Home / دنيا / ننڍي کنڊ جو دلچسپ عشق
above article banner

ننڍي کنڊ جو دلچسپ عشق

ارشاد ڪاغذي

ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهرو ۽ آخري وائسراءِ لارڊ مائونٽ بيٽن جي زال ليڊي مائونٽ بيٽن جي پريم ڪهاڻي منظر عام تي اچي وئي آهي” “انڊين سمر” Indian Summer: The Secret Of History of the End of an Empire نالي هڪ ڪتاب ۾ ليکڪا Alex von Tunze Lmann ، نهرو ۽ ليڊي، ٻنهي جي عشق جي داستان کي سٺي نموني بيان ڪيو آهي. هن ڪتاب تي مختلف مشهور اخبارن ۽ شخصيتن ويچار ونڊيا آهن. سندن چوڻ مطابق ته هن ڪتاب جنهن ۾ ٻن پيار ڪندڙ دلين جي ڪيفيت، احساس ۽ اڌ من کي قلم جي نوڪ سان سٺي، سهڻي ۽ سيبتي انداز سان بيان ڪيو ويو آهي.

هندستان ۾ گانڌي ۽ نهرو خاندان جي عزت ۽ عظمت جا گيت ڳايا وڃن ٿا، کين پوڄيو وڃي ٿو. انهن جي مخالفت برداشت نه ٿي ڪئي وڃي ۽ تڪراري فيصلن کي گهڻي اهميت نه ٿي ڏني وڃي ۽ ان کانسواءِ اصل حقيقتن، شين، تحريرن ۽ مواد کي لڪايو وڃي ٿو ته جيئن ان خاندان جي بدنامي نه ٿئي. اڪثر ڪانگريس پارٽي ان خاندان جو هر قسم جو تحفظ ۽ بچاءُ ڪيو آهي. پر هن ڪتاب ۾ هندستان جي تاريخ سان گڏوگڏ نهرو ۽ ليڊي مائونٽ بيٽن جي عشق کي مزيدار نموني سان لکي پڙهندڙ ن آڏو رکيو آهي.

ليکڪا پنهنجي ڪتاب ۾ راز تان پردو کڻندي لکي ٿي ته “ مائونٽ بيٽن، جواهر لال نهرو اڊونيا (ليڊي مائونٽ بيٽن) جي پيار جي حوصلاافزائي ڪئي ۽ وچ واري جو ڪردار ادا ڪيو.” محبت ۾ کرڻ جي عمر يا وري عشق ۾ اسير ٿيڻ لاءِ وقت جي پابندي ڪانهي، ڪهڙي وقت ۽ عمر ۾ محبت جي ڪوڙڪي ۾ ڦاسي سگهجي ٿو، “ڦاسڻ کانپوءِ ڦٿڪڻ ڪهڙو؟”. اڪيلائپ ۾ ميل ملاقاتون، من موجيون، قرب ڪچهريون، بيشڪ ! نهرو ۽ اڊينيا ۾ ان قسم جو واسطو ۽ تعلق هو. ليڊي مائونٽ بيٽن جا ويچار به ان قسم جا هئا، هوءَ محبت جي مستي بابت چوندي هئي ته “محبت قيمتي، اڻلڀ، اڻملهه مال، مڏي ۽ اثاثو آهي، جنهن کي سيني سان سانڍي سوز ۽ سرور حاصل ڪجي ٿو. “ليکڪا وڌيڪ لکي ٿي ته“ اهي ٻئي پريمي هڪٻئي سان باقاعدگي سان ملندا هئا ۽ پريم پتر به لکندا هئا. خط پٽ پڙهي روحاني راحت ۽ سڪون ماڻيندا هئا، هڪ ٻئي جي خيال کان واقف ٿيندا هئا، پاڻ ۾ ويجهو لاڳاپو ڳنڍي محبت جي ڏوري ۾ ڇڪجي ۽ جڪڙجي جي ويندا هئا.”

69

جواهر لال نهرو ۽ ليڊي مائونٽ بيٽن جي عشق جي داستان کي عام طور افلاطوني محبت جو نالو ڏنو ويو. ياد رهي ته افلاطوني عشق جي وضاحت Marsilio Ficno جيڪو 15 هين صدي جو عالم هو جنهن اهو متبادل لفظ ٺاهيو. ليڊي مائونٽ بيٽن جي ڌيءَ پاميلا پنهنجي ماءُ ۽ نهرو جي لاڳاپن کي افلاطوني عشق سان تشبيهه ڏيندي ڪجهه هن ريت چيو ته “ ٻن پيار ڪندڙن جي وچ ۾ روحاني رابطو محبت پاڪيزگي ۽ ڪردار جي حسن جي حاصلات تائين محدود نه ڪي جنسي خواهش جي بدترين شڪل ۾، ٻنهي جا پريم پيچ پاڪ، صاف ۽ پوتر هئا.”

جواهر لال نهرو دنيا جي مختلف ملڪن جي دوري تي ويندو هو ته اتان ليڊي مائونٽ بيٽن لاءِ قيمتي ناياب ۽ انوکا تحفا ۽ شيون وٺي ايندو هو. آمريڪا کان کنڊ، مصر کان سگريٽ، سڪم کان گل ۽ ٻوٽا ۽ اوڙيسه مان شهوت انگيز مجسما، بوتا ۽ اگهاڙا ڪتاب ۽ تصويرون وٺي ليڊي کي ڏيندو هو. مشهور تاريخدان ۽ ڪتاب جي ليکڪا وڌيڪ لکي ٿي ته، جواهر لال نهرو ۽ ليڊي لارڊ مائونٽ بيٽن نيني تال جي دوري تي ويا ته ٻئي هڪ ئي ڪمري ۾ رات رهيا. گورنر جو پٽ ڊنر لاءِ کين سڏڻ ويو ۽ تڪڙ ۾ دروازو کليو ته ليڊي نهرو جي ڀاڪر ۾ ڀڪوڙيل هئي. اها ڳالهه هن ڪنهن سان به نه ڪئي، محفلن، سياسي مجلسن ۽ سرڪاري عملدارن جي واتان اهڙا قصا ڪهاڻيون ٻڌي سگهبيون هيون ۽ اهي قصا مزي سان ٻڌايا ويندا هئا پر اهي محفلن تائين ئي محدود رهيا، پر اهي عام نه ٿيا. هن ڪتاب اهڙن ئي قصن کي عام ڪري ڇڏيو.

جئه پور ۾ عالمي ادبي فيسٽيول ۾ هن ڪتاب جي ليکڪا جواهر لال نهرو ۽ ليڊي مائونٽ ٽينس جي باري ۾ چيو ته “ٻنهي ۾ لاڳاپن باوجود طلاق ۽ علحدگي تائين ڳالهه نه پهتي، ڪيترن موقعن تي ليڊي پنهنجي مڙس کي طلاق جي ڌمڪي به ڏني هئي، پر لارڊ مائونٽ بيٽن خاندان کي گڏ رکڻ جي ڪري خاموش رهيو.” هن وڌيڪ لکيو.

“ٽنهي لارڊ، ليڊي مائونٽ بيٽن ۽ نهرو) جي وچ ۾ محبت ڀريا لاڳاپا هئا، غير روايتي ۽ دلچسپ رشتي جي سڳي ۾ سانڍيل ۽ پويل هئا. هن دنيا ۾ ڪيترن ئي قسمن جا ماڻهو رهن ٿا، جناح سيڪيولر هو ۽ گانڌي ۽ نهرو جيان ورهاڱي جي حق ۾ نه هيو. جناح کي به انهن ٻنهي جي محبت جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم هو، پر سڀ خاموش رهندا آيا” ليکڪا پنهنجي ڪتاب ۾ هندستان جي آزادي ۽ انگريز سامراج پاران هندستان ۽ پاڪستان جي ورهاڱي ۽ آزادي بابت تفصيل سان لکيو آهي. اتي ليڊي لارڊ مائونٽ بيٽن ۽ جواهر لال نهرو جي محبت جي قصي کي بيان ڪري مڃتا ماڻي آهي. دنيا جي خوبصورت ۽ امير ترين عورت زندگي جي آخري پل تائين نهرو سان پيار ڪندي هئي ۽ هو ان سان ملڻ لاءِ ايندو هو. ليکڪا ليڊي مائونٽ بيٽن جي موت بابت لکي ٿي:

هوءِ پويان پساهه کڻي رهي هئي، پکيئڙو پرلوڪ پڌارڻ لاءِ پرڙا هڻي رهيو هو… ۽ دل جون ڌڙڪنون بند ٿي ويون ۽ هوءِ دل جي دوري پوڻ ڪري 21 فيبروري 1960ع ۾ لاڏاڻو ڪري وئي. دنيا جي امير ترين ۽ حسين عورت هن فاني دنيا مان ڪجهه به کڻي نه وئي ۽ هٿين خالي هلي وئي پر سندس هٿن ۾ جواهر لال نهرو جا پراڻا خط هئا جيڪي هوءَ پڙهي رهي هئي ۽ روح پرواز ڪري ويس. سندس بستري تي پريم پتر ڀريا ۽ وکريا پيا هئا. ٽيبل تي پيل هئا ۽ ليڊي جي هٿ ۾ به ڀڪوڙيل خط هئا، پر هوءَ نه هئي……!”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو