Home / سنڌ افيئر / بدين گٽر نالو بڻجي ويندو؟
above article banner

بدين گٽر نالو بڻجي ويندو؟

شاد الطاف ميمڻ

انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته بدين ضلعي کي تيل ۽ گيس جي حوالي سان گڏ وڏي شگر انڊسٽري هئڻ ڪري شاهوڪار ضلعو سمجهيو وڃي ٿو. تيل جي ڪل ملڪي پيداوار ۾ 60 سيڪڙو ۽ گيس جي ڪل ملڪي پيداوار ۾ 65 سيڪڙو پيداوار ڏيڻ ڪري هئڻ ته ايئن گهرجي جو هن ضلعي جي عوام جي تقدير بهتر هئڻ سان گڏ هتي ترقي ۽ ترقياتي رٿائن جو نمايان نيٽ ورڪ هئڻ گهرجي پرافسوس جو هيتري آمدني هئڻ باوجود عوام اهو ئي سورن ۾ آهي. غربت ڏينهون ڏينهن وڌندڙ نظر اچي ٿي، معاشي طور بدحالي واڪا ڪندي رهي ٿي. ضلعي جي روڊن رستن، گلين جي گٽرن جو پاڻي رستن تي، واٽر سپلاءِ جو نظام درهم برهم، سيوريج سسٽم تباهه برباد ۽ بيوٽي فڪيشن جي نالي ۾ مال هڙپ ڪرڻ جا بهانا تلاش ڪيا وڃن ٿا. جنهنجو مثال سال 2007ع ۾ عوام جي هاءِ گهوڙا ۽ انتهائي ضرورت کي مد نظر رکڻ سان گڏ چونڊيل نمائندن ۽ ضلعي حڪومت جي ڪاوشن سان بدين شهر مان سيوريج جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ 80 ڪروڙن جي لاڳت سان ميگا پراجيڪٽ متعارف ڪرايو ويو. 

پبلڪ هيلٿ کاتي پاران 40 کان 60 فوٽ ويڪر واري پراڻي ميرواهه ڀڏي جنهن مان شهر جي مختلف محلن، گلين، ڪالونين، بازارن ۽ رستن جي سيوريج جو پاڻي ڪريو ٿي ميگا پراجيڪٽ شروع ٿيو. ميگاپراجيڪٽ کان پهرين فزيبلٽي رپورٽ ۾ واضح ڄاڻايل هو ته بدين شهر جي پراڻي ميرواهه واري ڀڏي تي تعمير ٿيندڙ ان گٽر نالي جي ٻنهي ڪنارن سان گڏوگڏ 5 کان 7 فوٽ ويڪرا روڊ تعمير ڪيا ويندا جيڪي آمد رفت لاءِ مددگار هئڻ سان گڏ شهر جي خوبصورتي ۾ اضافو ڪندا. جڏهن ته ٺهندڙ گٽر نالي جي صفائي وغيره لاءِ پڻ موزون ٿيندا. پر افسوس جو 5 فوٽ ويڪر وارو هڪ گٽر نالوتعمير ڪيو ويو جنهن جي تعمير ٿيندڙ روڊ وچ ۾ بااثر ماڻهن ۽ اثر رسوخ رکندڙ فردن جي رهائش ۽ پلاٽن هلندڙ ڪمن کي رولڙي جي ور چاڙهي ڇڏيو ته ائين تقريبن ڏيڍ ڪلوميٽر جي پڪي گٽر نالي واري اسڪيم تي روڊ فقط هڪ طرف جڙي سگهيو. موجوده وقت صورتحال اها آهي جو ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ ماڻهن گٽر نالي جي ٻنهي ڪنارن تي وڏي پئماني تي قبضا ڪري رهائشي گهر، اوطاقون، دڪان، شاپنگ سينٽر، مال واڙا تعمير ڪري عوام کي صحيح معنيٰ ۾ لاڀ ملڻ کان محروم ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي طرح ڪروڙين روپين وارو ميگا پراجيڪٽ ناڪام ٿي چڪو آهي جڏهن ته صفائي جو جوڳو بندوبست نه هئڻ ڪري سسٽم شهرين کي فائدو ڏيڻ بجاءِ پريشانين جو سبب بڻيل آهي. شهر جا ڪافي علائقا گندي پاڻي ۽ بدبوءِ جي ڪري مسئلن جو شڪار آهن خاص طور مڇرن جو آزار جنهن سبب مليريا، چمڙي جون بيماريون عام نظر اچن ٿيون. پراجيڪٽ کي ڪارگر بڻائڻ لاءِ مين گٽر نالي تائين بااثر ماڻهن کي ڊسپوزبل لائنون پڻ تعمير ڪرائي ڏنيون ويون پر غريب ۽ بي پهچ شهرين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي نظر انداز ڪيو ويو جنهن ڪري غريبن کي ذاتي خرچ سان ڊسپوزبل لائنيون تعمير ڪرائڻيون پيون. اهو سڀ انهي ڪري به آهي جو پراجيڪٽ منظم رٿابندي ذريعي نه شروع ڪيو ويو جنهن ڪري وچ شهر مان گذرندڙ وڏي گٽر نالي جي ڪري شهرين کي لاڀ بجاءِ گهاٽي واري سودي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. 

ميگا پراجيڪٽ جي فلاپ ٿيڻ ۽ عوام کي فائدي بجاءِ عتاب ۾ آڻڻ جو سلسلو نئين انداز ۾ شروع ڪيو ويو آهي. ڊرينيج جي ڊسپوزبل لاءِ هڪ ٻيو پراجيڪٽ نئين انداز ۾ شروع ڪيو ويو آهي. جنهن جو ٺيڪو پهرين پراجيڪٽ جي برعڪس هڪ غير مقامي ڪنسٽرڪشن ڪمپني حوالي ڪيو ويو آهي. جنهن جي شروعات طور شهر جي ڪجهه علائقن يا محلن مان برسات جو پاڻي فوري نيڪال ڪرڻ لاءِ بدين اولڊ ڊرينيج ڊسپوزل اسڪيم تي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي. هن ڪمپني کي تقريبن پنج پنج ڪروڙ روپين جا چار کان پنج ميگا پراجيڪٽ بدين، ڪڍڻ، نندو ۽ لواري شريف يونين ڪائونسلن ۾ ڏنا ويا آهن. ڪمپني وڏي مشينري جنهن ۾ بلڊوزر ، ٽريڪٽرٽراليون پڻ شامل آهن،. انهن سميت بدين ۽ ڪڍڻ، لنواري ۽ ٻين يونين ڪائونسلن ۾ ڪئمپون لڳائي ڪم ۾ مصروف عمل آهي. پر هتي هي ڳالهه ڪرڻ ضروري آهي ته ڪمپني مقامي ماڻهن کي پراجيڪٽ ۾ روزگار جا موقعا مهيا ڪرڻ بجاءِ ٽيڪنيڪل اسٽاف، ليبر، رازا ۽ ٻيو عملو ٻاهران گهرائي انهن کي روزگار سان لڳايو ويو آهي. جنهن سان مقامي ماڻهن جي حق تلفي ٿي رهي آهي حقيقت ۾ جڏهن پراجيڪٽ هن ضلعي ۾ ئي هلي ٿو ته انصاف جي تقاضا آهي ته روزگار جي حوالي سان پهرين حق به هتي جي ماڻهن جو ٿئي ٿو پر ڪمپني جي هڪ هٽي ۽ ناانصافي جي ڪري مقامي ماڻهو هن موقعي مان فائدو ماڻڻ کان محروم آهن. ڊرينيج ڊسپوزبل اسڪيم بابت “ افيئر” سان ڳالهائيندي ساڃاهه وندن چيو آهي ته ڊرينيج اسڪيم پراڻي ميرواهه، ڀڏي مان ٺاهيل بدين شهر جي مين گٽر نالي جي اسڪيم ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ انجي فلاپ فريبلٽي ۽ پبلڪ هيلٿ کاتي جي تڪڙ ۾ پئسا هضم ڪرڻ لاءِ ڪيل غلط پلاننگ تي پردو وجهڻ لاءِ جوڙي ويئي آهي. سندن چوڻ هو ته اولڊ ڊرينيج ڊسپوزل کوهه بحال ڪرڻ بجاءِ ان جي چار ايڪڙِن واري وسيع پلاٽ تي نوان کوهه تيار ڪريا پيا وڃن جتي وڏي انساني آبادي متاثر ٿيندي . سندن خيال ۾ کوهه تيار ڪيا پيا وڃن. جتي وڏي انساني آبادي آهي جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مافيا سرگرم آهي. بدين جي هڪ واپاري اڳواڻ چيو ته پراڻي ڀڏي واري نالي تعمير ٿيڻ کي اٺ سالن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آهي پر شهر جي ڪافي ڪالونين، محلن ۽ پاڙن ۾ ڊسپوزل لائنيون ناهن ڏنيون ويو. جڏهن ته اسڪيم کان پهرين ٻڌايو ويو هو ته نالي جي ٻنهي ڪنارن سان 6 فوٽ ويڪرو پڪو روڊ تعمير ڪيو ويندو جنهن سان صفائي ممڪن بڻبي پر اهي ڳالهيون وقتي ثابت ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته محلن، گلين جو پاڻي گٽر نالي جي ديوار سان لڳي بيهندو آهي. جنهن سبب ڀر وارن گهرن کي سم، گهم ۽ ڪلر لڳڻ ڪري ڪافي نقصان پهتو آهي. 

222

پراڻي ڊرينج اسڪيم کي بحال نه ڪرڻ سبب انجا کوهه لڪل رهن ٿا. ان تي جوڙيل مشينن رکڻ واريون ڪوٺيون ايف اينڊ سي ڪمپني جي ڪراچي کان آيل ليبر پاران انجو قيمتي مٽيريل لوهه، گارڊر، سرون وغيره ڪڍي وڪرو ڪيون پيون وڃن جنهن جي ماليت لکين روپين ۾ آهي ۽ لٽ مارجي نه ٽي ايم اي بدين طرفان ڪا جاچ ڪرائي ويئي آهي نه ئي پبلڪ هيلٿ کاتي اهڙي چوري خلاف ڪا قانوني ڪارروائي ڪئي آهي جيڪو هتي جي ماڻهن سان سراسر ناانصافي وارو سلوڪ آهي.

هن معاملي بابت جڏهن “افيئر” پاران پبلڪ هيلٿ ڊپارٽمينٽ بدين جي ڊسٽرڪٽ انجنيئر ڀواني شنڪر سان رابطو ڪيو ويو ته سندس چوڻ هو ته اسڪيمن جا ٺيڪا باقاعده ٽينڊر جاري ڪرڻ کانپوءِ مختلف ڪمپنين کي ڏنا ويا آهن ۽ انهي ۾ ڪا به ڪرپشن ناهي ڪئي وئي. مقامي ماڻهن کي روزگار ڏيڻ ۾ نظر انداز ڪرڻ جي حوالي سان هن سنڌ انجنيئر ڪائونسل ۽ پيپرا رولز جو حوالو ڏيندي چيو ته ضرورت ۽ اسڪلز تحت ٻين ضلعن جي ماڻهن کي روزگار مهيا ڪري سگهجي ٿو. جڏهن ته غلط پلاننگ ۽ چوري ٿيندڙ سامان واري سوال تي هن موقف واضح ڪرڻ کان انڪار ڪيو. عام ماڻهن جو خيال آهي ته پهرين ميگا پراجيڪٽ ناڪامي جي ور چڙهڻ کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر هتي جي عوام کي لاڀ ڏيڻ بجاءِ انهن سان مذاق ڪيو پيو وڃي ۽ اسڪيم جا ٺيڪا بغير ٽيندر جاري ڪرڻ جي غير مقامي ڪمپني حوالي ڪيا ويا آهن، جنهن هتان جي غريب ماڻهن جو روزگار وارو حق کسي ورتو آهي. 

اسڪيم جي حوالي سان هتي جي عوام کي جتي ڪيترائي خدشا آهن ۽ عوام سهولتون بجاءِ ۾ اضطراب جو شڪار آهي اتي پراڻا کوهه لڪل هئڻ ڪري علائقي جا ماڻهن ۾ هر وقت خوف ڇانيل رهي ٿو. لڪل کوهه ۾ ٻارن، عورتن ۽ مردن جي ڪرڻ جو وڏو انديشو آهي. حقيقت ۾ پراڻن کوهن ۽ مشين ڪوٺين کي تمام ٿوري خرچ سان بحال ڪري سگهڻ واري گنجائش موجود هئڻ باوجود سرڪاري خزاني کي کاٽ هڻڻ ۽ ڪميشن ڪمائڻ لاءِ غلط پلاننگ تحت ڪروڙين روپيا ضايع ڪيا پيا وڃن. جنهن سان عوام کي واضح فائدو ميسر هئڻ جا ڪي به امڪان ناهن. 

ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته سرڪار ميگا پراجيڪٽ جي فلاپ ٿيڻ جي انڪوائري ڪري ملوث ماڻهن خلاف قانوني قدم کڻي ۽ هلندڙ پراجيڪٽ جي ناڪام ٿيڻ کان پهرين ان کي صحيح رخ ۾ تعيمر ۽ مڪمل ڪرڻ سان گڏ عوام جي خدشن ۽ تڪليفن کي ختم ڪرڻ لاءِ جامع حڪمت عملي تحت پيش قدمي ڪري جيئن عوام کي صحيح معنيٰ ۾ لاڀ ميسر ٿئي.

shad.altaf@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو