Home / دنيا / 2035 ۾ ڪو به ملڪ غريب نه رهندو؟
above article banner

2035 ۾ ڪو به ملڪ غريب نه رهندو؟

دنيا جي شاهوڪار ترين ماڻهن جي فهرست ۾ هڪ نالو وڏي عرصي کان نامايان آهي ۽ اهو نالو آهي بل گيٽس جو گيٽس پنهنجي سموري دولت سڄي دنيا جي فلاحي ڪمن لاءِ وقف پنهنجي تنظيم “ بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن” لاءِ وقف ڪري چڪو آهي. ان فائونڊيشن جي مک ڪارنامن ۾ هڪ اهو آهي ته هن فائونڊيشن جي سهڪار سان ڀارت ۾ پوليو جي بيماري تي اثرائتو ڪنٽرول حاصل ڪيو ويو آهي. گذريل ٽن سالن کان ڀارت ۾ پوليو جو هڪ به ڪيس ظاهر ناهي ٿيو، جنهن کي يقيني طور بل گيٽس جي وڏي ڪاميابي قرار ڏئي سگهجي ٿو.

ويجهڙ ۾ ئي بل ۽ ملينڊا فائونڊيشن ٻنهي زال مڙسن جو ساليانو خط جاري ڪيو آهي، هي ان سلسلي جو ڇهون خط هو، ان خط ۾ بل گيٽس دعويٰ ڪئي آهي ته 2035 تائين دنيا مان غربت جو خاتمو ممڪن آهي. ان کانسواءِ به ان خط ۾ ان کانپوءِ ڪجهه انٽرويوز ۾ گيٽس ۽ ملينڊا امدادي سرگرمين بابت ڪيتريون ئي غلط فهميون دور ڪيون آهن.

ڇا اهو هڪ رنگا رنگ خواب نٿو لڳي ته 2035ع تائين شايد ئي دنيا ۾ ڪو غريب ملڪ بچي، ليڪن بل گيٽس جي اها ڳالهه ڪو خواب ناهي بلڪه ان حوالي سان وٽس مضبوط دليل به موجود آهن “ توهان ڪنهن به پئماني تي رکي ڏسو دنيا جي حالت ڪڏهن به ايتري بهتر ناهي رهي. جيتري اڄڪلهه آهي. ماڻهن جي ڄمار۾ واڌ آئي آهي. ڪيترائي ملڪ جيڪي امداد وٺندا هئا هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي ويا آهن. اهڙا ملڪ جن کي ڪڏهن غريب سمجهيو ويندو هو. مثال طور.چين، ڀارت ۽ بوٽسوانا، هاڻي اهي ئي ملڪ دنيا جون تيزي سان ترقي ڪندڙ معيشتون آهن. گيٽس چوي ٿو. 

Bill-Gates_2012907b

“آفريقا ۾ ايڊز جي وبا جي باوجود طبي عمر ۾ 60 جي ڏهاڪي جي ڀيٽ ۾ واڌ اچي چڪي آهي. اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ٻار اسڪول وڃڻ لڳا آهن. بکئي پيٽ سمهندڙ ماڻهن جي انگ ۾ گهٽتائي آئي آهي، جن جي سهولتن ۾ واڌ آئي آهي ۽ پئدائش جي شرح به گهٽ ٿي آهي.

“توهان سوچيندا هوندا ته جيڪڏهن سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي رهيو آهي ته پوءِ ڇو نه وڏي پئماني تي جشن ملهايو وڃي. ليڪن حقيقت هي آهي ته آءُ ۽ ملينڊا انهن ماڻهن بابت سوچيندا آهيون جن جي خيال ۾ دنيا اڳ جي ڀيٽ ۾ بدتر ٿي وئي آهي.”

بل گيٽس جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ اڄڪلهه چين ۽ انڊيا جي اڀرندڙ دنيا جي معيشت جا چڪمندڙ ستارا آهن ليڪن 2035ع ۾ دنيا جي اڪثر ملڪن جي في ڪس آمدني ان آمدني کان وڌيڪ هوندي جيڪا اڄڪلهه چين جي آهي. ڏهن مان نون ملڪن جي سراسري طرح آمدني ڀارت جي ماڻهن جي سراسري آمدني کان وڌيڪ هوندي.

بل گيٽس ۽ ملينڊا جو خيال آهي ته اهڙا فيڪٽر آهن جن جي ڪري ترقي جي ان عمل ۾ رڪاوٽون اچي رهيون آهن. هڪ اهو تصور ڪرڻ ته غريب ملڪن جي قسمت ۾ غربت ئي لکيل آهي. ٻيو اهو ته پرڏيهي امداد اجايو زيان آهي ۽ ٽيون اهو ته زندگي بچائڻ جهڙا قدم کڻڻ سان آبادي ۾ واڌ اچي رهي آهي. اهڙن عقيدن جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ماڻهن کي غربت کان بچائڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن ۽ روزگار جون بهتر حالتون پيئدا ڪرڻ لاءِ ٿيندڙ ڪوششن تي اثر ٿو پوي.

“ جيڪڏهن توهان سمجهو ٿا ته امداد جو غربت جي خاتمي ۾ ڪو وڏو اثر نه آهي ۽ زندگي بچائڻ جي ڪوشش جو نتيجو آبادي ۾ واڌ جي صورت ۾ آڏو اچي ٿو، ته پوءِ اها ڳالهه اوهان کي سمجهه ۾ نه ايندي ته ڇو اهي ڳالهيون اسان جي ترجيح آهن.”

گيٽس جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن غربت جي هن وقت موجود تشريح باقي رهي ته 2035 تائين ڪو به ملڪ ان لحاظ کان غريب نه رهندو. گهڻا تڻا ملڪ اڳ ۾ ئي سراسري آمدني جي درجي ۾ داخل ٿي چڪا آهن”.

هن کان اڳ گيٽس فائونڊيشن جيڪي خط جاري ڪيا هئا، انهن جو مرڪزي نڪتو فائونڊيشن جون سرگرميون ئي هوندو هو. ليڪن هاڻي گيٽس ڪٽنب جو خيال آهي ته کين ڪجهه الڳ ٿلڳ ڪرڻ گهرجي. گيٽس جو چوڻ هو ته هو چاهين ٿا ته اهي ڀلي منفي سرخين سان مثبت رنگ ذريعي جاءِ ٺاهين ۽ دنيا کي انهن قدمن کان آگاهي ملي جيڪي غربت جي خاتمي لاءِ کنيا پيا وڃن. عام طور ته شهه سرخيون ڪنهن ڪو ناهي. تباهي، يا ڪو تختو اونڌو ٿيڻ بابت هونديون آهن. ٻارن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي، معيشتن ۾ ايندڙ بهتري، انهي حد تائين جو هاڻي آفريقا ۾ به ماڻهو ڏينهون ڏينهن امير ترين ٿي رهيا آهن. اهڙين خبرن کان خبر ناهي ماڻهن کي ڪڏهن آگاهي ملندي. ڇو ته اهڙيون خبرون ميڊيا لاءِ شهه سرخي نٿيون هجن. ان ڪري ماڻهو اهڙين خبرن کان بي خبر رهن ٿا. 

ڇا دنيا ۾ غربت ئي ڪا شيءِ ڪا نه رهندي؟

ان سوال جو جواب ڏيندي بل گيٽس جو چوڻ هو ته ايئن نه ٿيندو. اتر ڪوريا جهڙن ملڪن ۾ سياسي ۽ جنگي ڇڪتاڻ جي ڪري اتان غربت جوخاتمو سولائي سان ممڪن نه هوندو.

بل گيٽس ان ڳالهه کي به تسليم ڪري ٿو ته اڻبرابري جو سلسلو به هر خطي ۾ جاري رهندو. جڏهن ته 1990ع کان هيئنر تائين نهايت غريب ماڻهن جي شرح اڌ رهجي وئي آهي. هن وقت به دنيا ۾ هڪ ارب ماڻهو انتهائي غربت جو شڪار آهن عالمي امدادي ۽ اداري آڪسفيم به هن کان الڳ انگ اکر جاري ڪيا هئا ته دنيا ۾ اڃا به هڪ ارب ماڻهو غربت جي انتهائي سطح تي زندگي گذاري رهيا آهن. امير ۽ غريب وچ ۾ فرق ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. مذڪوره رپورٽ مطابق بل گيٽس سميت دنيا جي 85 ماڻهن وٽ ايتري دولت آهي جيڪا دنيا ۾ بک تي گذارو ڪندڙ اڌ ماڻهن کان به وڌيڪ آهي. آڪسفيم جي ڊائريڪٽر جو چوڻ آهي ته “سڀ کان وڌيڪ خطرو ان ڳالهه جو آهي ته ڪٿي اهي شاهوڪار ماڻهو سياسي اقتدار تي به قابض نه ٿي وڃن”

پرڏيهي امداد بابت گيٽس جو چوڻ آهي ته ماڻهن جو خيال آهي ته اها فضول شيءِ آهي ڇو ته ان جو وڏو حصو ڪرپٽ حڪمرانن ۽ نااهل بيوروڪريسي جي پيٽ ۾ وڃي رهيو آهي. ليڪن اها رقم هڪ کيسي مان ٻئي کيسي ۾ وڃڻ جو عمل هرگز ناهي. ڏسڻو اهو آهي ته اها رقم ڪٿي خرچ ٿئي ٿي. ان جو استعمال ويڪسين، تعليم،خانداني رٿابندي ۽ زندگي بچائڻ جي ٻين معاملن لاءِ ٿيڻو آهي. 

اها ڳالهه غلط آهي ته اهڙي امداد جي نتيجي ۾ امداد وٺندڙ ملڪن جي معيشتن تي خراب اثر پوي ٿو. اهڙي امداد اهڙن ملڪن کي اها سهولت مهيا ڪري ٿي جنهن جي نتيجي ۾ اهي ملڪ پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي جدوجهد شروع ڪري سگهن ٿا. توهان بوٽسروانا، مراڪش، برازيل ميڪسيڪو، ڪوسٽاريڪا، پيرو ۽ ٿائيلينڊ کي ڏسو، اهي ملڪ ڪڏهن امداد وٺندا هئا. پر هاڻي کين ان جي ڪا ضرورت ناهي رهي.

بل گيٽس جا غربت بابت خيال جڏهن عملي شڪل اختيار ڪندا ته ان اڳيان ڪيتريون ئي رڪاورٽون پڻ هونديون. ان هوندي اها ڳالهه مڃڻي پوندي ته بل گيٽس ۽ سندس گهر واري جيڪا فائونڊيشن ٺاهي آهي ان جو مقصد مثبت آهي. بل گيٽس پاڪستان ۾ به لکين ٻارن جو محسن آهي، جن کي پوليو ويڪسين جي دستيابي سندن سرمائي مان ٿي رهي آهي. ڪجهه عرصو اڳ بل گيٽس پاڪستان جو دورو پڻ ڪيو هو ۽ هن وزيراعظم سان ملاقات دوران پوليو ويڪسينيشن اڳيان ايندڙ رڪاوٽن بابت پڻ ڳالهايو هو. حقيقت ۾ هو روشني جو اهو ڏيئو آهي، جيڪو آفريقا ۽ ايشيا جي لکين اونداهي ۾ ٻڏل گهرن ۾ روشنيون وکيري رهيو آهي. 

©International Media

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو