقات ڪرڻ گهرجي. سياري جي سخت سردي جتي انسان ۽ حيوانن جي موت جو ڪارڻ بڻي اتي سڄي سنڌ ۾ زرعي فصلن کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو. اربين روپين جي ماليت جا زرعي فصل جن ۾ ٽماٽا، مرچ، سورج مکي، چيٽ جا، آرڻ، سرنهه، برسيم، لوسڻ، سموريون سايون ڀاڄيون وغيره سردي ۾ سڙي تباهه ٿي ويا. پر وچولي سردي کي برداشت ڪندڙ چيٽ جي مک زرعي فصل ڪڻڪ کي پڻ ڪاپاري ڌڪ لڳو ڪيلي، زيتيون ۽ انبن ۽ صوفي ٻيرن جا باغ پڻ سڙي ويا. جڏهن ته هن سردي ۾ وڻ ٽڻ ۽ گاهه ٻوٽا پڻ سخت سردي جي سٽ نه سهي سڙي سڪي ويا. ايتري قدرت جو لاڙ ۾ سخت سردي ۽ گرمي کي برداشت ڪري پاڻ مرادو تيزي سان پيدا ٿيندڙ ديوي جي وڻن جا جهنگ پڻ سڪي ويا. مجموعي طرح سان سڄي سنڌ ۾ زرعي فصل ۽ باغ تباهه ٿيا. پر سردي جي هن آفت ۾ اصل نشانو لاڙ بڻي آهي جتي پاڻي جي پڻ اڻهوند آهي آبپاشي کاتي وارن ڪوٽڙي بئراج جا سمورا سوين واهه 14 ڊسمبر کان بند ڪري ڇڏيا هئا. انهن بند ٿيل واهن جو پاڻي فيبروري جي پهرين هفتي ۾ لاڙجي سامونڊي پٽي جي ٽيل تائين پهچي نه سگهيو آهي. جتي گذريل ٻن مهينن کان لاڳيتو زرعي فصلن ۽ لکين انسانن ۽ ڍورن جي پيئڻ جو پاڻي بند آهي.

موسمياتي تبديلين ۽ ماحولياتي گدلاڻ جا لاڙ ۾ هاڃيڪار اثر ظاهر ٿيڻ لڳا آهن، جنهن سان اهو قدرتي ماحول تبديل ٿي رهيو آهي جنهن جا هاڃيڪار اثر انسانن حيوانن سميت مندائتن، زرعي فصلن ۽ نباتات تي پئجي رهيا آهن. هن سال سردي جي غير معمولي سخت لهر سبب ڏکڻ بلوچستان ۽ اتر سنڌ جي بلوچستان سان لڳندڙ علائقن ۾ گرمي پد ٻڙي سينٽي گريڊ تائين پهچي ويو هو. جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. جڏهن ته سڄي ڏکڻ سنڌ ڪراچي ۽ ٿرپارڪر سميت هن علائقي ۾ گرمي پد واڌو 5 سينٽي گريڊ کان هيٺ نه ڪريو ان جي باوجود لاڙ ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ مٿي ڄاڻايل تباهي ٿي آهي. پر خطرناڪ عالمي موسمي تبديلين جي وڌندڙ اثر سبب ايندڙ سالن ۾سياري جي مند ۾ ڏکڻ سنڌ جو گرمي پد جيڪڏهن ڪاٽو سينٽي گريڊ تائين پهچي وڃي ٿو، جينهن ۾ پاڻي ڄمي برف بڻجي وڃي ٿو. تڏهن ڏکڻ سنڌ ۾ انسانن، حيوانن ۽ ٻين ساهه وارن جو ڇا ٿيندو؟ ڪهڙا زرعي فصل ۽ گاهه ٻوٽا سلامت رهندا اهو سوچيندي لڱ ڪانڊارجيو وڃن. موسمياتي تبديلي تي نظر رکندڙ بدين جي ناليواري سماجي اڳواڻ اقبال حيدر شيدي “افيئر” کي ٻڌايو ته اهو تصور ڪنبڻي کيس ڍڪڻي وٺي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته لاڙ واسي متوازن سردي گرمي ۽ گهميل هوائن جا صدين جا عادي رهيا آهن. هتي جي انسانن حيوانن، فصلن ۽ سموري نباتات ۾ ڪاٽو گرمي پد جي برداشت جي هرگز سگهه ناهي ان سان جاني مالي ماحولياتي ۽ نباتاتي اهڙي تباهي ايندي جنهن جو مثال ملڻ مشڪل هوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو