Home / ڪرنٽ افيئر / ٿر جو ڪوئلو، ٿريا ۽ ريڊ انڊين!
above article banner

ٿر جو ڪوئلو، ٿريا ۽ ريڊ انڊين!

Picture2ريڊ انڊين وارو اهو خط تــ آمريڪي صدر کي مليو الائي نه پر انهي خط جو سنڌي ترجمو وري سائين ابراهيم جوئي ڪيو آهي. جنهن سائين ابراهيم جوئي وارو اهو ڪتابڙو پڙهيو هوندو ۽ وري جي اهو ٿر جي ڪنهن سيم جو هوندو جي اڃا وري اهو انهي علائقي جو هوندو جنهن علائقي هيٺان ڪوئلو آهي ، تــ اڄ هو انهي ريڊ انڊين جي درد کي پنهنجي دل ۾ چڀندي محسوس ڪندو هوندو. انهن جي درد جي هڪجهڙائي کي اڄ محسـوس ڪري سگهجي ٿو. هن ڪوئلي واري ڪهاڻي کي هاڻ خيرن سان هڪ ڏهي کان بــ مٿي سال ٿيا آهن. انهي وچ ۾ انهي ڪوئلي جو ڪيترا ئي دفعا افتتاح ٿيو آهي. جنهن جو پهريون افتتاح محترم ڀٽو ڪيو هو ۽ هاڻ وري هن جو وقت جي حڪمران پارٽين پاڻ ۾ گڏجي افتتاح ڪيو آهي. پر اڄ ٿر مان ڪو اهڙو ٿريو آهي جيڪو انهن ٻنهي حڪمران پارٽين جي انهي ٻنهي اڳواڻن کي اهڙو خط لکي جهڙو خط انهي ريڊ انڊين آمريڪا جي صدر کي لکيو هو. اهڙو خط ٿريا لکي سگهن ٿا . ڇو جو هنن کي پنهنجي ڌرتي سان لڳاءُ ٿي سگهي ٿو تــ انهي ريڊانڊين کان بــ وڌيڪ هجي . پر آئون اهو يقين سان چئي سگهان ٿو جيڪڏهن انهن سيمن ۾ ڪٿي بــ ڪو راجپوت قبيلي جو ڳوٺ اچي ٿو ۽ انهي ڳوٺ مان جيڪڏهن اهي راجپوت ستيتاليهــ يا ايڪهتر ۾ سرحد پار مجبورن لڏي ناهي ويو ته اهو ضرور اهڙو خط لکندو ۽ هن کي لکڻ بــ کپي ڌرتي جو اصل ڌڻي اهو راجپوت آهي. پوءِ ڀلي کڻي اهوخط وقت جي ٻنهي حڪمران پارٽين جا اڳواڻ نــ بــ پڙهن يا پڙهي وساري ڇڏين پر وساري نــ سگهندا اهو ممڪن ناهي . ڌرتي جنهن لاءِ راجپوت چوندا آهن ته “ ڪپوتران کان جائي” ڇا اڄ جا راجپوت ڪٿي ڪپوتر تــ ناهن ٿيا. اهو هنن تي ڌرتي جو فرض آهي.هاڻ اهي دور ويا جڏهن هو ٻه ڌاري تلوار کڻي ڌرتي لاءِ ميدان ۾ لهندا هئا.

Picture1

هر ڀيري اهو آسرو ٿو ڏنو وڃي تــ انهي سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي وڏا ترقياتي ڪم ٿيندا. خير جيڪي آسرا ڏبا آهن. سموري ملڪ کي فائدو ٿيندو . خير ملڪ کي جيڪو فائدو ٿيندو سو ٿيندو. پر هڪڙي لمحي لاءِ بــ سوچيو جيڪڏهن اوپن پٽ ذريعي ڪوئلو ڪڍيو ويو ته ٿر جي ڪهڙي حالت ٿيندي. اهي ڳالهيون بــ ٿي چڪيون آهن. بس ٿر ٿر نه رهندو هاڻ سوچيو ڇا ڇا نه رهندو اهي وڻ نــ رهندا جن وڻن جي ڇانءِ ۾ جڏهن مال چاريندڙ ڌراڙ ويهي پگهر ٺاريندو آهي ۽ هوا جي ڦرڪ لڳندا آهي. انهي کي صرف محسوس ڪري سگهجي ٿو توڙي جو هتي محسوسات جي ڳالهــ ڪري نٿي سگهجي ڇو هن دور ۾ محسوسات جي اهڙي ڳالهه ڪرڻ ئي بي وقوفي سمجهي ويندي پر ڪجي ڇا جڏهن ڳوٺ ڏانهن ورندڙ مال جي پيرن مان اڏندڙ دز جي خوشبو حواسن تي ڇانجي ٿي وڃي. اهو نــ رهندي اهڙي ترقي ڪهڙي ڪم جي جنهن جي بــ ڪا پڪ ناهي. ٻيلي اسين جهنگ جا ماڻهو آهيون اسان کي ٻي ترقي جي خبر ناهي پر جي صبوح سوير اسان وٽ گاڏين ۽ فورسيٽر جي هارون جي بدران مورن جي ٽهوڪن سان ٿيندي آهي جي اهي ٽهوڪا نــ هوندا تــ اسان ننڊ مان ٿي سگهي ٿو جاڳي بــ وڃون پر انهي ۾ اکيون کليل هونديون ۽ اسان جو ذهن ستل ئي رهجي ويندو. جي اسان ڪن ولوڻي جو آواز ئي نه ٻڌندا تــ ذهن ڪٿان اٿندو . هي اسان جي پيرن هيٺان ڌرتي ڪڍي ترقي جا دلاسا آهن . اهڙو ڪو خط لکي ضرور ڪو نــ ڪو وقت جي حڪمرانن کي سهي. ٻيو هو اسان کي چون ٿا تــ اوهان کي انهي جو معاوضو ڏينداسين .هاڻ اهي معاوضي ۾ ڇا ڏيندا هڪڙي مور جي ڪوڪ جو ڪهڙو معاوضو ڏيندا. هو انهي تتر کي سندس آکيري جو ڪهڙو معاوضو ڏيندا جنهن ۾ انهي تتري جا بيضا پيل هئا. هو ڪهڙو معاوضو ڏيندا انهي ماکي جي مکين کي جنهن گلن مان رس چوسي مانارو ڀريو هوندو. هو انهن وڻن کي ڪهڙو معاوضو ڏئي سگهندا جن کي وڏي ٿيڻ ۾ ماڻهن کان بــ وڌيڪ وقت لڳو آهي .انهي ۾ رهندڙ انهن ماڪوڙين کي ڪهڙو معاوضو ڏيندا . انهن ٻين جيتن کي ڪهڙو معاوضو ڏيندا جيڪي وڻن جي پور ۾ رهن ٿا. هي ڏئي بــ ڇا ڏيندا انهن جيتن کي ڪهڙو معاوضو ڏيندا جيڪي زمين جي اندر رهن ٿا. سو هي ڪهڙو معاوضو ڏيندا انهي بانسري جي آواز جو ۽ ڪهڙو معاوضو ڏيندا انهي چنگ جي آواز جو.

خير وياسين لڙهي ٿر جي محبت واري مامري ۾ پر سچي هو چونٿا تــ هو زرخيز زمين جو گورنمينٽ جي اگهــ سان پئسا ڏيندا هڪ ته زمين جو ڪو گورمينٽ اگهــ نه هجڻ کپي ڇو جو بئراج جي ٻني به اپت جي اوريج جي حساب سان هوندي آهي. پر ٿر ۾ ته وري هر ٻني جو پنهنجو اگهه آهي . ريٽائين ٻني جو تلي جو سڀني جو پنهنجو پنهنجو اگهــ آهي سو اهاڳالهه بيهي ڪو نه ٿي تــ ٻاجهر ۽ ٻري جو وڃي ساڳيو بيٺو وري ٻي ڳالهه ته ٿر ۾ تمام گهٽ زمين ماڻهن جي ذاتي ملڪيت هوندي آهي جهي ڪنهن جا ڏهري ۾ ٻــ ايڪڙ آهن تــ باقي هو اوسا پاسا ڪڍي پيو کيڙيندو آهي ڀٽون سڀ گورمنٽ جون آهن ۽ باقي بــ ڪافي زمين غير آباد ۽ سرڪاري آهي. ڪجهــ ماڻهن جا يڪسالا بــ هوندا آهن پر اهي هڪ سال لاءِ هوندا آهن هر سال نوان ڪرائڻا پوندا آهن. اڃا انهي ذاتي زمين جو مهاڳو الڳ آهي جيڪو پنج سالن کانپوءِ وڃي انهي جو هميشه لاءِ ٿيندو آهي. 

ٿر جي لينڊ گرانٽ پاليسي بــ هڪ وڏو اشو رهي آهي جيڪا اڃا تائين حل ناهي ٿي سگهي . جنهن ۾ اويڪيو پراپرٽي به آهي زمين جيڪا 47 ۾ لڏي ويلن جي آهي ۽ اينيمي پراپرٽي جيڪا 71 جي جنگ ۾ لڏي ويلن جي آهي به زمين آهي. اها اڃا تائين ٿر ۾ انهن لڏي ويل همراهن جي نالي سان پر انهن اينيمي ۽ اويڪيو پراپرٽي طور ٿر جي ملڪيت آهي سو اهين سمجهو تــ زمين ۾ ٿرين جي ملڪيت وڃي صفا ٿوري هوندي. باقي هجڻ ڳوٺاڻن جي گڏيل ملڪيت کپي پر اها گورمنٽ جي آهي. گئوچر ڳوٺ جي گڏيل ملڪيت هجڻ کپي جيڪا قانون مطابق هر ڳوٺ کي پنج سئو کان ڇهــ سئو ايڪڙ هر ڳوٺ جي آهي اها هجڻ ڳوٺاڻن جي ملڪيت کپي پر اها بــ سرڪار جي ملڪيت اهي سو ائين سمجهو جو انهن ڪمپنين کي ٿر ۾ ڪم ڪرڻ ۾ ڪابــ مشڪل ناهي ڇو جو ٿر ٿرين جي نه پر گورنمنٽ جي ملڪيت اهي. انهي ڪري انهن ڪمپنين کي ڪم ڪرڻ سولو آهي. 

ٻي ڳالهــ ٿر جي ماڻهن جو خاص ڪمائي جو ذريعو چوپايو مال آهي انهي جو سمورو گذر سفر جو ذريعو انهي سرڪاري زمين تي هوندو آهي. سو ٿرين کي معاوضو ملي ڪونــ سگهندو . باقي ٿر جي ڪوئلي لاءِ ڪم ڪندڙ ٿر ڪوئلو ايڪشن ڪاميٽي ، ٿر ڪوئلو بورڊ، ايڪشن نيٽ ورڪ ، ايڪشن گروپ فار ڪول، ميگا سماجي فورم ، سياسي پارٽيون، الاهي ڪيئن ٺهن ٿيو ۽ الائي ڪيئن ڊهن ٿيون. انهي تي ڪوسنجيده ڪم اڄ ڏينهن تائين ناهي ٿيو. نـ وري سنجيده ورتو پيو وڃي ٿر ۾ تــ اها ڳالهــ بــ هلندڙ آهي تــ اهو ڪوئلو نڪو نڪرڻو آهي نــ وري نڪرندو اهي سڀ ڪرڻ جون ڳالهيون آهن “مسئلن کي آهن ٿڏ ٺوڪڻا سو پيا واري واري سان ٺوڪين” پر جي ٿو نڪري تــ ٿريا بــ اهڙا بڇڙا ٿيندا جو راڄ ڏسندا. هينئر ئي دلت ڦلاڻ ٽير مٽير رڳڙا هلن ئي هلن پيا. 

پاڻ ٻيلي پنهنجي ڳالهــ رکي آهي متان اوهين چئو ملڪ جو ڀلو ٿو ٿئي اجايو جذباتي ڳالهيون غير سائنسي ڳالهيون لڳن تــ ڀلي لڳن پر آئون هڪ عام ٿريو ۽ جهنگ جو ماڻهو آهيان سو انهي وانگر ئي سوچيان ٿو . سو ٿر جي ڪوئلي نڪرڻ سان ڪو راڄن کي فائدو ٿئي تــ ٿئي پر ٿرئي ۽ ٿر جي اڊير ٿي ويندي ۽ هي اکين ڏٺو سون اڄ نــ تــ سڀاڻي ڪا سنجيده سرڪار آئي تــ پنهنجو پاڻ کي گروي رکي بــ اهو ڪوئلو ضرور ڪڍندي. تڏهن سوچجي ٿو ته ٿرئي ۽ ٿر جو ڇا ٿيندو. اهو ئي سوال سوچڻ جو آهي هيترا ميگاواٽ هيترا ميگاواٽ تــ ٿيندو راڄن جو ڀلو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو