Home / سنڌ افيئر / ٿر ۾ وياجي واپارين جا جاوا!
above article banner

ٿر ۾ وياجي واپارين جا جاوا!

ٿر جا مارو ماڻهو آسمان تي اڻ مندائتا ڪڪر ڏسي به پنهنجي چهرن تي مرڪون سجائيندا آهن. يا وري کنوڻ تي مال ڪاهيندڙ ٿر جا توڪلي ماڻهو گذريل سال جي اڻپورين برساتن سبب هن وقت ڏڪار سان گڏ مختلف بيمارين ۾ پڻ سخت مبتلا آهن. اهي ئي ماڻهو حڪومتي سطحي تي پڻ لاوارثي، ننڌڻڪائپ ۽ احساس محرومي جو به شڪار آهن. ٿر جا مالوند ماڻهو اڌ عرصو سنڌ جي بئراجي علائقن ۾ مال ۽ پيٽ بکئي جي پورائي لاءِ دربدري واري زندگي گذاريندا آهن. جڏهن سانوڻي مند ۾ آسمان تي برسات جا ڪارا ڪڪر رقص ڪندا آهن ۽ ڪارونجهر جي ڪور تان کنوڻ جا تجلا ٿر جي ويران ڀٽن کي روشن ڪندا آهن. ان وقت ٿر جا هزارين غريب ماڻهو بئراجي علائقن کي ڪجهه عرصي لاءِ ڇڏي پنهنجن ڪکن ۾ ايندا آهن ۽ هميشه جيان ٿر جي وياجي واپارين کان ٻج کڻي پنهنجون زمينون آباد ڪندا آهن. گذريل سال اميد ۽ توڪل تي پوکيل فصل گهربل برساتون نه پوڻ ڪري سڪي بنجر ٿي ويا. وياج تي کٽيل ٻچ ۽ خرچ غريب هارين جي ڪنڌ ۾ پئجي ويا. باقي ايڪڙ ٻيڪڙ فصل بچي ويا. 

مٺي ضلعي جي تعلقي ننگر پارڪر کانسواءِ باقي تعلقن ۾ ڪو به فصل لاڀ ڏئي نه سگهيو ۽ غريب، مسڪين ماڻهو انتهائي پريشاني ۾ اچي ويا ۽ سندن مال جا چرا گاهه پڻ گهربل برساتون نه پوڻ ڪري اڌ ۾ سڪي ويا ۽ دربدري واري ڪيفيت ٻيهر شروع ٿي ويئي. جڏهن ته برسات ۽ پوکي وقت مهانگي اگهه تي ورتل ٻج هن وقت جڏهن ننگر پارڪر جي علائقن ۾ پوکيل فصل لهڻ شروع ٿيا ٿر جي مختلف مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ آندا ويا ته ٿر جي لالچي واپارين جي هڪ هٽي سبب اگهه پٽ پئجي ويا آهن. ٿر پارڪر ضلعي ۾ گوار ۽ ٻاجهري جو فصل وڏي تعداد ۾ پوکيو ويندو آهي. جيڪڏهن وقت سر برساتون پون ته اهي ٻئي فصل 50 کان 80 مڻ في ايڪڙ جي حساب سان ايوريج ٿيندا آهن. گذريل سال اڻپورين برساتن سبب فصل هڪ ته سڪي ويا. باقي جيڪي فصل بچيا انهن پيداوار تمام گهٽ ڏني. جنهنڪري خرچ پکا سڀ لڙهي ويا، هوڏانهن وري رهيل ڪسرون ٿر جي واپارين پوريون ڪيون. جو پوکي وقت گوار ڇهه هزار روپيه في مڻ جي حساب سان وڪرو ڪري هارين کي ڏني ۽ اها گوار جڏهن تيار ٿي ٿر جي مارڪيٽن ۾ آئي ته واپارين جي هڪ هٽي سبب 2 هزار روپيه في مڻ جي اگهه سان خريد وڃي. پوءِ ٻاجهري پوکي وقت ٻه هزار روپيا مڻ ۽ هن وقت 800 سئو روپيه في مڻ خريد ڪئي وڃي. جڏهن ته ٻيا فصل ، ڪورڙ، تر وغيره به ان قميت تي خريد ڪيا وڃن ٿا. ايڏي ناانصافي ٿيڻ کانپوءِ به ٿر جي غريب هارين جي سهائتا يا انصاف لاءِ چونڊيل نمائندن يا ضلعي انتظاميه ڪا به پڇا ڳاڇا ٿر جي واپارين کان نه ڪئي آهي. 

واپاري طبقو خدا جي مخلوق کي بي وقوف بڻائي پنهنجا هٿرادو اگهه مقرر ڪري ٻنهي هٿن سان لٽيندو رهي ۽ وري ٿر جي ضلعي انتظاميه ان سموري مسئلي کان بي خبر ٿي ٿر جي غريب ماڻهن جي پيٽ گذر جي ذريعي باراني فصل جا اگهه ٿر جي لالچي واپارين جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏي. اڄ جڏهن گذريل مهيني کان وٺي ٿر جي مختلف شهرن جي مارڪيٽن ۾ وڪري لاءِ ايندڙ ٿر جا باراني فصل اڌ قيمت تي تي خريد ڪيا وڃن پيا ۽ اهڙيون خبرون ميڊيا ۾ اچڻ کانپوءِ به حڪومت سڳوري ٿر جي غريب هارين جي سهائتا لاءِ يا واري ان عوام کي لٽيندڙ واپارين جي ڪن مهٽ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا آهن.

ٿر جتي حڪومت نالي ڪا به شي نظر ڪون پئي اچي، هر ماڻهو قانون کان بالاتر نظر اچي ٿو. جيڪڏهن قانون ۽ قائدا آهن ته اهي به صرف غريب عوام لاءِ، ٿر ۾ باراني فصل جا خريدار واپاري به پنهنجي مرضي جا مالڪ آهن ته روزمرهه جي شين جي وڪري جا واپاري به پنهنجو مٽ پاڻ آهن. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو اهڙن لالچي واپارين جي ناانصافي خلاف دانهن ڪوڪ ڪنهن تعلقي آفيسر وٽ ڪري ٿو ته ڪو ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، جيڪڏهن ڪنهن آفيسر کي رحم اچي ٿو ۽ هو لالچي واپارين خلاف قانوني قدم کڻي ٿو ته واپاري حضرات ان آفيسر خلاف هڙتال ڪري بازارون ۽ دڪان بند ڪرائي ڇڏين ٿا ۽ نيٺ واپاري پنهنجي ڪم ۾ ڪامياب ٿي قانون کي لاوارث لاش جيان دفنائڻ ۾ به ڪامياب ٿي وڃن ٿا. 

هوڏانهن غريب عوام بيوس ۽ لاچار ٿي واپارين جي رحم ڪرم تي زندگي جا بدتر ڏينهن گذاري رهيا آهن. ڪجهه ڏينهن اڳ ڏيپلو شهر جو هڪ واپاري پنهنجي مرضي موجب اٽو مهانگو وڪرو ڪري رهيو هو ته شهرين جي ڪنهن ماڻهو اسسٽنٽ ڪمشنر ڏيپلو خورشيد عالم کي وڌيڪ اگهه وٺندڙ واپاري خلاف شڪايت ڪئي ۽ اي سي ڏيپلو ان واپاري کي گرفتاري ڪرائي ڇڏيو ۽ ڏنڊ به ورتو. ٻي ڏينهن واپاري ايسوسئيشن جي صدر غلام محمد ميمڻ سمورو ڪاروبار بند ڪرائي عوام دوست آفيسر ڏيپلو کي بدلي ڪرائڻ لاءِ مظاهر ۽ احتجاج رڪارڊ ڪرايو. اڄ تائين آفيسر ته بدلي ڪو نه ٿي سگهيو پر واپاري برادري ڪجهه ڏينهن جي ماٺار کانپوءِ عوام کي ٻنهي هٿن سان ڦرڻ وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو. 

نتيجو اهو نڪتو جو چونڊيل نمائندن پڻ عوام جي ساٿ ۽ همدردي لاءِ ڪو به بيان رڪارڊ نه ڪرايو پرآفيسر جي بدلي ۽ واپاري طبقي کي مڪمل سهڪار جو يقين ڏيارو اڄ عوام کي طاقت جو سرچشمو سمجهندڙ، اٽي لٽي ۽ اجهي جي دعويدار حڪومت جي دور ۾ ٿر جو عوام لاوارث ۽ ننڌڻڪائپ جو شڪار آهي. آخر جمهوري حڪومت کي ٿر ۽ ٿر جو عوام ڪڏهن نظر ايندي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو