Home / پروفائيل / ورسي جي موقعي تي ڀيٽا عبدالحميد جتوئي- ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا!
above article banner

ورسي جي موقعي تي ڀيٽا عبدالحميد جتوئي- ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا!

ايم بي عرساڻي

ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جن جي مرڻ بعد ائين لڳندو آهي ڄڻ ته اهي هن دنيا ۾ آيا ئي نه هئا، پر ڪي ماڻهو اهڙا هوندا آهن جيڪي موت سان نه مرندا آهن، بلڪه اهي پنهنجن ڪارنامن ڪري هميشه ياد رکيا ويندا آهن اهڙن ماڻهن مان عبد الحميد خان جتوئي هڪ هو.

عبدالحميد خا ن جتوئي 1922ع ۾ ميهڙ تعلقي جي ڳوٺ ٻيٽو جتوئيءِ ۾ جناب قادر بخش خان جتوئيءِ جي گهر جنم ورتو قادر بخش خان جتوئي ۽ سندس ڀائر ڪريم بخش خان ۽ ڌڻي بخش خان به بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. جڏهن 1931ع ۾ لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي ضلعي کان توڙي دادو ضلعو ٺاهيو ويو ته خان بهادر محمد پريل ڪلهوڙو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جو پهريون پريزيدنٽ ۽ سائين جي ايم سيد پهريون وائيس پريزيڊنٽ بڻيو. جڏهن ته قادر بخش خان جتوئي ان جي پهرين ميمبرن ۾ شامل هيو. جڏهن انگريز سرڪار جي ڪوشش سان چانڊيه مگسي تڪرار جو نبيرو ٿيو ته چانڊين جي ڌر پاران جيڪي 3 امين مقرر ٿيا هئا انهن ۾ ڌڻي بخش خان جتوئي به شامل هو. عبدالحميد خان جتوئي صرف ٻه درجا انگريزي تائين ميهڙ ۾ پڙهيو ۽ 1953ع ۾ اسيمبلي ميمبر بڻيو ۽ 1970 ع تائين مسلسل ڪامياب ٿيندو رهيو، سواءِ 1964ع وارين ٻن اليڪشنن جي، جنهن ۾ سيد امير حيدر شاهه ڪامياب ٿيو (ان وقت دادو ۽ ڄامشورو ضلعو گڏ هئا ۽ انهن تي قومي اسيمبلي جي صرف هڪ سيٽ هوندي هئي). ٻيو دفعو جڏهن ذوالفقار علي ڀٽي وفاقي وزير بڻجڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري قومي اسيمبلي جي سيٽ خالي ڪئي هئي ته ان جي ننڍي چونڊ ۾ سردار پير بخش ڀٽو ڪامياب ٿيو هو (ان زماني ۾ اهو قانون هو ته ڪو به اسيمبلي ميمبر وزير نه ٿي سگهندو هو) 1977ع ۾ 1973ع جي آئين تي صحيح نه ڪرڻ ڪري ڀٽي صاحب سان اختلاف ٿيڻ سبب اليڪشن ۾ نه بيٺو ۽ سندس وڏو پٽ لياقت علي ميهڙ ۽ خيرپور واري تڪ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي چونڊيو. ان بعد پ پ پ جو اميدوار حاجي ظفر لغاري 1988ع ۾ رفيق احمد مهيسر 1990 ۽ 1993ع ۾ ڪامياب ٿيا. 1977 ۾ وري پاڻ آخري دفعو اليڪشن لڙيو ۽ رفيق احمد مهيسر کي شڪست ڏئي ڪامياب ٿيو. 1954ع ۾ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ ون يونٽ ٺاهڻ لاءِ ٺهراءُ آندو ويو ته پير الاهي بخش، شيخ خورشيد احمد ۽ رئيس غلام مصطفيٰ ڀرڳڙي سان گڏ ان جي خلاف ووٽ ڪيائين. جڏهن ته سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو هو. پر اڪثريٽ جي بنياد تي ون يونٽ ٺهي ويو. ان بعد هو سائين جي ايم سيد، غلام مصطفيٰ جتوئي ۽ مخدوم طالب الموليٰ سان گڏ ون يونٽ ٽوڙائڻ لاءِ ڪوششون ڪندو رهيو، ايوبي آمريت ۾ 4 مارچ تي احتجاج ڪندڙ شاگردن جو نه صرف ضامن پيو پر جڏهن هڪ تقريب ۾ ان واقعي جو ذميوار سنڌ جو ڪمشنر مسرور احسن ساڻس هٿ ملائڻ لاءِ اڳتي وڌيو ته کيس چيائين ته پري ٿي تون اسانجي ٻچن جو قاتل آهين، هو ايڏو ته بيباڪ هو جو قومي اسيمبليءِ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته مان محمد خان جوڻيجو (وزير اعظم) کي شريف ماڻهو سمجهندو هيس پر هو ان جي ابتڙ ثابت ٿيو، 1973ع جي آئين تي اهو چئي صحيح نه ڪيائين ته ان ۾ سنڌ جي حيثيت کي ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ان وقت حڪمرانن کيس اهو چيو ته 10 سالن بعد صوبائي خود مختياري ڏني ويندي ته کيس چيائين ته توکي ڪهڙي پڪ آهي ته تون ڏهه سال جيئرو به هوندين ۽ وزير اعظم به؟ جنهن ڪري کيس ڪوڙن الزامن ۾ جيل ته موڪليو ويو، پر وقت گذرڻ سان سندس موقف سچو ثابت ٿيوجنهن ڪري ارڙهين ترميم تحت ڏنل صوبائي خودمختياري به صرف ڪاسميٽڪ ٿي لڳي.

عبدالحميد خان اجلاس وغيره ما واندو ٿيڻ کانپوءِ يڪدم پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان رابطي ۾ رهڻ لاءِ ڳوٺ هليا ايندا هئا ۽ روزانه مقرر وقت تي اوطاق ۾ ماڻهن جا مسئلا ٻڌڻ سان گڏوگڏ زمينون گهمڻ ويندا هئا ۽ چوپائي مال جي سار سنڀال لهندا هئا. هو واعدي جا ايترا ته پڪا هوندا هئا جو جيڪڏهن ڪنهن عام غريب ماڻهو سان ڪو به واعدو ڪندا هئا ۽ ڪو وڏو ماڻهو ايتري قدر جو سندس خاندان جو ڪو ماڻهو به کيس ان تان هٽڻ لاءِ چوندو هو تڏهن به هو پنهنجي واعدي تي قائم رهندو هو.

سندس زندگيءِ جو اهوبه اهم پهلو آهي ته هو گارڊ ڪو نه کڻندو هو ۽ اليڪشن دوران ۽ اليڪشن کٽڻ يا هارائڻ سان سندس رويي ۾ تبديلي ڪو نه ايندي هئي، ۽ ووٽ وٺڻ وقت به چوندو هو ته مونکي لائق سمجهو ته ووٽ ڏيو جي نه ته توهان جي مرضي ۽ جيڪڏهن کيس ڪو ووٽ ڏيڻ کان منهن تي انڪار ڪري ڪڏهن ڪم سانگي سندس ڏانهن ايندو هو ته هو سندس ڏاڍي عزت ڪندي چوندو هو ته هي ڀلو ماڻهو آهي جو مونکي ڏٽو ڏيڻ بجاءِ منهن تي جواب ڏنو هئائين. هو ڪرپشن ۽ چورن جي خلاف هو، جنهن ڪري سندس مخالف به چوندا هئا ته ” خان واعدي جو پڪو آهي ۽ چورن جو يار ناهي“ سندس زندگي جو اهو به اهم پهلو هو ته هو پارٽي ڇڏي ويندڙن سان سماجي لاڳپا ختم ڪون ڪندو هو، سندس زندگي جو سڀ کان اهم پهلو انصاف ڀريا فيصلا آهي، جنهن جي تعريف وڏيري شاهنواز جوڻيجي به هڪ انٽرويو ۾ ڪئي هئي. سندس اعليٰ ڪردار سبب اڳوڻي وزير اعليٰ مرحوم ڄام صادق علي، اختر علي قاضي (مرحوم) ۽ قومي اسيمبليءِ جو سابق اسپيڪرالاهي بخش سومرو کيس پيرين پئي ملندا هئا. جڏهن ته جنرل ضياءَ الحق، مير ظفر الله جماليءَ سميت ملڪ جون اهم شخصيتون به سندس بيحد احترام ڪنديون هيون، ۽ کيس عوام توڙي اعليٰ ادارن ۾ به چونڊيل ايم اين اي ۽ ايم پي اي کان وڌيڪ اهميت ڏني ويندي هئي.

عبدالحميد خان جتوئي جون 1985 کان 1988 تائين قومي اسيمبليءَ ۾ ڪيل تقريرون يادگار ۽ ٻين اسيمبلي ميمبرن لاءِ قابل رشڪ آهن. 

جڏهن ٽوري ڦاٽڪ ڪيس جي اسيرن (جن ۾ سابق ايم اين اي گل محمد جکراڻي به شامل هو) کي سزائون ڏيڻ جون تياريون ڪيو ويون ته هن قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيو،

” جيڪڏهن اسان جي ٻچن کي ڪا به انتهائي سزا ڏني وئي ته ته پنهنجي پيءَ جا حلالي پٽ هونداسين ته وري توهانجي اسيمبلين ۾ نه ايندسين“ ان بعد پير بخش خاصخيلي سميت 65 ميمبرن سان گڏ واڪ ائوٽ ڪري هليو ويو ۽ وزير اعظم محمد خان جوڻيجو طرفان اسيمبليءَ ۾ اچي انهن جي آزاديءَ جو يقين ڏيارڻ تائين واپس نه آيو.

اهڙي طرح سائين جي ايم سيد کي نظر بند ڪيو ويو ته تقرير ڪندي چيائين ته جي ايم سيد اهو ماڻهو آهي جنهن سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان لاءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو پر جيئن ئي پاڪستان ٺهيو ته کيس جيل ۾ وڌو ويو جناب اعليٰ اسان اهڙا ڪم به ڪريون پوءِ به اسان کي جيلن ۾ وڌو وڃي ته اسان توهانجي مخالفت نه ڪنداسين ته ڇا توهان جا ترانا ڳائينداسين؟ !

هڪ موقعي تي تقرير ڪندي چيائين ته هڪ پاڪستاني رانديگر ۽ هڪ ٻيو غير ملڪي ڪشتي وڙهي رهيا هئا ته مان دعا گهري رهيو هيس ته الله ڪري ته اهو غير ملڪي ماري وڃي جنهن تي مون کي منهنجي ڀر ۾ ويٺل دوست چيو ته اها ڪهڙي ٿو دعا گهرين؟ مان چيومانس ته جيڪڏهن پاڪستاني رانديگر کٽي ويو ته ان کي انعام ۾ ٻني وري سنڌ جي ڏيندا.

جڏهن ممتاز علي ڀٽو ۽ عبدالحفيظ پيرزادي کي ”سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ“ ٺاهڻ بعد جيل موڪليو ويو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي چيائين ته ڪنفيدريشن جي ڳالهه پٺاڻ ۽ بلوچ به ڪن ٿا پر جيلن ۾ رڳو سنڌي جي اڳواڻن کي وڌو ويو آهي آخر ڇو؟

سنڌ پاڻمرادو پاڪستان ٺاهيو هو ان کي فتح ڪو نه ڪيو ويو هو ۽ پاڪستان ٺاهيندڙن کي حب الوطني ۽ غداريءَ جا سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو حق انهن کي ڪونهي جيڪي پاڪستان ٺاهڻ لاءِ رڳو ٺهراءَ پاس به نه ڪري سگهيا. هڪ دفعي قومي اسيمبلي ۾ تقريي ڪندي چيائين ته هڪ دفعي کيس هڪ وڏي دعوت ۾ وڃڻ جو موقعو مليو جتي ڏسي ته الاهي مرسيڊيز، ڪرائون، شيورليٽ، ۽ ٻيون مهانگيون گاڏيون بيٺيون هيون، اهي ڏسي ماڻهن کا پڇا ئين ته اهي ڪنهن جون گاڏيون آهن؟ خبر پيس ته اهي فلاڻن فلاڻن ڪرنلن، برگيڊيرن، ميجر، جنرلن ۽ ليفٽيننٽ جنرلن جون آهن. اسپيڪر کي مخاطب ٿيندي چيائين ته مان پڇان ٿو ته انهن جي پگهار گهڻي هوندي؟ پندرهن هزار، ويهه هزار، ٽيهه هزار (ان وقت ويهن، ايڪيهن، ۽ ٻاويهين گريڊ جون پگهارون ايتريون هونديون هيون)، پوءِ انهن اهي گاڏيون ڪيئين خريد ڪيون؟! ۽ ٻيو ته جيڪي ايڏيون عياشيون ڪري رهيا آهن اهي جنگ لڳي ته بارڊر تي ڪو نه ويندا. سندس ان ڪردار ڪري جنرل ضياءَ الحق کيس A.K بروهيءَ معرفت گورنر بڻائڻ جي آڇ ڪئي جنهن کان انڪار ڪندي چيائين ته مان سنڌ لاءِ ڳالهائڻ بند نه ٿو ڪري سگهان. جڏهن کيس ڪراچي جي ٻن پلاٽن جا الاٽمينٽ آرڊر ڏنا ويا ته هن ان وقت جي وزير اعليٰ اڳيان ڦاڙيندي چيو ته مونکي پلاٽن ۽ پرمٽن جي سياست سٺي نه ٿي لڳي. هو اڄوڪي دور جي ماڻهن جا افعال ڏسي چوندو هو ته اسان جي وقت ۾ پيسو نه هو پر عزت هئي ۽ هاڻي پيسو گهڻو آ پر عزت ڪانهي، انهن ڳالهين ڪري ان تي سائين جي ايم سيد به وڏو اعتماد ڪندو هو ۽ کيس ممتاز علي ڀٽو، عبدالواحد آريسر، گل محمد جکراڻي ۽ عبدالحفيظ پيرزادو جي موجودگيءَ ۾ سنڌ قومي اتحاد جو چيئرمين چونڊيائين. 

1999ع ۾ جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ نواز شريف جي موجودگيءَ ۾ شريعت بل خلاف تقرير ڪري ٻاهر نڪتو ته کائنس پڇيو ويو ته توهانجو پٽ وزير اعليٰ آهي ۽ اوهان وري حڪومت خلاف تقريرون ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائين ته ”مان چيف منسٽريءَ خاطر سنڌ جو سودو نه ڪندس“ ان جي ٻئي ڏينهن تي سائين جي ايم سيد جي فرزند سائين امداد محمد شاه اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ” عبدالحميد خان پنهنجي جواني ياد ڏياري ڇڏي“ ان ڪري اهو چوڻ ۾ ڪو به وڌاءُ نه ٿيندو ته جيڪڏهن رڳو 5 ميمبر به عبدالحميد خان جي تقليد ڪن ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال تي ٺهندڙ پاور پلانٽ جو ڪم بند ٿي ويندو نه رڳو اهو پر سڀ سنڌ دشمن منصوبا هميشه لاءِ دفن ٿي ويندا. 

خان صاحب پهرين شادي پنهنجي مائٽن مان ڪئي، جنهن مان اولاد نه ٿيڻ ڪري ٻه ٻيون شاديون ڪيون جن مان کيس ڇهه پٽ ۽ ست نياڻين جو اولاد ٿيو، جن مان سندس ٻيو نمبر پٽ اعجاز علي خان جنهن کي هو پنهنجو سياسي جاءِ نشين سمجهندو هو سو سندس ئي زندگيءَ ۾ آمريڪا جي هڪ اسپتال ۾ وفات ڪري ويو جنهن جي صدمي کيس جهوري وڌو ۽ هن 10 جنوري 2004ع ۾ 82 سالن جي عمر ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪئي

هو سياست ۾ سائين جي ايم سيد، سيد علي اڪبر شاهه (ميهڙ وارو) ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي ۽ غوث بخش بزنجي کان متاثر هو، جنهن ڪري ڪڏهن ڪڏهن چوندو هو ته افسوس جو اسان جي قوم جي ايم سيد ۽ حيدر بخش جتوئي جهڙن ماڻهن جو قدر نه ڪيو. سندس دوستن ۾ سائين جي ايم سيد، ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، شاهه مردان شاهه پير صاحب پاڳارو، غوث بخش بزنجو، الله بخش سومرو، احمد ميان سومرو، خان عبدالولي خان، نواب اڪبر بگٽي، عطاءَ الله مينگل، يوسف اي هارون، محمود اي هارون، قاضي فضل الله، معراج خالد، غلام اسحاق خان (اڳوڻو صدر)، نواب احمد سلطان چانڊيو، نواب شبير احمد چانڊيو، غلام مصطفيٰ خان جتوئي حاڪم علي زرداري، سيد امداد محمد شاهه، سيد محمد راضي شاهه (سيتا وليج وارو)، ميان عبدالرحمان سومرو (شاهه پنجي وارو) رئيس اشرف خان لغاري (راوت لغاري وارو)، رئيس خان محمد گاڏهي مرحوم علي حسن گاڏهي جو والد ۽ بخشل خان ناريجو (ٿرڙي محبت وارو) شامل آهن.

خان صاحب آخري وقت تائين ڪالا باغ ڊيم جو مخالف هو ۽ وفات کان ٻه هفتا کن به اڳ هڪ اخبار ۾ سندس بيان ڇپيو ته.

”ڪالا باغ جا حامي منهنجي جنازي ۾ نه اچن.“

مطلب ته عبدالحميد جتوئي جتي سنڌ جي روايتن جو امين هو، اتي سنڌ لاءِ محبت سندس رڳ رڳ ۾ سمايل هئ.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو