Home / سياسي افيئر / دادو جي ست رنگي سياست
above article banner

دادو جي ست رنگي سياست

ايم بي عرساڻي

دادو ضلعي جي سياست ۾ جتوئيءَ خاندان جو اهم ڪردار رهيو آهي 1931ع ۾ جڏهن دادو ضلعو وجود ۾ آيو ته قادر بخش خان جتوئي لوڪل بورڊ جي پهرين ميمبرن ۾ شامل هو. قادر بخش خان ۽ ڪريم بخش خان بمبئي ليجسليشن جا ميمبر رهي چڪا آهن. چانڊيا، مگسي تڪرار جو نبيرو ٿيو هو ته ڌڻي بخش خان به چانڊين جي ڌر پاران مقرر ڪيل ٽن امينن ۾ شامل هو. قادر بخش خان ۽ ڪريم بخش خان کانپوءِ عبدالمجيد خان ۽ عبدالحميد خان جو ڪردار اهم رهيو. عبدالحميد خان جو سياسي ڪردار سنڌ جي پارلياماني سياست جو روشن باب آهي .

Picture1

1988کان اڳ ميهڙ تعلقي جو سياسي ڌريون جتوئي گروپ ۽ ٻٽ گروپ جي نالي سان مشهور هيون جتوئي گروپ جو اڳواڻ خان صاحب عبدالحميد خان جتوئي هئو، جڏهن ته ٻٽ گروپ جو اڳواڻ سرائي غلام رسول خان ٻٽ هو جيڪو راڌڻ يونين ڪائونسل جو چيئرمن پڻ چونڊيو هو ۽ جڏهن راڌڻ يونين ڪائونسل کي ٽائون ڪاميٽي جو درجو ڏئي ٿرڙي محبت يونين ڪائونسل ٺاهي وئي ته جتوئي گروپ جو اميدوار سرائي محمد حسن خان ڳورڙ (پ پ پ تعلقي ميهڙ جي صدر غلام دستگير ڳورڙ جو چاچو) راڌڻ ٽائون ڪاميٽي جو پهريون چيئرمن چونڊيو، جڏهن ته نئين ٺهيل يونين ڪائونسل ٿرڙي محبت جو چيئرمن وري سرائي غلام رسول خان ٻٽ ٿيو. سرائي غلام رسول خان ٻٽ جي وفات بعد سندس فرزند ايڊووڪيٽ محمد صالح خان ٻٽ ان گروپ کي سنڀاليو ۽ هميشه ٽائون ڪاميٽي ميهڙ جو چيئرمن چونڊبو رهيو، صرف هڪ دفعو کيس جتوئي گروپ جي حيدر بخش خان جتوئيءَ شڪست ڏني سندس ٻيا ساٿي سرائي نياز حسين سهول، احمد خان ڏهر، محمد صادق لاکير پوءِ وري مقبول احمد لاکير اڪثر ڪري يونين ڪائونسل ٻليدائي، بوٿرو ۽ شاهه پنجو جا چيئرمن چونڊبا رهيا، جڏهن ته سندس ڀاءُ سرائي علي گوهر خان ٻُٽ به هڪ دفعو يونين ڪائونسل ٿرڙي محبت جو چيئرمن چونڊيو، جڏهن ته اُن جو پٽ نثار احمد ضلع ڪائونسل دادو جو ميمبر بڻيو، پر هو ڪڏهن به اسيمبلي ميمبر نه چونڊجي سگهيو. سندس وفات بعد سندس سڀ کان ننڍو ڀاءُ ۽ ميهڙ جي موجوه ايم پي اي فياض احمد ٻٽ جو والد منور علي خان سندس سياسي گروپ جو اڳواڻ بڻيو. هُن پنهنجي سياسي سفر جي شروعات ٽائون ڪاميٽي ميهڙ جي ڪائونسلريءَ کان ڪئي، 1988ع ۾ پاڪستان پپلز پارٽي ضلع دادو جو صدر بڻيو ۽ 1993ع ۾ پ پ پ جي ٽڪيٽ تي صداقت علي جتوئيءَ کي شڪست ڏئي ميهڙ مان ايم پي اي چونڊيو. 2001ع وارين بلدياتي چونڊن ۾ جتوئين جي ٽڪيٽ تي احمد نجيب ناريجو ناظم ۽ نثار احمد ٻٽ جوپٽ جاويد احمد ٻٽ نائب ناظم يونين ڪائونسل ٿرڙي محبت چونڊيا. 1988ع کان اڳ گاهي مهيسر جا مهيسر جتوئيءَ خاندان سان گڏ هوندا هئا ۽ سندس اتحاد ڪري عبدالله مهيسر ۽ ايڊووڪيٽ محمد حسن مهيسر ضلع رابطه ڪائونسل دادوءَ جا چيئرمن چونڊيا. اُنهن جي اتحاد سان اڳوڻو ايم اين اي رفيق احمد مهيسر يونين ڪائونسل ڪولاچيءَ جو چيئرمن ۽ ضلع ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو.

لياقت علي جتوئي 1977ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي بين الاقوامي تعلقات واري شعبي جي ليڪچررشپ ڇڏي ميهڙ، خيرپور واري قومي اسيمبليءَ واري سيٽ تان پ پ پ جي ٽڪيٽ تي اليڪشن لڙي سياست جي شروعات ڪئي ۽ قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. سندس سفارش سان خيرپور لاءِ حاجي ظفر علي خان لغاري، دادوءَ لاءِ سندس دوست منير احمد چنه، جوهيءَ لاءِ سندس ويجهو عزيز چاڪر شاهاڻيءَ جي والد پير محمد خان شاهاڻي کي صوبائيءَ اسيمبليءَ جون ٽڪيٽون مليون، جڏهن ته رفيق احمد جمالي جي والد سردار محمد بخش جماليءَ کي قومي اسيمبلي جي ٽڪيٽ ملي ۽ سڀئي ڪامياب ٿيا. اها اسيبملي ٽي چار مهينا هلي پوءِ 1985ع ۾ غير پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون جن ۾ لياقت علي جتوئي خيرپور واري تڪ تان حاجي امير بخش جوڻيجي کي شڪست ڏئي ايم پي اي بڻيو، جڏهن ته هنن جي اتحادين قاضي شفيق احمد ميهڙ واري تڪ تان، سيد محمد شاهه دادوءَ واري تڪ تان ۽ سيد ڪوڙل شاهه سيوهڻ واري تڪ تان ڪاميابي حاصل ڪئي. 1988ع ۾ جتوئين پوري ضلعي مان شڪست کاڌي، 1990ع ۾ پ پ پ حڪومت ختم ٿيڻ بعد جڏهن ڄام صادق علي سنڌ جو نگران وزير اعليٰ ٿيو ته لياقت علي جتوئي آبپاشيءَ جو نگران وزير بڻيو ۽ اليڪشن بعد هڪ ئي وقت ٻن کاتن ايڪسائيز ۽ ٽيڪسيشن ۽ خزاني جو وزير بڻيو. ان اليڪشن ۾ هن حاجي ظفر علي لغاريءَ کي شڪست ڏني هئي. 1993ع ۾ هو دادو، جوهيءَ واري قومي اسيمبلي جي سيٽ تي بيٺو پر پ پ پ اميدوارن محمد بخش خان جماليءَ کان هارائي ويو. 1997ع ۾ ميهڙ واري تڪ تان محمد اشرف سولنگيءَ کي شڪست ڏئي ايم پي اي بڻيو ۽ پوءِ وزير اعليٰ ٿيو. ان دور ۾ هن موجوده ايم پي اي فياض احمد ٻٽ جي والد منور علي خان ٻٽ کي صلاحڪار جڏهن ته الحاج امير بخش جوڻيجو خيرپور واري تڪ تان ايم پي اي چونڊيو ۽ پارلياماني سيڪريٽري بڻيو. لياقت علي جتوئيءَ 2002 وارين چونڊين ۾ ميهڙ، خيرپور واري قومي اسيمبليءَ جي تڪ تان رفيق احمد مهيسر کي ۽ خيرپور واري صوبائي تڪ تان حاجي ظفر علي لغاريءَ کي شڪست ڏئي هڪ ئي وقت ايم اين اي ۽ ايم پي اي بڻيو پوءِ صوبائي سيٽ ڇڏي پنهنجي ڀاءُ احسان علي کي چونڊرايائين ڊاڪٽر منظور حسين لغاري سندس حمايت سان پهريون ڀيرو ايم پي اي بڻيو. سندس وفات بعد ان جي گهرواري ڊاڪٽر سجيلا لغاري جي چونڊجڻ ۾ به ان جي حمايت شامل هئي. 

ان دوران 2005 واريون بلدياتي چونڊون ٿيون، جنهن ۾ هن شاندار ڪاميابي حاصل ڪئي. سندس محنت جي نتيجي ۾ سندس دادو اتحاد جي نالي سان قائم ڪيل گروپ ضلع جي 52 يونين ڪائونسل مان 38 هن تي ڪاميابي حاصل ڪئي ۽ اڪبر خان لغاريءَ جو پٽ ڊاڪٽر بنده علي لغاري ايم اين اي رفيق احمد جماليءَ جي وڏي ڀاءُ سردار ڏاتل خان جماليءَ کي شڪست ڏئي تعلقي ناظم جوهي، نبن خان لُنڊ دادو، ڌڻي بخش خان جتوئي خيرپور ۽ انيد حسين جتوئيءَ ميهڙ جا تعلقي ناظم چونڊيا، جڏهن ته پنهنجي پٽ ڪريم علي جتوئيءَ کي ضلع ناظم ۽ سيد محمد شاهه کي نائب ضلع ناظم چونڊرايائين. لياقت جتوئيءَ 2013 وارين چونڊين ۾ دادو ضلعي جي سڀني تڪن تان پ پ پارٽيءَ سان ڪانٽي جو مقابلو ڪيو ۽ عبدالعزيز جوڻيجو، سيد محمد شاهه، چاڪر شاهاڻي، مشهود الحق گاڏهي، نظير احمد ٻرڙو، ڊاڪٽر راشد سوڍر ،ميان ظفر مصطفيٰ سومرو، علي محمد سومرو ۽ اعجاز حسين سهول جي ڇڏي وڃڻ باوجود سندس گروپ مجموعي طور هڪ لک پنجيتاليهه هزار ووٽ کنيا. اڪثر ماڻهو سک ۾ گڏ هوندا آهن، پر ڏک ۾ ڇڏي ويندا آهن. انڪري جيڪڏهن نواز شريف سندس مالڪي نه ڪئي يا پ پ پ ۾ نه ويو ته ٿي سگهي ٿو ته سندس کي ساٿي هڪ هڪ ڪري ڇڏي وڃن

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو