Home / سنڌ افيئر / تعليم جي بگڙيل ڪَل ڪيئن سڌي ٿي سگهي ٿي
above article banner

تعليم جي بگڙيل ڪَل ڪيئن سڌي ٿي سگهي ٿي

زاهد مرتضيٰ ڌاريجو

سنڌ جي خراب تعليمي صورتحال تي ساڃاهه وندن کي ڳڻتي آهي ۽ اهي ان ويچار ۾ آهن ته ڪيئن نه سنڌ جي تعليم پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي يا ڪئي وئي آهي ۽ ان تباهي ۾ گهڻو حصو، جمهوريت جي نام نهاد علمبردار پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي. ان تباهي ۾ سامراج گهٽ پر پنهنجا هم زبان گهڻو اڳتي نڪتل آهن ۽ تباهي جا اهي سڀ ليڪا لتاڙي ويا آهن جيڪي نه لتاڙڻ گهرجن پر افسوس جو هن وقت سواءِ دانهون ڪرڻ جي ٻيو ڪجهه به اسان وٽ ناهي بچيو. دادو ضلعي جي ڪجهه ڳوٺن ۾ ڪم دوران ڪافي سارا اسڪول بند مليا، ڳوٺاڻن کان پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته اهي اسڪول 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ اڄ ڏينهن تائين کلي ئي ناهن سگهيا، نه وري دادو جي ضلعي انتظاميا کي قومي درد جاڳيو آهي ته انهن اسڪولن جي سار لهجي ته اهي آهن به سهي يا ويا قبضي جي ور چڙهي… ڪجهه ڳوٺن جي رهواسين کي وري به شابس آهي ته اهي انهن بند پيل اسڪولن کي سنڀالي ويٺا آهن ته متان انهن تي قبضو ٿي وڃي، ان ڪري اهي بند چڱا آهن. ڳوٺاڻن ٻڌايو ته تڏهوڪي ايم پي اي، هاڻي جي ايم پي اي ۽ هاڻي جي ايم اين کي ڪيترائي دفعا پڪاريو اٿائون پر سندن ڪن تي جونءِ ئي ڪا نه چري، رڳو آهن ٺلها آسرا ۽ دلاسا. دادو ضلعي ۾ ڪم دوران، پريس ڪلب دادو ۾ تعليم تي ٿيل هڪ سيمينار ۾ شرڪت جو موقعو مليو جنهن ۾ مهمان خاص ايم پي اي ڪلثوم چانڊيو هئي. ان موقعي تي پ ٽ الف طرفان هڪ عدد پمفليٽ پڻ ورهايو ويو جنهن ۾ دادو شهر اندر مختلف اسڪولن بابت انگ اکر ڏنل هيا ته اهي هن وقت ڪهڙن حالن ۾ آهن، 12 اسڪولن جون عمارتون انتهائي خطرناڪ ڄاڻايل هيون ۽ اهي ڪنهن مهل به ڊهي سگهن ٿيون. سالن کان تعمير هيٺ اسڪولن جو تعداد چار کن ڄاڻايل هيو، ٻن ڪمرن جي کوٽ وارا اسڪول ڇهه ٻڌايل هيا ۽ دادو شهر جي 61 اسڪولن ۾ هڪ به سوئيپر موجود ناهي. 39 اسڪولن ۾ چوڪيدار ۽ 28 اسڪولن ۾ پٽيوالا ٻن سالن کان پنهنجن ذميوارين کان آجا آهن ڄڻ اهي پگهار کڻي سنڌ تي ٿورو ڪندا هجن.

ڪجهه استادن صاحبان وري پنهنجي پگهار مان پرائيويٽ استاد رکيا آهن جن کي هو هر مهيني چار کان پنج هزار ڏيندا آهن ۽ باقي پگهار سندن کيسي ۾، ساڳي پمفليٽ ۾ پ ٽ الف پاران جاڳرتا مهم هلائڻ واري پروگرام هيٺ 30 نومبر 2013 تي هڪ ريلي جو اهتمام ٿيل هيو ته ان ريلي جو مقصد ماڻهن کي تعليم بابت آگاهي ڏيڻ هيو ته اهي تعليم لاءِ سجاڳ ٿين ۽ ٻارن کي اسڪول موڪلين، سڄي بگڙيل نظام کي هڪ ريلي سان سڌاري نه ٿو سگهجي ۽ هڪ عدد ريلي ڪڍي پاڻ تان اهو بار لاهڻ جي ڪوشش نه ڪجي. اسان جو ڪم صرف ريلي ڪڍڻ ئي آهي، ڇا جيڪڏهن پ پ ٽ الف قوت ضايع ڪرڻ بجاءِ انهن اسڪولن جا تالا کولرائي ها جيڪي سالن کان بند پيا آهن ۽ انهن پنهنجي پٽي ڀاين جي نالن کي ان پمفليٽ ۾ نروار ڪجي ها جيڪي قومي پئسي کي مال غنيمت سمجهي لٽي رهيا آهن ۽ انهن کي ان ڏينهن تي شرمسار ڪجي ها ته اوهان ڇو نه ٿا 2010ع کان انهن اسڪولن ۾ وڃو جيڪي قومي امانت آهن ۽ قوم جا ٻچا انهن جون راهون تڪين پيا ته ڪڏهن ٿا تعليمي اڪابر اچن ۽ اسان جي تعليمي اڃ اجهائين. پر اسان وٽ هاڻي تنظيمون پوءِ اهي سياسي هجن يا سماجي اهي فوٽو سيشن ۽ ناٽڪ لاءِ وڃي بچيون آهن. ڇا ايترو دم پ ٽ الف ۾ آهي ته اهي ان علائقي جي ايم پي اي يا ايم اين اي جي گهر جو گهيراءُ ڪن ته اهي تعليمي سرشتي ۾ سياسي مداخلت بند ڪن يا انهن تنظيمن ڪڏهن اي ڊي او يا ڊي سي او جو گهيراءُ ڪيو آهي ته بند پيل اسڪول کولرائڻ، ۽ انهن استادن جو ڪڏهن گهيراءُ ڪيو آهي جيڪي تعيلمي ادارن کي تالا هڻي پنهنجا ذاتي ڪم ڪار پيا ڪن ۽ انهن ڪڏهن اها ڊمانڊ ڪئي آهي ته انهن استادن جون پگهارون بند ڪيون جيڪي اسان جا قومي دشمن آهن. باقي ريلي ڪڍي فوٽو ڪڍرائڻ ۽ ليڊر چورائڻ هن دور ۾ تمام سولي ڳالهه ٿي پئي آهي ۽ اهو اسان جي تعليمي سڌاري جو ڪو حل به ناهي ۽ نه وري ٿي سگهي ٿو.

36

دادو ضلعو تعليمي لحاظ کان وڏي حيثيت رکي ٿو، جنهن اسان کي ٽلٽي مان علامه دائود پوٽو ۽ پاٽ مان علامه آءِ آءِ قاضي جهڙا فرض شناس ۽ تعليم يافته ماڻهو ڏنا. اڄ جيڪڏهن ٿوري گهڻي به تعليم بچي آهي ته اها انهن مڻيا دار ماڻهن ۽ ادارن جي ڪري ئي آهي جيڪي ادارا اهي سان لاءِ ڇڏي ويا ۽ هاڻي انهن ادارن سان ڇا حالت آهي اها اسان سڀني جي سامهون آهي. اڄ ان دادو ضلعي جي حالت انتهائي خراب آهي ۽ اتان جي مائرن، علامه آءِ آءِ قاضي ۽ علامه دائود پوٽي جهڙا پٽ ئي ڄڻڻ ڇڏي ڏنا آهن جيڪي اسان جي بگڙيل ادارن کي وري ٺاهين، قومي درد رکن ۽ سنڌ جي ميري ٿيل سينڌ کي سنوارين .

تعليم جي بهتري لاءِ ڇا ڪري سگهجي ٿو:

سماجي، علمي، ادبي ۽ ڪلچرل ڪئلينڊر جوڙڻ گهرجي. جنهن ۾ ناميارين تاريخ ساز شخصيتن جا ڏينهن ملهايا وڃن ته جيئن اڄ جي نوجوان لاءِ رول ماڊل جڙي سگهن جيڪي اڄ جي سنڌ ۾ رهيا ناهن ۽ ماهوار صفائي جو هفتو ملهايو وڃي، سوالن جوابن جا پروگرام ترتيب ڏنا وڃن ته جيئن اڄ جي ٻار ۽ نوجوان ۾ سماجي ڄاڻ پيدا ٿئي ۽ هو هن سماج جو ذميوار شخص ٿي سگهي يا ان کي بڻائجي.

هر هاءِ اسڪول ۾ هڪ ڪمري تي ٻڌل هڪ عدد لائبريري قائم ڪئي وڃي ۽ ان ۾ نوجوانن جي سمجهه مطابق هر اهو ڪتاب موجود هجي جيڪو ان کي تعليمي لاڀ ڏئي سگهي، ان ۾ هڪ عدد اخبار به گهرائي وڃي ته جيئن نوجوانن کي اڄ جي دنيا بابت خبر پئجي سگهي ته ڇا ٿو وهي ۽ واپري، شاگردن ۽ استادن تي ٻڌل هڪ “ريڊرس ڪلب” جوڙي ان عمل کي اڳتي وڌائي سگهجي ٿو.

اسڪول ۽ ڪاليج دوران موبائل فون ۽ ٻين برقي اوزارن جي استعمال تي مڪمل پابندي هجڻ گهرجي جيڪي پڙهائي واري عمل ۾ رخني جو سبب بڻجي رهيا هجن ۽ ان ٻار کي ان جي ناڪاري اثرن بابت سمجهاڻي ذريعي روڪي سگهجي ٿو ۽ اهو فرض والدين سان گڏ استاد جو به هجڻ گهرجي.

Boy/girl of the Month ۽ Boy/girl of the year جهڙن عملن کي هٿي وٺرائي وڃي ۽ انهن شاگردن کي خاص حيثيت حاصل هجي ته جيئن ٻيا ٻار يا نوجوان به ان جهڙو ٿيڻ لاءِ ڪوشش ڪن ۽ نوجوانن جو تعليمي خرچ سرڪار ڀري ته جيئن هو اڳتي به تعليم پرائي سگهي.

Early child Education جو نظام متعارف ڪرايو وڃي ته جيئن ٻارن ۾ سماج جون بنياد وصفون جنم وٺي سگهن.

دڪانن ۽ مانڊڻين تي اها پابندي لاڳو هجي ته اهي ڪنهن به ٻار يا نوجوان کي ڪا به تماڪ يا نشي واري شيءِ نه ڏين.

پنجين ڪلاس تائين ٻار کي ڪا به ديني تعليم نه ڏجي جنهن سان ٻار جي ڪچي ذهن ۾ سماج جون ناڪاره ۽ رد ٿيل ڳالهيون مضبوط ٿين. سواءِ قرآن ۽ ٻيا ديني ڪتاب پڙهڻ جي ۽ اهي به صرف والدين جو فرض هجي ته اهي ٻار کي گهر اندر ڏيارين جنهن سان ان تي ۽ پڙهائيندڙ تي اک رهندي.

سنڌ جي درگاهن تان ٿيندڙ آمدني اتان جي مقامي اسپتالن ۽ اسڪولن تي خرچ ڪئي وڃي ۽ خاص طور تي روڊن ۽ رستن تي ته جيئن ڳوٺن ۾ سڌارو ٿي سگهي ۽ هر ماڻهو جي پهچ، اسڪول ۽ صحت مرڪز ڏانهن آسان ٿي سگهي.

هر سال بهترين استاد جي چونڊ ڪري ان کي انعام سان نوازيو وڃي ته جيئن ان استاد جي ذهني ۽ تعليمي سگهه ۾اڃا به واڌارو ٿي سگهي ۽ ان عمل سان ٻين استادن ۾ به اتساهه وارو عمل زور وٺندو.

سنڌ سائنس سوسائٽي جي عمارت کي قبضه خورن کان آجو ڪرائي ماهوار مئگزين جاري ڪيو وڃي جنهن ۾ نج سائنسي ۽ ماحولياتي مضمون هجن ته جيئن اڄ جي نوجوان کي جديد سائنس، ميڊيڪل ۽ ماحول بابت ڄاڻ ملي سگهي.

اسڪول ۽ ڪاليجن تي نظر داري وارو عمل سخت ڪيو وڃي ته تعليمي نظام کي بهتر ڪري سگهجي، ضلعي تعليمي هيڊ ڪوارٽرن جي اڪثراها شڪايت هوندي آهي ته اسان وٽ گاڏين جي کوٽ آهي، هڪ ته انهن ۽ ٻين سرڪاري ادارن ۾ گاڏيون معمولي خراب هجڻ ڪري بيٺل آهن ۽ انهن کي ٿورڙي خرچ سان ٺيڪ ڪري انهن کي استعمال لائق بڻائجي ته اها شڪايت به ختم ڪري سگهجي ٿي.

مٿين تجويز مان ڪجهه اهڙيون به آهن جيڪي اسان جي سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي ڪوششن سان انهن کي عملي جامو پهرائي سگهجي ٿو ۽ انهن ۾ احساس پيدا ڪري انهن ۾ سنڌ جو درد حقيقي معنيٰ ۾ اڀاري سگهجي ٿو. ان لاءِ اهو سياسي نظرياتي ڪارڪن سٺو سوشل موبلائيزر ٿي سگهي ٿو. بجاءِ جو اهو ڪارڪن ڪنڊائتو ٿي وقت جو انتظار ڪري، پر ان جي ٿورڙي ڪوشش سان اهو پاڻ ان وقت کي جنم ڏئي سگهي ٿو. پر ضرورت آهي عمل ۽ بهتر منصوبه بندي جي.

هتي آءُ هڪ حقيقت تي ٻڌل قصو پڻ شيئر ڪرڻ چاهيندس ڪجهه مهينا اڳ هڪ ليڊي مون سان گڏ ڪراچي ۾ ٽريننگ ڪئي، ٽريننگ جي پهرين ڏينهن، ان ليڊي جي M.ed جو پرچو به هيو.

ڏاڍو پريشان هئي. پڇا ڪرڻ تي هن ٻڌايو ته اڳ ته منهنجي ڪزن ويٺي هئي امتحان ۾ پر باقي ڏينهن لاءِ پريشان آهيان. پر ٻي ڏينهن شام جو اها ليڊي ڏاڍو خوش هئي ۽ خوش ٿي ٻڌايائين ته هن لاڳاپيل ڪاليج جي ڪلارڪ سان ڳالهايو آهي ۽ اهو هاڻي روز جي حساب سان ٻه هزار وٺندو ۽ پيپر پاڻهي ٿي ويندو. ليڊي ٽريننگ ۾ مونسان گڏ هئي ۽ پويان پيپر به ٿي ويا. ڪجهه ڏينهن اڳ هن جو فون آيو ته مان هاڻي HST ٿي وئي آهيان ۽ ڪراچي ۾ تعليم جي وزير کان آرڊر مليو آهي. الله جو ڪرم آهي جو سرڪاري نوڪري ملي وئي آهي. 

هاڻي پڙهندڙ پاڻ فيصلو ڪن ته هو ڪهڙي قسم تعليم ۽ ڪهڙن استادن کان پنهنجي ٻچن کي ڏيارين ٿا..

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو