Home / ايڊيٽوريل / ڪلچر رڳو اجرڪ ٽوپي ناهي
above article banner

ڪلچر رڳو اجرڪ ٽوپي ناهي

پهرين ڳالهه سڀ کان اول: “افيئر” سميت سنڌ جو ڪو به گهڻگهرو بلاول ڀٽي زرداري پاران سنڌ جي ڪلچر کي مان ڏيئي ٻه هفتا سنڌ جو جشن ملهائڻ، پنهنجي نسبت پنج هزار سال پراڻي وادي سنڌ جي تهذيب سان جوڙڻ ۽ موهن جي دڙي کي بچائڻ لاءِ اپاءُ وٺڻ جو نه مخالف هو، نه آهي نه ئي ٿيندو

هاڻ ڪيون ٿا ٻي ڳالهه، اها ڳالهه برابر آهي ته سنڌ جي ڪلچر کي چئلينجز درپيش آهن. اهي چئلينج گهڻ طرفا ۽ گهڻ رخا آهن. ملڪ مٿان قابض اسٽيبلشمينٽ سنڌي ٻولي، ڀٽائي ۽ سنڌ جي ڪلچر جي وڻندڙ رنگن بجاءِ يوپي، سي پي ۽ اقبال جي مومن توڙي شاهين ۽ سعودي جي سلافي فڪر جو ڪلچر سنڌ توڙي پوري ملڪ مٿان مڙهڻ کان وسان ڪو نه گهٽايو آهي. سنڌ جي صوفي ڪلچر ڏي ته دنيا جو ڌيان نائين اليون، آمريڪا ۽ جهادين جي جهيڙي کانپوءِ ويو ۽ ٽرڙن لبرلن کي سنڌ جو تصوف وڻڻ لڳو ۽ اهي ان جي مارڪيٽنگ ۾ لڳي ويا پر اسان جي وڏڙن ته ان کي سالن، صدين کان روح ۾ سانڍيو آهي. “حق موجود” تون ئي تون”، “ مون ۾ تون موجود جو ورد ڪنهن فيشني لبرل بجاءِ سنڌ جي ٻهراڙي جو سادو ماڻهو به ڪندو رهيو آهي. آمريڪا ۽ جهادي پاڻ ۾ سڀاڻي پرچي به سگهن ٿا پر سنڌ جو سرڪش، صرفي روح ازل کان ابد تائين رهڻو آهي. اڄ بلاول ڀٽو کي جيڪڏهن سنڌ جو صوفي ڪلچر وڻي ٿو ته اسان جون اکيون ٿڌيون پر کيس ٻڌايون ته سنڌ ۾ سندس پارٽي جي سرڪار قائم آهي جنهن جي راڄ ۾ سنڌ ۾ سعودي ۽ قطري پيسي سان، اسٽيبلشمينٽ جي سهڪارن سان جهادي مدرسن جو ڄار وڇايو پيو وڃي.

هاڻ ٽين ڳالهه ٻڌو، سنڌ رڳو اجرڪ، ٽوپي ۽ مورٿو ٽلي راڻا ڪونهي، هي ڪروڙين انسانن جو وطن آهي جن کي سک سان ساهه کڻڻ، صاف پاڻي پيئڻ، ٻارن کي تعيلم ڏيارڻ، بيمارين ۾ چُڙي چُڙي نه مرڻ ۽ عزت سان روزي ڪرڻ جو حق آهي. ڪلچر ته روحاني آٿت آهي پر ان کان اڳ انسان جون مادي ضرورتون آهن. پ پ سرڪار سنڌين کي ڪلچر جي لال جهرڪي اڀ تي ڏيکارڻ جو اشارو ڪري سندسن پيرن هيٺان زمين کسڪائڻ چاهي ٿي. هاڻن ته بحريا ٽائون وارو ملڪ رياض به زرداري صاحب سان ٻٽ ٿي ويو آهي. سنڌ کپائڻ جي مهارت ۾ جيڪا کوٽ هئي سا اچي ملڪ رياض پوري ڪئي.

اسان جو چوڻ اهو آهي ته سنڌ جي ڪلچر جي خدمت جي جذبي تي نوجوان بلاول جس لهي پر هو مهرباني ڪري ڪلچر سان گڏ سنڌي ماڻهو ته بچائي جن جي حياتي بدعنوان ۽ نااهل وزيرن، مشيرن ۽ ڪامورن تنگ ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي ترقياتي رٿائن، صحت، تعليم صفائي، امن امان، سڀ بجيٽون انهن مافيائن جي کيسي ۾ وڃن ٿيون، وري ڏوڪر جتان پر ڏيهه سيڙپ لاءِ منتقل ٿين پيا. سنڌ عملي هڪ “بليڪ هول” ۾ تبديل ٿي چڪي آهي. ڪو به شهر ڏسڻ، گهمڻ ۽ رهڻ لائق ناهي. ان عالم ۾ جڏهن گوڏي جيڏي گپ مان لنگهي ڪاڏي پهچڻو پوي ته پوءِ ڪلهي تي اجرڪ ڪهڙو وڻندو ۽ مٿي تي ٽوپي ڪهڙي ٺهندي؟

آخري ڳالهه. سنڌ جي تهذيب ۽ ثقافت کي جيڪي چئلنجز آهن تن ۾ هڪ چئلنج سنڌ جي آڳاٽن آثارن جي جوڳي سار سنڀال نه ٿيڻ ۽ موجود آثارن جي تڪڙي ڀيل به شامل آهي. آمري جي تهذيب، موهن جي دڙي کان به آڳاٽي تهذيب آهي جيڪي مناسب سار سنڀال نه هئڻ سبب ڪڏهوڪو وري دڙن ۾ دفن ٿي وئي. سندس تابوت ۾ آخري ڪوڪو مشرف جي آر بي او ڊي واري منصوبي ٺوڪيو. هاڻ ڪڏهن سن کان سيوهڻ ويندي آمري جي دڙن تي نظر وڃي ته آر بي او ڊي جي کوٽائي به ڏسندا وڃجو ۽ پوءِ آمري جي تهذيب بابت پڙهجو ته ان ۾ سنڌ جي تهذيب جي ڇا اهميت آهي. موهن جي دڙي سان ڇا حشر ٿيو اهو به ڳجهو ناهي. ڄڻ ڪنهن وڏيري جي ڪاڄ لاءِ پنڊال جوڙڻ واسطي شهر کان تنبو ۽ ڪناتون گهرائي هڻايون وڃن. ڪنهن سڌريل ۽ آزاد ملڪ ۾ اهڙي گناهه ڪبيره تي ته ڪاڄ ڪندڙ ۽ شاميانا هڻندڙ ٽيپ کائي وڃن ها پر هتي ته چرٻٽ راڄ آهي سو ڪير ڪڇي ؟

موهن، ڪاهو، ڪوٽڏ جي، آمري، ڀنڀور ۽ اهڙن انيڪ تاريخي آثارن جي سار سنڀال ۽ کوٽائي لاءِ ايس ايڇ او نما عملدارن بجاءِ ڪي فضيلت وارا ماڻهو مقرر ڪري تاريخي آثارن کي ٽڪي جي ماڻهن جي هٻڇ کان بچايو وڃي.

اها ئي سنڌ جي ڪلچر جي وڏي خدمت هوندي. باقي جي سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب تي به سياست ڪرڻي آهي ته پوءِ اها ڳالهه اسان وري ورجائينداسين، ته وطن تي نه سياست، نه وطن کي ڪارڊ ڪري کيڏڻ قبول آهي. 

اهي زمانا ويا جڏهن ماڻهو خواب ۾ ٺپا هڻندا ۽ پويان هلندا رهندا هئا. هي ستر واري سنڌ ناهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو