Home / ڪور افيئر / چوڌري اسلم جو قتل ڪراچي، جتي هاڻي طالبان جو ڊپ راڄ ڪري ٿو!
above article banner

چوڌري اسلم جو قتل ڪراچي، جتي هاڻي طالبان جو ڊپ راڄ ڪري ٿو!

لڳي ٿو 2014ع ڪراچي لاءِ انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندو. جنوري جا شروعاتي ٽي هفتا شهر ۾ دهشتگردي جي واقعن جا نه وساريندڙ گواهه آهن. ورلي ڪو ڏينهن گذريو آهي جو شهر ۾ ڪو غير معمولي واقعو نه ٿيو هجي. ڪڏهن پوليس، ڪڏهن رينجرز، ڪڏهن ميڊيا ته ڪڏهن پوليو جون ٽيمون نشانو بڻجنديون رهيون آهن. فرقيواريت جا واقعا ان کان سواءِ آهن. عام ماڻهن جي اجل جو شڪار ٿيڻ کي ته واڳ ڌڻي ۽ تاريخ جا محقق ليکين ئي نٿا، عجيب لقاءُ آهي. شهر کي ڊپ کائيندو ٿو وڃي. قانون ڳولئي نٿو لڀي. پوليس ساڳيو ڪم ڪندي يعني وڏن ماڻهن جي پروٽوڪول ۽ غريب ماڻهن کان اوڳاڙي ۽ رڌل ٿي نظر اچي.
ڊسمبر جي آخري شام بهاءُ الدين بابر کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. هن جو نالو شهر جي مشهور پوليس وارن ۾ کنيو ويندو هو. هن لياري ۾ وڏا ڪم ڪيا هئا. هن جي کاتي ۾ لياري جا، ڪيترائي واقعا لکيل هئا، جن ۾ سرفهرست پوليس حراست ۾ رحمان ڊڪيت جي فراريت پڻ هڪ آهي. هن چوڌري اسلم سان پڻ گهڻو وقت گڏ ڪم ڪيو جنهن کي ٺيڪ نون ڏينهن کانپوءِ دهشتگردن رستي تان هٽائي ڇڏيو. چوڌري تي حملي کانپوءِ پوليس، رينجرز ۽ ڳجها ادارا حرڪت ۾ آيا پر جيئن جيئن هنن جو آپريشن تيز ٿو ٿئي تيئن تيئن سالن کان پنهنجا پختا پير ڪري ويٺل دهشتگرد پنهنجون ڪارراويون تيز ڪندا ٿا وڃن. هر ڪارروائي کان پوءِ هو آساني سان گم ٿا ٿي وڃن ۽ ڳولڻ وارا باوجود خبر هئڻ جي ان ڪري انهن کي گرفتار نٿا ڪري سگهن ڄڻ سڄو ڪراچي شهر ڪٽي پهاڙي هجي.
چوڌري لاءِ مشهور هو ته هو پڪڙيل ماڻهن کي ميڊيا آڏو پيش ڪري اها دعويٰ ڪندو هو ته هن جي ٽيم هنن کي پڪڙيو آهي. هن جي کاتي ۾ ڪيئي ڪيس اهڙا هئا جن ۾ هن ڪيترن ئي ماڻهن کي پوليس مقابلو ڄاڻائي ماريو هو. هن پڪڙيو يا هن ماريو پر هو انهن ڪجهه پوليس آفيسرن مان هو جنهن سمورا الزام پنهنجي سر تي کڻي وڏا لاڳاپا ٺاهيا. هن جي لاءِ اهو پڻ مشهور هو ته هو دوستيون به نڀائي سگهندو هو ته دشمنيون پڻ، 2006 کان هو مسلسل دهشتگردن جي نشاني تي هو. اهو چوٿون حملو هو جنهن ۾ هو بچي نه سگهيو. بغيرڪنهن فلمي ڊائريڪٽر جي هدايتن موجب هو جڏهن ڪنهن علائقي ۾ پيدل گهمندو هو ته ماڻهن تي هڪ سحرطاري ڪري ڇڏيندو هو. مون هن کي ڪيترائي ڀيرا لياري ۾ ڪارروايون ڪندي ڏٺو. هڪ هٿ ۾ دکيل سگريٽ، ٻي هٿ ۾ پستول. اڇو ڪاٽن جو وڳو ۽ پشاوري سينڊل، وکريل واا ۽ منهن تي گهنج، ايئن لڳندو هو ته هو مسلسل ذهني اذيت ۾ رهندڙ شخص هو. آئون ڪيترن ئي پوليس واران کي سڃاڻان جن کي ڪجهه ئي مهينن ۾ ڪنهن مخصوص علائقي ۾ ڏوهن تي ضابطو آڻڻ واري ٽاسڪ ذهني مريض بنائي ڇڏيو.
لڳ ڀڳ ٻه سئو ڪلو گرام بارودي مواد سان ڀريل گاڏي جڏهن هن جي گاڏي جي کاٻي پاسي سان ٽڪرائجي ته هن جسم جا ڪيترائي حصا هن جو ساٿ ڇڏي ويا. روز روٽ مٽائيندڙ شخص کي نشانو بڻائڻ لاءِ مسجد جي امام جي پٽ اهڙي پلاننگ سان هن کي نشانو بڻايو جو عام ماڻهن کان وٺي پوليس جي ٰ اختيارين تائين عجيب ڳالهيون گردش ڪرڻ لڳيون آهن. چون ٿا ته دهشتگرد ڪجهه ڏينهن تائين ڪارروائي لاءِ ڊرامائي انداز ۾ ريهرسل پڻ ڪئي. هن جي موت کان پوءِ ڪراچي پوليس ڊپ ۾ ورتل ٿي لڳي. سندس جنازي نماز جي جاءِ پڻ تبديل ڪئي وئي ۽ جنهن جا ءِ تي هن جون آخري رسمون ادا ڪيون ويون اها جاءِ پڻ ريڊ زون بڻائي وئي. سياسي قائدين کان آرمي چيف تائين هن جي بهادري ۽ جرئتمندانه ڪاررواين جا متعقد ٿي ڏٺا.

Picture5
بهاءُ الدين بابر ۽ ايس ايڇ او شفيق تنولي جي واقعن کان پوءِ سي آءِ ڊي جا سمورا آفيسر Risk تي هئا. چوڌري کي پڻ اها ڀڻڪ پئجي چڪي هئي ته هن کي پڻ نشانو بڻايو ويندو. چوندو هو ته دهشتگرد هن کي مارين يا هو هنن کي ماريندو. ڪراچي جا عام ۽ خاص شريف ماڻهو هن جي موت تي ڏکارا ٿي ڏٺا “ڪو ته هو جنهن کان دهشتگرد ڊڄندا هئا” ڊفينس جي جينس پهريل ڇوڪري لڙڪ هاڻين اکين سان تبصرو ڪيو چوڌري جي موت کان پوءِ سي آءِ ڊي جي چارج وٺڻ کان سڀ لنوائي رهيا هئا ته اهڙين سڻڀن عهدن لاءِ سڀ تاڙ ۾ هوندا آهن. چوڌري جي وڃڻ کانپوءِ دهشتگردن جا ڄڻ سڀ رستا کلي ويا آهن. دهشتگرد ٻرن مان نڪري آيا آهن.
لانڍي، سهراب ڳوٺ، ڪياماڙي، ڪٽي پهاڙي، ڪنواري ڪالوني، هجرت ڪالوني، بلديا، اورنگي، لياري، صدر، ڊفينس، ڪلفٽن، ڪهڙو علائقو آهي جنهن ۾ دهشتگردن جي پهچ ناهي؟ ڪهڙا علائقا آهن جن کي هو آساني سان نشانو نٿا بڻائي سگهن؟ لڳي ٿو پوليس کان وڌيڪ دهشتگرد ڪراچي جي چپي چپي کان واقف ٿي ويا آهن. ايئن به ناهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا انهن ماڻهن جي ٺڪاڻن کان واقف ناهن. پر هو هارائجي وڃڻ جي ڊپ کان ڪي وڏا قدم نه ٿا کڻن.
خبر ناهي ته ڪهڙيون سياسي ۽ انتظامي مصلحتون آهن جو ڪي به جوڳا قدم نه پيا کنيا وڃن؟ ذريعا ٻڌائن ٿا ته ڪراچي جون حالتون خراب ڪرايون پيون وڃن حالتون اڳ به ڪي چڱيون نه هيون. 2013ع ڪراچي جي لاءِ بدنصيب سال ثابت ٿيو جنهن ۾ 2 هزار 7 سئو کان وڌيڪ ماڻهو ماريا ويا. پر اهو سال انهي ڪري ليکي ۾ نه آيو جو انهن مارجي ويلن جو تعلق عام ماڻهن سان هو. دهشتگردن ۽ موت جي سمورن سوداگرن ڌيان حاصل ڪرڻ هاڻ خاص کي نشانو بڻائڻ شرو ع ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ڪي عجيب ۽ نه سمجهه ۾ ايندڙ ڪارروايون پڻ ڪيون پيون وڃن. جنهن ۾ ڪنهن خاص نه پر عام لاءِ به ڪي پيغام آهن. جيئن گلشن معمار ۾ درگاهه ڀرسان ڪٺل مزدورن جا لاش ملڻ ۽ ملير ۾ صوفي بزرگ شاهه ولايت جي درگاهه ڀرسان ملندڙ لاش، اڳ هڪ ڌڪ ۾ ڌماڪو ڪري ڪارروائي ڪئي ويندي هئي. هاڻ عجيب مخلوق شهر ۾ نمودار ٿي آهي، جيڪا باوجود رينجرز آپريشن جي سڀ ڪجهه ڪري ٿي وڃي. ڪڏهن رينجرز کي منگهو پير ۾ ٿو نشانو بڻايو وڃي ته ڪڏهن پوليس کي شهر جي وچ آرام باغ ۾ نشانو ڪيو پيو وڃي.
چون ٿا ته جنرل جي تبديلي کان پوءِ حالتون تبديل ٿيون آهن. سڄو ملڪ دهشتگردن جي چنبي ۾ آهي. خاص تبصرو ڪندي چون ٿا ته ڪراچي ۾ جيڪي ڪارروايون ٿين پيون انهن ۾ يا ته ڪي ننڍا طالبان گروهه ملوث آهن جيڪي ڪنهن خاص مقصد ڪارڻ ڪم ڪن پيا يا اهي ڪارروايون انهن جون به ٿي سگهن ٿيون جيڪي حڪومت جو حصو ناهن. ڇاڪاڻ ته ايئن ڪرڻ سان ڪيترائي مقصد حاصل ڪري سگهجن ٿا. هڪ ته آپريشن جو رخ موڙي سگهجي ٿو. ٻيو ته طالبان جيڪي ڪراچي ۾ سڪونت اختيار ڪيو ويٺا آهن. انهن خلاف فيصلائتا ڪن قدم کڻائي سگهجن ٿا يا چئي سگهجي ٿو ته اسان ناهيون ته امن ناهي.
پر سڄي راند ۾ سنڌ حڪومت لاچار ۽ بيوس ٿي ڏسجي. جيڪا آپريشن جي آڙ ۾ ڪٿي اختيار وفاقي حڪومت کي ته سونپي چڪي آهي. حالتن مان لڳي ٿو ته ڪراچي ۾ گهڻو ڪجهه ڏسڻ لاءِ ملندو جيڪو اکيون نٿيون ڏسڻ چاهين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو