Home / اسپيشل افيئر / ڪهڙو قائد اعظم؟
above article banner

ڪهڙو قائد اعظم؟

اختر بلوچ

 اسان جي ٻاروتڻ ۾ قائد اعظم جي مزار هڪ اهڙي جاءِ هئي جتي مختصر وقت ۽ ٿورن پئسن ۾ پهچي سگهبو هو. منڍ ۾ ته اندر وڃڻ جي ڪا به فيس نه هوندي هئي. ليڪن هوريان هوريان نه رڳو في ادا ڪرڻي پئي پر هاڻي ته ڪٽنب جي هر ڀاتي لاءِ ٽڪيٽ وٺڻ لازمي هجي ٿي. جيئن ئي توهان پنڌ يا پنهنجي گاڏي ۾ مزار جي احاطي ۾ داخل ٿيندا ته توهان سان گڏ سمورن ماڻهن جي ڳڻپ ڪئي ويندي ۽ هر ماڻهو جي حساب سان 20 روپين جي ٽڪيٽ ڏني ويندي. موٽر سائيڪل بيهارڻ جي في 20 روپيا آهي جڏهن ته ٻين گاڏين جا الڳ الڳ ريٽ آهن.

پارڪنگ ايريا ۾ هڪ بورڊ به لڳل آهي جنهن تي واضح طور لکيل آهي ته گاڏين جي ڀڃ ڊاهه جي ذميواري انتظاميه تي لاڳو نه ٿيندي. جڏهن توهان واپس پهچندا ته گيٽ تي موجود اهلڪار توهان کان ٽڪيٽ واپس وٺي ڇڏيندا. مون سان پڻ ايئن ئي ٿيو. مون اهلڪار کي ٻڌايو ته اسان کي اهي ٽڪيٽون آفيس ۾ جمع ڪرائڻيون پونديون. هن اڻوڻندڙ لهجي ۾ پڇيو ڇو؟ مون کيس ٻڌايو ته پهرين ته پئسا وٺڻا آهن، ٻيو اهو ته ان ڳالهه جو ثبوت رهي ته آءُ هتي آيو هئس. ايئن هن داخل ٿيڻ جي ٽڪيٽ ۽ پارڪنگ ٽوڪن جون ڪنڊون ڦاڙي مون کي موٽائي ڏنيون.

Picture16

خير آءُ قائداعظم جي مزار جي ويجهو پهتس ته اوچتو زور زور سان سيٽي وڄڻ جو آواز آيو، پوئتي مڙي ڏٺم ته هڪ ڏاڙهي وارو پوڙهو شخص ڪجهه ماڻهن کي اشاري سان سڏي رهيو هو. مون سوچيو ڏسجي ته ڇا ماجرا آهي؟ بحث پئي هليو. اتي گهرايل ماڻهن پڇيو ڇا مسئلو آهي، هن چيو ته جوتا جمع ڪرايو ۽ ٽوڪن وٺو (ٽوڪن جي معنيٰ آهي پسئا ڏيو) ڪنهن پڇيس ته تون پاڻ ڇو هتي جوتا پايو بيٺو آهين؟ تنهن تي هن وراڻيو “اسان جو مرضي” خير هڪ ٻن ماڻهن وچ ۾ اچي معاملو نبيري ڇڏيو. اوچتو منهنجي پٺيان ڪنهن سرٻاٽ ۾ چيو: نوٽ تي قائداعظم ڇاپي ڇڏايو. ان ڪمائي مان توهان جي دل نه ڀري، هاڻي ڪمائي ڪري رهيا آهيو. مان به اهو ئي سوچي رهيو هئس ته آخر قائداعظم سان اسان ڪيو ڇا آهي؟

ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته قائداعظم جي مزار جو نقشو به هڪ هندستاني آرڪٽيڪٽ جو ٺاهيل آهي. مزار لاءِ چار نقشا ٺاهيا ويا هئا ۽ اهي چار ئي نقشا ٺاهيندڙن مان ڪير به پاڪستاني نه هو. هڪ نقشو ترڪ آرڪيٽيڪٽ اي واصفي ايگي، ٻيون هندستاني آرڪيٽيڪٽ زين يار جنگ ۽ ٽيون برطانوي آرڪيٽيڪٽ راگلن اسڪوائر تيار ڪيو هو. اهي ٽيئي نقشا رد ڪيا ويا. آخرڪار ڊسمبر 1959ع ۾ فاطمه جناح جي خواهش تي نقشي جي تياري جو ڪم هڪ ٻئي هندستاني آرڪيٽيٽ يحيٰ مرچنٽ کي ڏنو ويو.

مشهور صحافي غلام محي الدين پنهنجي هڪ مضمون ۾ مزار جي حوالي سان لکي ٿو ته: مزار جي ڊزائين جو بنيادي ڪم 28 جنوري 1960ع ۾ مڪمل ٿي ويو هو. تعميراتي ڪم جي باقائدي شروعات 8 فيبروري 1960ع ۾ ٿي. 31 جولاءِ 1960ع ۾ تڏهوڪي صدر فيلڊ مارشل جنرل ايوب خان مزار جي پيڙهه جو پٿر رکيو. 31 مئي 1960ع ۾ مزار جو بنيادي ڍانچو مڪمل ٿيو، 12 جون 1970ع تي عمارت جي سنگ مرمر وارو ڪم پورو ڪيو ويو. 23 ڊسمبر 1970ع تي چين جي مسلمانن طرفان سوکڙي طور ڏنل 81 فوٽ ڊگهوفانوس گنبذ ۾ هنيو ويو. مزار جي تعميرتي هڪ ڪروڙ 48 لک روپيا لاڳت آئي جيڪا ان دور ۾ تمام وڏي رقم هئي. مزار جي ڪل ايراضي 116 ايڪڙ، مک ايراضي 61 ايڪڙ ڀرپاسي جي 55 ايڪڙن تي ٻڌل آهي.

قائداعظم ننڍي کنڊ جي اهڙي شخصيت آهي جنهن جي ڄمڻ کان وٺي مرڻ تائين هر ماڻهو سندس ڄم، پئدا ٿيڻ جي هنڌ، شادي ۽ مذهب جي حوالي سان پنهنجي پنهنجي انداز سان لکيو آهي. جيتوڻيڪ هن وقت پاڪستان جي نصابي ڪتابن ۾ محمد علي جناح جي ڄمڻ جو هنڌ وزير مينشن ڪراچي لکيو وڃي ٿو. ليڪن ماضي جي درسي ڪتابن ۾ سندس ڄمڻ جو هنڌ ٺٽي ضلعي جو هڪ ڳوٺڙو جهرڪ ڄاڻايل آهي.

مٺي ٻائي ۽ جناح ڀائي پونجا جي ستن ٻارن مان محمد علي جناح سڀني کان وڏو هو، سندس ٽي ڀاءُ احمد علي، بنده علي ۽ رحمت علي هئا جڏهن ته ٽي ڀينرون مريم، فاطمه ۽ شيرين هيون. سنڌ مدرسي جي رڪارڊ ۾ سندس نالو محمد جناح علي جان ڀائي ۽ ڄم جو هنڌ ڪراچي لکيل آهي. جناح جي پرائمري تعليم جو ڪو رڪارڊ موجود نه آهي ليڪن ٺٽي ضلعي جي ڳوٺڙي جهرڪ جي ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته هو جهرڪ ۾ ئي ڄائو. واضح رهي ته سنڌ جي قديم ترين پرائمري اسڪولن ۾ هڪ جهرڪ ۾ موجود هو جيڪو سنڌ مدرسي کان به 15 ورهيه اڳ قائم ٿيو ۽ اڃا تائين هلي رهيو آهي.

جهرڪ جي بزگ شهرين جي دعويٰ آهي ته جناح پرائمري تعليم اتان حاصل ڪئي ۽ اهو به ته اسڪول جي رڪارڊ ۾ سندس ڄم جي تاريخ 20 آڪٽوبر 1875ع لکيل هئي اهو رڪارڊ مبينه طور تي 1960ع کانپوءِ حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر پنهنجي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين واپس ناهي ٿيو.

اهو ون يونٽ جو دور هو جڏهن ماڻهن جي سڃاڻپ، ٻولين صوبائي حدن توڙي ملڪ جي راڄڌاني ۽ شڪل کي به تبديل ڪيو پئي ويو. ون يونٽ منصوبي جي تڪميل لاءِ تاريخ کي تبديل ڪرڻ ضروري سمجهيو ويو. سڀ ڪجهه نئين سر تيار ٿي رهيو هو. خدا خدا ڪري ون يونٽ ختم ٿيو ته ملڪ به اڌ رهجي ويو.

1960ع تائين جيڪي ڪتاب ۽ ڪاڳر پٽ ضايع ٿيڻ کان بچي ويا، انهن ۾ جناح صاحب جي ڪا به واضح ڄم جي تاريخ ته لکيل نه آهي، باقي اهو ضرور لکيل آهي ته هو تقريبن هڪ سئو ورهيه اڳ “جهرڪ ويجهو ڪنهن ننڍي ڳوٺڙي ۾ پيدا ٿيو هو”. آگسٽ 1960ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ جي نگراني ۾ سنڌي ۾ شايع ڪيل ستين درجي جي نصابي ڪتاب ۾ “ٻيون سبق” قائد اعظم محمد علي جناح بابت آهي، جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته هن جو پيءُ هڪ غريب واپاري هو. ان سبق ۾ وڌيڪ اهو به لکيو ويو آهي ته: “سيٺ نور محمد لالڻ وارن کان ٽي هزار روپيا اڌارا وٺي ولايت ۾ بئرسٽري پڙهڻ لاءِ ويو هو.”

هاڻي اچون ٿا هڪ ٻئي معاملي ڏانهن يعني قائداعظم جي تقريرن طرف، هڪ پاسي ته هو سيڪيولر نظر اچي ٿو جڏهن ته ٻئي پاسي مذهبي.

14 آگسٽ تي لارڊ مائونٽ ڊيٽن قائداعظم کي پهرين گورنر جنرل جي حيثيت ۾ اختيار منتقل ڪيا هئا. گورنر جنرل جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ هن 11 آگسٽ 1947ع تي تڏهوڪي قانون ساز اسيمبلي کي خطاب ڪيو هو. جنهن مان صاف ظاهر آهي ته پاڪستاني رياست جو بنياد سيڪيولر هوندو.

ان تقرير جو متن ڪجهه هن ريت آهي:“توهان آزاد آهيو، توهان مڪمل آزاد آهيو پنهنجي مندرن ۾ وڃو. توهان کي مڪمل آزادي آهي ته پنهنجي مسجدن جو رخ ڪريو يا پاڪستان ۾ جيڪي به توهان جون عبادتگاهون آهن، تن ۾ آزادي سان وڃو. توهان جو ڪو به مذهب ذات يا مسلڪ ٿي سگهي ٿو. رياست جو ان سان ڪو به تعلق نه آهي.”

“ان کانپوءِ توهان ڏسندا ته هندو، هندو نه رهندا ۽ مسلمان، مسلمان نه رهندا. آءُ اها ڳالهه مذهبي معنيٰ ۾ نٿو چوان، ڇاڪاڻ جو اهو ته هر ماڻهو جي نجي عقيدي جو مامرو آهي. بلڪه رياست جا رهواسي هئڻ جي بنياد تي سياسي معنيٰ ۾” 11 آگسٽ 1947ع جي هن تقرير جي ڪري مذهبي پارٽين کي ان ڳڻتي اچي ورايو ته جناح پاڪستان کي هڪ غير مذهبي، آزاد ۽ روشن خيال ملڪ ٺاهڻ چاهي ٿو. اهي ڌريون جناح کي ورهاڱي کان اڳ سمجهي سگهيون هيون نه وري پوءِ. جيڪڏهن اهي ڌريون قائداعظم جي ٻي شادي ۽ سندس نياڻي جي پسند جي شادي تي غور ڪن ها ته شايد کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي وڃي ها. برک محقق عقيل عباس جعفري پنهنجي ڪتاب “قائداعظم جي ازدواجي زندگي” جي صفحي 39،40 تي لکي ٿو ته: “ دارجينگ واپس اچڻ کانپوءِ هڪ شام محمد علي جناح سر ڊينشاپٽيٽ وٽ پهتو ۽ هتي هُتي جي ڳالهين کانپوءِ کانئس پڇڻ لڳو “مختلف فرقن جي ماڻهن وچ ۾ شادين بابت توهان جو ڇا خيال آهي”؟ سرپيٽيٽ جيڪو صورتحال کان بلڪل بي خبر هو زور ڏئي پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو ته“ اهڙين شادين سان قومي يگانگت ۽ يڪجهتي ۾ واڌارو ٿيندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته اهي ئي شاديون فرقيواريت جو آخري حل ثابت ٿين” جناح ان کان بهتر جواب جي توقع نه پئي ڪري سگهيو. هن وڌيڪ بحث ڪرڻ بدران، پنهنجي پوڙهي دوست کي واضح لفظن ۾ چيو ته” آءُ توهان جي ڌيءَ سان شادي جو خواهشمند آهيان” سر ڊنشا سڪتي ۾ اچي ويو. هن کي اهو اندازو نه هو ته سندس ڏنل راءِ خود سندس لاءِ امتحان ثابت ٿيندي. هن کي سخت ڪاوڙ آئي ۽ هن اهڙي ڪنهن به ڳالهه تي سوچڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو جيڪا سندس ويجهو ڪوڙي ۽ کل جوڳي هئي. ليڪن جڏهن قائداعظم جي ڌيءَ دينا هو پارسي سان شادي ڪرڻ پئي گهري ته هن به سراسر انڪار ڪري ڇڏيو.

اها به حقيقت آهي ته 11 آگسٽ واري تقرير کان ڇهه مهينا پوءِ 25 فيبروري 1948ع تي پنهنجي اعزاز ۾ بار ايسوسئيشن ڪراچي طرفان ڏنل هڪ آجياڻي کي خطاب ڪندي قائداعظم چيو هو ته: هو اهو سمجهڻ کان لاچار آهي ته ماڻهن جو هڪ طبقو جيڪو ڄاڻي ٻجهي شرارت ڪرڻ چاهي ٿو اها پروپيگنڊا ڪري رهيو آهي ته پاڪستان جي آئين جو بنياد شريعت تي نه رکيو ويندو. هن چيو ته اڄ به اسلامي اصول زندگي تي ايئن ئي لاڳو ٿين ٿا جيئن 13 سئو ورهيه اڳ ٿيندا هئا. گورنر جنرل پاڪستان چيو ته ڪجهه ماڻهو اهڙي پروپيگنڊا سبب گمراهه ٿي رهيا آهن. آءُ کين ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته نه رڳو مسلمان بلڪه غير مسلمن کي به ڊڄڻ جي ڪا به ضرورت نه آهي. اسلام ۽ ان جي اعليٰ آدرشن جمهوريت جو سبق ڏنو آهي. اسلام هر شخص کي برابري، عدل ۽ انصاف جو سبق ڏنو آهي. ڪنهن کي به جمهوريت، مساوات ۽ حريت کان خوفزده ٿيڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي، جڏهن اهو ديانت جي اعليٰ معيار تي ٻڌل هجي ۽ ان جو بنياد هر شخص لاءِ انصاف ۽ عدل تي رکيو ويو هجي.

قائد اعظم جي زندگي جو هڪ ٻيو تڪرار اهو آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن عيدالفطر ۽ عيدالضحيٰ جون نمازون ڪنهن جي امامت ۾ ادا ڪيون هيون؟ هڪ طبقي جي راءِ آهي ته انهن نمازن جي امامت برک مذهبي ۽ سياسي اڳواڻ شاهه احمد نوراني جي والد شاهه عبدالعليم صديقي ڪئي هئي جڏهن ته ان وقت جي تصويرن مان اها ڳالهه ثابت ٿي ٿئي ته امامت علامه ظهور الحسن درس ڪئي هئي. عيد الضحيٰ جي نماز جو واقعو ڪجهه هن ريت آهي ته نماز جو وقت ٿي ويو هو ليڪن گورنر جنرل جي اچڻ ۾ ٿوري دير هئي. گورنر جنرل جي عملي علامه ظهور الحسن درس کي درخواست ڪئي ته نماز ٿوري دير سان ادا ڪئي وڃي ته جيئن گورنر جنرل به نماز ۾ شريڪ ٿي سگهي. ليڪن علامه صاحب انڪار ڪري ڇڏيو ۽ نماز شروع ڪرائي ڇڏي. اڃا عيد جي نماز جو خطبو هلندڙ ئي هو ته قائداعظم عيد گاهه پهچي ويو. اڳيون صفون ڀرجي چڪيون هيون ان ڪري کيس آخري صفن ۾ جاءِ ملي. هو اتي ئي ويهي رهيو ۽ نماز ادا ڪئي. نماز کانپوءِ عملي جي ڪجهه ماڻهن قائداعظم جا ڪن ڀرڻ شروع ڪري ڇڏيا ته علامه صاحب جي ضد جي ڪري کيس پوئين صفن ۾ بيهي نماز ادا ڪرڻي پوئي. ڪن ڀرڻ وارن کي ان وقت ڏاڍي مايوسي ٿي جڏهن قائد اعظم چيو ته پاڪستان کي اهڙن ئي عالمن جي ضرورت آهي.

مون هڪ ڀيري مشهور صحافي ۽ دانشور مرحوم ضمير نيازي، جنهن سان منهنجي ٻانهن ٻڌڻ جي واٽ هئي. کائنس قائداعظم جي تقريرن جو حوالو ڏئي پڇيو ته هن مسڪرائيندي وراڻيو، ڏئي وٺي 11 آگسٽ واري تقرير ئي آهي، جنهن کي اسان پاڪستان کي سيڪيولر رياست بڻائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهيون. جيڪڏهن اها تقرير نه هجي ته پوءِ اسان ڇا ڪريون ها. ٻئي طرف مون تاريخدان ڊاڪٽر مبارڪ علي سان ان سلسلي ۾ ڳالهايو. هن جو چوڻ هو ته : هڪ تقرير ڪنهن نظرئي کي لاڳو ڪرڻ لاءِ ڪافي نه آهي. اسان کي ان خيال تحت ته پاڪستان هڪ غير مذهبي ۽ آزاد خيال رياست هجي. ان کي بنياد بڻائي ڪم ڪرڻ گهرجي. برک دانشور ڊاڪٽر مهدي حسن کان ان سلسلي ۾ سوال ڪيم ته هن جو چوڻ هو ته: 11 آگسٽ کانپوءِ وارين تقريرن کي ڇڏي ڏيو. ڇو ته 11 آگسٽ واري تقرير آئين ساز اسيمبلي ۾ ڪئي وئي هئي. ان ڪري اها بنيادي حيثيت رکي ٿي.

چڱو ٿيو جو اهي تقريرون قائداعظم 40ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيون هيون جيڪڏهن هاڻوڪي دور ۾ هجن ها ته ڪو به وڪيل ڪنهن اعليٰ عدالت ۾ درخواست ڏئي ڇڏي ها ۽ پوءِ جيڪو زرداري صاحب سان ٿيو قائداعظم سان به اهو ئي ٿئي ها. قائداعظم جي وڪيل کي اعليٰ عدالتن کي اهو يقين ڏيارڻو پوي ها ته جيئن ته گورنر جنرل جو عهدو غير سياسي آهي ۽ اهو برطانيه جي راڻي جو نمائندو آهي ان ڪري اڳتي لاءِ اهڙو ڪو به سياسي بيان جاري نه ڪندو.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو