Home / اسپيشل افيئر / ايلفي بڻجي وئي زيبي
above article banner

ايلفي بڻجي وئي زيبي

اختر بلوچ

ڪراچي جي دل صدر ۾ موجود زيب النساءَ اسٽريٽ جيڪا ڪڏهن ايلفنٽسن اسٽريٽ سڏبي هئي. ورهاڱي کان اڳ ماڻهو ان روڊ کي پيار وچان ايلفي اسٽريٽ بلڪه اڃا به ڪجهه پراڻا ماڻهو ايلفي اسٽريٽ بدران ايلفي جو نالو استعمال ڪن ٿا. منهنجو استاد حسين نقي به ايلفي اسٽريٽ جو ذڪر ڪندو آهي، ته بلڪل ايئن محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪو عاشق پنهنجي محبوبه جو ذڪر ڪندو هجي.

رڳو حسين نقي نه پر دوست عبدالحئي، اسد اقبال بٽ به ايلفي جو ذڪر ساڳي ئي محبت سان ڪن ٿا. ايئن ئي ان جو ناليواري دانشور، سياستدان ۽ اديب پير علي محمد راشدي جي پنهنجي يادگيرين ۾ پڻ ذڪر ملي ٿو (اهي ڏينهن، اهي شينهن) ايلفنٽسن اسٽريٽ بابت پير علي محمد راشدي لکي ٿو ته: اليفنٽسن اسٽريٽ جا دڪان (Shop) ڏسي ماڻهن ۾ احساس ڪمتري پئدا ٿيندو هو. ميمن جي ٻن چئن دڪانن کانسواءِ باقي سڀ دڪان انگريزن، پارسين ۽ هندو عالمن جا هئا. ليڪن صدر جي دڪاندارن جو مهندار تڏهن به ميمڻ حاجي ڊوسل هو.

سڀ کان وڏو دڪان جتي هر قسم جو سامان، عمدي ڌاڳي کان وٺي اعليٰ درجي جي بندوقن تائين، ان هڪ ئي دڪان تي ملي ويندو هو. ليڪن دڪان ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ جوتا صاف ڪرايا ويندا هئا. ڪوٽ جا بٽڻ بند ڪري ڏاڙهي مڇن تي هٿ ڦيرائي صحيح ڪيو ويندو هو ڇو ته اڪثر اهو خدشو هوندو هو ته اندر داخل ٿيندي ڪنهن انگريز ڪاموري سان نه ملاقات ٿي وڃي. سنڌين کي پاڻ کان وڏن ماڻهن جو ادب ۽ تقاضائون هر هنڌ ياد رهنديون آهن.

ڊوسل جو دڪان هڪ ادارو هو، سنڌ جا لڳ ڀڳ سڀ وڏيرا، مير ۽ پير دڪان جا قرضي هوندا هئا ۽ فصل لهڻ وقت سڄي سال جي ڪمائي جو وڏو حصو کين ڊوسل جو قرض چڪائڻ ۾ ادا ڪرڻو پوندو هو. انهن ماڻهن جو مارو گهڻو تڻو بندوقن، ڪارتوسن، ولايتي بسڪيٽن ۽ خوشبودار صابڻ تي هوندو هو، جنهن جي ڊوسل وٽ ڪاڪمي نه هئي. دڪان ۾ رکيل ٻيو سامان گهڻو ڪري سندن سمجهه ۾ نه ايندو هو. ان ڪري ان جي ويجهو ئي نه ويندا ها. ڪجهه چيده چيده ماڻهو شام جو ڊوسل جي دڪان ٻاهران محراب دار چبوتري ٻاهران بيد جون ڪرسيون وجهي ويهي رهندا هئا، ته جيئن ڪو ڪامورو لنگهي ته کيس ۽ سندس ميم کي اتي سلام ڪن. هڪ لحاظ کان ڊوسل جي دڪان اڳيان ويهڻ کي عزت جي نشاني سمجهو ويندو هو.

هور (Hoar) نالي هڪ انگريز درزي جو دڪان، ان ئي ايلفنٽسن اسٽريٽ تي نئين فيشن جي شوقين وڏيرن جي دلچسپي جو مرڪز هوندو هو. اهڙا سنڌي جيڪي انگريزي جا ٻه چار درجا پڙهيل هوندا هئا. اهي “هور” کان سوٽ سبرائي پائيندا هئا. ليڪن انگريز عملدارن سامهون سوٽ پائي نه ويندا هئا. متان صاحب اهو سمجهي ته وڏيرو انگريزن جي برابري ڪري رهيو آهي.

هن کان ٿورڙو اڳيان جي بلس جو دڪان هو. جتي انگريزي دوائن کانسواءِ اعليٰ ترين ولايتي سينٽ، صابڻ وغيره ملي ويندا هئا. فيشن ايبل ماڻهو اتان جو به چڪر هڻندا هئا، دڪان ٻاهران وڏا وڏا شيشا لڳل هئا، گهڻو تڻو ماڻهو ٻاهر بيهي شيشي مان اندر جو نظارو ڪندا هئا ۽ چوندا هئا واهه ڙي انگريز واهه!

دڪان يورپي نموني جا سينگاريل هوندا هئا. هڪ ڀيري سنڌ جو هڪ بزرگ ڪا شيءِ وٺڻ لاءِ ان دڪان ۾ داخل ٿيو. مريدن کي خبر پئي ته اهي لٺيون کڻي اتي پهتا ۽ دڪان جا شيشا ڀڃي تبرڪ طور پاڻ سان گڏ کڻي ويا. بزرگ بلس کي ان نقصان جو معاوضو ڀري ڏنو (ان ڪري ته متان بلس جيڪو انگريز هو، اهو ڪٿي سنڌ جي ڪمشنر سان شڪايت نه ڪري) ۽ اهو واعدو به ڪيو ته هو اڳتي لاءِ هن دڪان ۾ داخل نه ٿيندو.

اهڙي ريت هڪ دڪان اسپيچلي نالي انگريز جو به هو. اتي دوائون ۽ خوشبو جو سامان ملندو هو. منڍ ۾ آءُ سمجهندو هئس ته ان روڊ جو نالو هڪ انگريز وڪيل جي نالي تي آهي جنهن انگريز سرڪار طرفان خالق ڏنا هال ۾ خلافت تحريڪ جي ڪيس ۾ سرڪار جي پيروي ڪئي هئي. مرزا عبدالقادر بيگ جو ڪتاب “ڪراچي جو تاريخي ڪيس” ۾ لکيل آهي ته “يارهن وڄي پنجن منٽن تي مئجسٽريٽ صاحب، مسٽر احسن تلاتي آيو ۽ پنهنجي مخصوص ڪرسي تي اچي ويهي رهيو. اڪثر ماڻهو احترام وچان اٿي بيهي رهيا، سرڪار طرفان ڪيس جي پيروي مسٽر ٽي جي ايلفنٽسن ڪئي جيڪو پبلڪ پراسيڪيوٽر آهي.”

منهنجو خيال هو ته گهڻو ڪري ايلفنٽسن اسٽريٽ جو نالو مسٽر ٽي جي ايلفنٽسن جي نالي پٺيان رکيو ويو. وڪي پيڊيا ۾ ان روڊ بابت لکيل آهي ته ان جو پراڻو نالو ايلفنٽسن اسٽريٽ آهي. دراصل ايلفنسٽن برٽش حڪومت طرفان بمبئي پريزيڊنسي ۾ گورنر طور خدمتون نڀايون هيون.جڏهن ته ڪراچي شهر به ان جو حصو هو ۽ 1930ع تائين بمبئي سان گڏ رهيو.

1970ع ۾ هن روڊ جو نالو تبديل ڪري زيب النساءَ اسٽريٽ رکيو ويو. بنيادي طور تي اهو نالو هڪ عورت جي پٺيان رکيو ويو، جيڪا 25 ڊسمبر 1921ع تي پئدا ٿي. اها پاڪستان جي پهرين انگريزي ٻولي جي ڪالم نگار، ايڊيٽر ۽ پبلشر هئي. جنهن جي نالي سان هي روڊ منسوب ڪيو ويو.

ورهاڱي کان اڳ هوءَ ڀارت جي ڪيترين ئي اخبارن ۾ لکندي هئي ۽ پهرين مسلمان عورت هئي جنهن انڊين نيوز پيپرز ۾ ڪالم لکيا. پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ هن ڪراچي مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار ۾ لکڻ شروع ڪيو. ان ڪارڻ کيس پاڪستان جي پهرين عورت پوليٽيڪل ڪمنٽيٽر جو اعزاز حاصل ٿيو. 1940ع ۾ زيب النساءِ جي شادي محمد حميد الله سان ٿي، جيڪو جوتن جي هڪ ڪمپني ۾ اعليٰ عهدي تي فائز هو.”

مشهور تاريخدان عقيل عباس جعفري مونکي ٻڌايو ته وڪي پيڊيا تي غلط معلومات رکي پئي وڃي ۽ اهو ان جو هڪ ننڍڙو مثال آهي. حالانڪه ان روڊ جو اهو نالو مغل شهزادي زيب النساءَ جي نالي پٺيان رکيو ويو هو. ان ڳالهه جا تفصيل روزاني “ جنگ” پنهنجي 26 مئي 1970ع جي اشاعت ۾ شايع ڪيا هئا.

جيڪڏهن هن روڊ جو نالو زيب النساءَ حميد الله جي نالي پٺيان رکيو وڃي ها ته پوءِ ان جو نالو زيب النساءِ حميد الله اسٽريٽ هجي ها رڳو زيب النساءِ اسٽريٽ نه هجي ها. عقيل عباس جعفري ان سلسلي ۾ مون کي حڪم جاري ڪيو ته ان سلسلي ۾ تحقيق ڪريان. مون ان جو ذڪر پنهنجي هڪ خاتون دوست سان ڪيو. هن ان سلسلي ۾ ڪافي مدد ڪئي. آخر ڪار26 مئي 1970ع ۾ ان حوالي سان ڇپجندڙ خبر جو متن مون تائين پهچايو. جيڪو ڪجهه هن ريت آهي.

“ايلفي زيبي بڻجي وئي”

“ڪراچي 26 مئي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر جي سڀ کان خوبصورت روڊ ايلفنسٽن اسٽريٽ جو نالو زيب النساءَ اسٽريٽ رکيو ويو آهي. اڄ بلديه ڪراچي طرفان ان روڊ تي زيب النساءِ اسٽريٽ جا وڏا وڏا بورڊ هنيا ويا. آهن زيب النساءِ جي لفظي معنيٰ عورت جو هارسينگار آهي. ايلفنسٽن اسٽريٽ جنهن کان عرف عام ۾ ايفي چيو وڃي ٿو. هميشه کان عورتن جي خريداري جو سڀ کان وڏو مرڪز رهيو آهي. ايلفي ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن بوهري بازار وغيره ۾ جيڪا چهل پهل رهي ٿي اها ڪنهن ٻئي علائقي ۾ ناهي هوندي. چيو وڃي ٿو ته ڪي ايم سي جي مقرر ڪيل ڪميٽي جڏهن شهر جي روڊن جا نالا قومي اڳواڻن ۽ تاريخي شخصيتن جي نالي پٺيان رکڻ جي تجويز ڏني. تڏهن ايلفنٽسن اسٽريٽ جو نالو زيب النساءَ اسٽريٽ تجويز ڪرڻ وقت ٻه خيال هئا هڪ اهو ته مغل شهنشاهه محي الدين اورنگزيب عالمگير جي ڌيءُ جو نالو زيب النساءِ هو جيڪا نهايت سهڻي هجڻ سان گڏ فارسي جي ناليواري شاعره پڻ هئي ۽ مخفي تخليق ڪندي هئي. هن جي ڪلام جو مجموعو “ديوان مخفي” جي صورت ۾ موجود آهي. ٻيو اهو ته هي علائقو عورتن جي شاپنگ جو سڀ کان وڏو مرڪز آهي ۽ هتي عورتن جي سينگار جو سڀ سامان ملي ٿو. ان ڪري ڪميٽي ان جو نالو زيب النساءِ رکي ڇڏيو. واضح رهي ته اليفنٽسن اسٽريٽ کي لااُبالي ماڻهو ايلفي جي نالي سان ياد ڪن ٿا. ان اعتبار کان جيڪڏهن اهي ماڻهو ايلفي کي “ زيبي” جي نالي سان سڏڻ لڳن ته اها ڪا عجب جوڳي ڳالهه نه هوندي.”

ايلفنٽس اسٽريٽ بابت پير علي محمد راشدي پنهنجي يادگيرين ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته: “ڪراچي جي ميڊمن کان اسان جي وڏيرن جو روح فنا ٿيندو هو، حالانڪه ديدار عام اهو ئي هوندو هو. ميڊمون جهجهي انگ ۾ هونديون هيون ۽ صبح شام سيرسپاٽي تي صدر جي دڪانن تي پيون چڪر هڻنديون هيون، انهن جو گهڻو مارو ايلفنٽسن اسٽريٽ تي هوندو هو، جتي سندن ضرورت جا دڪان هوندا هئا. ٻهراڙين ۾ آيل وڏيرا کانئن ڪافي ڊڄندا هئا، متان ڪنهن ميم صاحبه سان ڪٿي ٽاڪرو نه ٿي وڃي ان ڪري صدر جو رخ ئي نه ڪندا هئا. سندن سرگرميون مولوي مسافر خاني، زميندار هوٽل، سنڌ اسلاميه هوٽل، جهونامارڪيٽ، نپيئر روڊ، ڪيماڙي ۽ گهڻو تڻو بندرگاهه تائين محدود هونديون هيون.

هڪ ڏينهن مون ڏٺو ته ايلفنسٽن اسٽريٽ تي جال ڀائي پارسي فوٽو گرافر جي دڪان ۾ جيڪب آباد کان آيل ٻن ٽن طُرن وارا وڏيرا پنهنجي اڌ درجن کن نوڪرن چاڪرن سميت اندر بيٺا آهن. ڊنل ڊنل، منهن لٿل، اکيون خوفناڪ، وار وکريل ، چپ خشڪ، زبان تارون سان لڳل، ڄڻ ٻڪرين جي ڌڻ بگهڙ جي اچڻ کي سمجهي ورتو هجي. هو منهنجا واقف هئا. فوٽو گرافي جي شوق جي ڪري آءُ به اڪثر جال ڀائي جي دڪان تي ويندو رهندو هئس. مون کي شڪ پيو ته شايد پنهنجو گروپ فوٽو ڪڍرائڻ آيا آهن. ليڪن اسٽوڊيو ڏانهن ڌيان ڏيڻ بدران انهن مان ڪو نه ڪو ٿوري ٿوري دير کانپوءِ دروازي مان منڍي ٻاهر ڪڍي روڊ جي ٻنهي ڪناري تي نظر وجهي وري واپس موٽي پيو اچي. اها روش مون کي ٿوري عجب لڳي. مون جال ڀائي جي پٽ کان پڇيو. هن وراڻيو هنن ويچارن ويجهي دڪانن ۾ ڪجهه ميڊمن کي مٿي چڙهندي ڏسي ورتو آهي جن کان ڊڄي هتي اچي لڪا آهن. مون اڳتي وڌي وڏيري کان پڇيو. فوٽو ڪڍرائڻ ۾ ايتري دير ڇو پيا لڳايو؟ هن وراڻيو: فوٽو وڃي جهنم جي تري ۾ اسان جو ساهه سڪل آهي. مون چيو خير ته آهي ؟ چوڻ لڳو: خير ڪٿي، بازار آيا هئاسين چمڙي جي صندوق، بيگ ۽ بستر بند وٺڻ، اوچتو ڏٺوسين ته ميڊمون اچن پيون، سندن دپ کان دڪان ۾ اچي لڪا آهيون. اهي ميڊمون وڃن ته اسان هتان نڪرون. ليڪن ميڊمن مان توهان کي ڪهڙو ڊپ آهي ۽ اهي توهان کي ڇا چونديون؟

شاهه صاحب خبر ناهي ڪنهن جورپي (يورپي) هفيسر (آفيسر) جي گهر جون زائفائون آهن. ٻڌو آهي ڪمشنر، ڪلٽر (ڪليڪٽر) ڪماني (ڪمانڊر) ۽ ٻين وڏن هفسيرن (آفيسرن) جا بنگلا آس پاس آهن. جيڪڏهن اسان جو ايئن ٽولو ٺاهي ڪنهن ميڊم کي راس نه آيو ته پوءِ اسان کي ٻڌرائي سڌو زيل(جيل) موڪلائي سگهن ٿيون. ڪاراچي (ڪراچي) گهمڻ جي شوق ۾ خوامخواهه قيد ڪاٽڻو پوي ان ڪري شينهن ۽ بگهڙ کان پري رهڻ ئي ڀلو. اها ڳالهه مئي 1924 جي آهي مهيني کن کانپوءِ نون خطابن جو اعلان ٿيو ته ان وڏيري کي خانبهادر جو لقب مليو.

هاڻي اهو فيصلو توهان پاڻ ڪريو ته اهو روڊ بمئي جي اڳوڻي گورنر اليفنٽسن جي نالي پٺيان آهي يا سرڪاري وڪيل ٽي جي ايلفنسٽن جي نالي تي. نالو تبديل ٿيڻ کانپوءِ اهو روڊ اورنگزيب جي ڌي زيب النساءِ جي نالي پٺيان آهي يا زيب النساءِ حميد الله جي نالي تي.

ڇا به هجي هاڻي اهور روڊ پير علي محمد راشدي يا ڪراچي جي پراڻن رهواسين جو آئيڊيل روڊ نه آهي. هاڻي ته هتي مستقل روڊ جام رهي ٿو. اهي فوٽ پاٿ جن تي ڪڏهن انگريز ميڊمون اسڪرٽ پائي چڪرپيون هڻنديون هيون، انهن تي هاڻ جوراب، انڊر ويئر، گنجيون ۽ پراڻيون شرٽون وڪڻندڙن جو قبضو آهي. روڊ تي اڪثر دڪان جوتن جو ڪاروبار ڪندڙن جا آهن ۽ سال ۾ اڪثر انهن دڪانن تي رعايتي سيل به هنئي ويندي آهي.

سرڪاري رڪارڊ ۾ ايلفنٽس اسٽريٽ، زيب النساءِ اسٽريٽ ٿي وئي ۽ مختلف دڪانن تي ايڊريس به زيب النساءِ اسٽريٽ جي لکيل آهي. ليڪن هڪ خانگي بينڪ جي برانچ ائڊريس ۾ اليفنٽسن اسٽريٽ لکيل آهي. ڪيترائي ماڻهو اڄ به ان روڊ کي ان جي اڳوڻي مختصر نالي “ ايلفي” سان ياد ڪن ٿا.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو