Home / بلوچستان / ڪاشغر- گوادر راهداري، بلوچن لاءِ نئين بيٺڪيتي راڄ جي شروعات!
above article banner

ڪاشغر- گوادر راهداري، بلوچن لاءِ نئين بيٺڪيتي راڄ جي شروعات!

ارشاد مستوئي

بلوچستان ۾ انساني حقن جو بحران، عدم تحفظ، امن امان جي صورتحال ۽ فرقيواريت جهڙا چئلينج جيئن جو تيئن موجود آهن. ليڪن ان جي باوجود هاڻوڪي سياسي ۽ جمهوري حڪومت گوادر کي فعال ڪرڻ جي حوالي سان ڪافي حد تائين پرعزم نظر اچي رهي آهي. حڪومتي عهديدارن جو خيال آهي ته گوادر بندرگاهه معاشي ترقي جو مرڪز ثابت ٿيندو ۽ مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ معاشي سرگرمين مان بلوچستان جي حالتن تي مثبت اثر پوندا. گوادر پورٽ کي چين حوالي ڪرڻ جي فيصلي کانپوءِ گوادر پورٽ کي مڪمل طرح فعال بڻائڻ جو طئي ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان 7 جنوري 2014ع تي چين جي 15 رڪني وفد گوادر پورٽ جو دورو پڻ ڪيو. عوامي جمهوريه چين جي ٽرانسپورٽ واري وزارت جي بين الاقوامي تعاون جي سربراه يانگ زنگ جي سربراهي ۾ 15 رڪني جو وفد چيئرمين گوادر پورٽ استقبال ڪيو.

ان موقعي تي گوادر پورٽ جي چيئرمين جو چوڻ هو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي تعمير سان هتي روزگار جا بهترين موقعا پيدا ٿيندا، چين جي گوادر ۾ دلچسپي نهايت اهم آهي، چين گوادر ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو. انهن منصوبن جي مڪمل ٿيڻ سان گوادر سميت سڄي بلوچستان جي ماڻهن کي روزگار ملي سگهندو. چين هتي روڊ رستا ٺاهڻ، پورٽ کي وسعت ڏيڻ، بجلي پئدا ڪرڻ سميت ٻين اقتصادي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪندو. پاڪستان چين اقتصادي راهداري ۾ گوادر پورٽ جو مک ڪردار آهي. گوادر پورٽ کي فعال بڻائڻ کانسواءِ اقتصادي راهداري جو خواب ممڪن نه آهي. بلوچستان ۾ معدني ذخيرا موجود آهن. جن مان هتي وڏيون صنعتون قائم ڪري سگهجن ٿيون. حڪومت وٽ 2025ع تائين منصوبابندي آهي، جڏهن ته گوادر پورٽ کي هڪ مثالي بندرگاهه ٺاهيو ويندو. ڪاشغر کان گوادر تائين راهداري ان منصوبي جي ڪڙي آهي.

ٻئي طرف سنجيده سياسي حلقا چين جي هن خطي ۾ سرگرم ڪردار کي نهايت اهم سمجهن ٿا. انهن جو اهو به خيال آهي ته بلوچستان ۾ تشدد جي صورتحال ۾ واڌ جي ڪارڻ اڳوڻي آمر پرويز مشرف طرفان هتي شروع ڪيل اربين ڊالرز جا ميگا پراجيڪٽ پڻ آهن. مشرف جي اربين ڊالرن جي ميگا پراجيڪٽس جي استحصالي نوعيت سبب بلوچستان جي دٻيل مسئلي وري ڪر کنيو. مشرف گوادر بندرگاهه جو منصوبو شروع ڪيو ۽ سينڊڪ ۾ دنيا جي بهترين ٽامي ۽ سون جا ذخيرا شفاف نيلامي کان سواءِ چين جي حوالي ڪري ڇڏيا. رڳو ان ڪري ته جيئن بلوچستان جا قدرتي وسيلا بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪڍي سگهجن. هن بلوچستان ۾ ٽن فوجي ڇانوڻين ٺاهڻ جو اعلان ڪيو جنهن ڪري بلوچن ۾ ڪروڌ اڃا به وڌيو. ان کانسواءِ پ پ حڪومت ڇانوڻيون ٺاهڻ ته روڪي ڇڏيون پر سينڊڪ مان ٽامي ۽ سون جا ذخيرا چين حوالي ڪري ڇڏيا. جيڪي بنا ڪنهن مقامي، قومي يا عالمي نگراني جي لاڳيتو ڪڍيا پيا وڃن. قومي ۽ بين الاقوامي قانون جي ابتڙ چيني ڪمپني لاڳاپيل ضلعي يعني چاغي ۾ تعليم، صحت يا تعليمي ڍانچي تي ڪا به سيڙپڪاري نه ڪئي آهي. سادن لفظن ۾ ايئن چئي سگهجي ٿو ته مشرف جي چمڪندڙ ميگا پراجيڪٽس ۾ مقامي ماڻهن جي فائدي بابت سوچيو به نه ويو هو. سندس اهڙين غلط ۽ استحصالي پالسين جي نتيجي ۾ ئي بلوچ سماج تباهه ٿي ويو. سياسي ڇڪتاڻ ۾ واڌ آئي ۽ تشدد وڌيو جنهن ڪري معاشري ۽ ترقياتي انڊيڪيٽرز ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي. افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هاڻوڪي چونڊيل حڪومت به اڳوڻي آمر جي نقش قدم تي هلي رهي آهي، جنهن بلوچستان جي حساس منصوبن بابت بي حس ۽ هڪ طرفا فيصلا ڪيا هئا.

نواز شريف پنهنجي ويجهڙ ۾ ڪيل چين جي دورن دوران ڪيترن ئي مفاهمتي ياداشتن ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون آهن. ان مان گهڻو تڻو چين لاءِ عسڪري لحاظ کان اهم ۽ نفعي بخش پروجيڪٽس جو تعلق بلوچستان جي خطي سان آهي، جتي خاص طور تي گذريل ڪجهه عرصي کان تشدد ۽ ناانصافين جو جهان چوٽ تي آهي. 

نواز شريف طرفان چين سان ريل، روڊ رستن، گوادر ۽ قدرتي وسيلن بابت هڪ طرفن معاهدن جي رد عمل ۾ بلوچستان جي مزاحمتي گروپن طرفان چين جي انتظام هيٺ هلندڙ سينڊڪ پراجيڪٽ ڏانهن روانو ٿيندڙ تيل جي ٽينڪرن تي حملن کان سواءِ ڪو وڏو رد عمل سامهون نه آيو آهي. باوجود ان جي بلوچ قومپرست ميان نواز شريف جي قدمن تي گهري نظر رکن ٿا.

توانائي لاءِ چين کي بلوچستان جي مسئلن ۽ دردناڪ سماجي صورتحال جو ذميوار قرار نه پيو ڏنو وڃي ۽ چينين به ڪو سياسي حل پيش ناهي ڪيو ۽ نه وري بلوچستان ۾ غربت، ناحق غڊا، بيروزگاري ۽ ٻين سماجي مسئلن جي تي ڳالهه ڪئي آهي. ان جو سبب اهو آهي ته اهي بلوچستان جي وسيلن ۾ ته دلچسپي رکن ٿا پر بلوچن ۾ نه. پاڪستاني سياستدانن کي اها ڳالهه سمجهڻي پوندي ته چيني سيڙپڪاري ۽ پئسو بلوچستان لاءِ سياسي استحڪام ۽ ترقي جي ضمانت نه آهي. بلوچستان ۾ انساني حقن جي بحران، عدم تحفظ، امن امان جي صورتحال ۽ فرقيواريت جهڙا مسئلا اڄ به موجود آهن.

واضح رهي ته انهن روڊ رستن، ريلن، بندرگاهن جو پاڪستان ۽ بلوچستان کي گهٽ ئي فائدو ملندو. ان مواصلاتي نظام جو مقصد اولهه طرف گامزن چيني پراڊڪٽس لاءِ تيز رسائي مهيا ڪرڻ آهي جن ۾ وچ اوڀر، آفريقا ۽ يورپ شامل آهن. تيار ٿيل پراڊڪٽس جي آمدرفت کانسواءِ هن نظام کي بلوچستان جي معدني وسيلن کي چين پهچائڻ لاءِ پڻ استعمال ڪيو ويندو. جنهن ۾ ٽامو، سون ۽ ٻي ناياب معدنيات شامل آهي.

برطانوي راڄ دوران بلوچستان ۾ هزارين ڪلوميٽر ريل ۽ رستا ٺاهيا ويا پر انهن سان تعليم، سماجي تبديلي يا معاشي ترقي نه آئي، اهڙي ترقي جو مقصد نو آبادياتي تي استعمار جا مقصد پورا ڪرڻ هو، جن ۾ برطانوي اقتدار قائم ڪرڻ، فوجن جي مقرري، رسائي، اقتصادي استحصال هو. اهڙن چئلينجز کي منهن ڏيڻ کان اڳ ميان نواز شريف ۽ سندس ٽيم کي بلوچستان لاءِ هڪ نئون حل سوچڻو پوندو. هڪ اهڙو حل جنهن تي قومي سطح تي بحث ٿئي، صلاحڪاري ۽ ان تي عمل به ٿئي، چين جي وڌندڙ موجودگي، ڪوئلي ڪڍڻ جون وڏيون وڏيون مشنيون، زمين چيريندڙ ريلون ۽ روڊ رستان مڪمل ٿي به بلوچن جي زندگي تي ڪواٽر وجهي سگهندا؟

چين بلوچستان جي مسئلن جي حل لاءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهي. چين شايد توانائي جو مسئلو حل ڪري سگهي، بگڙجندڙ ريلوي جو نظام ٺيڪ ڪري وجهي ۽ وسيلا کڻي وڃي سگهجي ٿو. باقي امن، سياسي، استحڪام ۽ تڪرارن جي حل لاءِ ميان نواز شريف کي پنهنجور ستو پاڻ ڳولڻو پوندو. هن کي اهو ثابت ڪرڻو پوندو ته هو بلوچ سماج کي ناقبول استعاري انداز تي تعمير ڪيل سياسي، حفاظتي ۽ معاشي ادارن کي تبديل ڪرڻ لاٰءِ تيار آهي.

اهڙي بي اعتمادي جي ماحول ۾ نواز شريف کي بلوچستان ۾ انساني حقن جي اهم مسئلي ڏانهن هنگامي بنيادن تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سندس حڪومت کي طاقتور سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اهڙن عنصرن کي بي نقاب ڪرڻو پوندو جيڪي ان افراتفري ۽ عدم استحڪام مان فائدو کڻن ٿا ۽ ڪنهن به سياسي حل تي راضي نٿا ٿين. تشدد جي هاڻوڪي ماحول ۾ چيني عملدارن جي بلوچستان ۾ موجودگي مان خدشو آهي ته بلوچستان جي سامونڊي پٽي ۽ مڪران وارو علائقو وڌيڪ عسڪريت پسندي ڏانهن ڌڪجي سگهن ٿا. هن علائقي ۾ اڳواٽ ئي غير بلوچ سيڪيورٽي فورسز جي موجودگي ۾ فرنٽيئر ڪور ۽ ڪوسٽ گارڊز شامل آهن، انهن ڪارڻ ٻي بي چيني ۽ ڇڪتاڻ وڌيل آهي.

پاڪستان جون وڏيون پارٽيون جن ۾ مسلم ليگ (ن) شامل آهي، جي قيادت فقط بلوچستان جي وسيلن ۽ دولت کان آگاهه آهي ليڪن کين بلوچستان جي درد، شڪايتن ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جي ڪاپرواهه ڪانهي، انهن کي بلوچستان جي ڦٽن تي مرهم رکڻ کپي پر اهي سڀ ڪجهه ڪاروباري سوچ تحت ڪري رهيا آهن. اهي بلوچستان کي ٻاهرين دنيا خاص طور چين حوالي ڪري معاشي فائدا وٺڻ چاهين ٿا.

حقيقت اها آهي ته پاڪستان سرڪار، علائقائي طاقتن ۽ عالمي برادري وٽ بلوچستان جي سياسي، سماجي ۽ ثقافتي ۽ قومي شڪايتن جي ڪا اهميت نه آهي.

ڇو ته اڪثر معاهدن، سرگرمين ۽ منصوبن جو مقعد فقط بلوچ وسيلن جو استحصال ئي آهي. گوادر بلوچن لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي. گوادر بابت اسلام آباد طرفان ڪنهن به هڪ طرفي فيصلي جا شايد مثبت نتيجا سامهون نه اچي سگهن، ان ڪري اختيار ڌڻين کي سنجيدگي جو مظاهرو ڪندي سمورن اسٽيڪ هولڊرن کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪرڻ گهرجن. جڏهن ته بلوچستان جي وزيراعليٰ ڊاڪٽر مالڪ بلوچ ۽ سندس حڪومت طرفان هينئر تائين ناراض بلوچن کي مڃائڻ يا کين قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ ڪا به پيشرفت نٿي سگهي آهي. ڪل جماعتي ڪانفرنس لاءِ به ڪو ٽائيم فريم ناهي ڏنو ويو. جيستائين سمورين سياسي ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي اڳڀرائي نه ڪئي ويندي تيستائين گوادر پورٽ وسيلي ترقي ۽ خوشحالي وارو خواب اڌورو ئي رهندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو