Home / اسپيشل افيئر / دهلي بس گينگ ريپ ڪيس، جنهن ڀارت کي ڌوڏي ڇڏيو
above article banner

دهلي بس گينگ ريپ ڪيس، جنهن ڀارت کي ڌوڏي ڇڏيو

سلام ڌاريجو

جيتوڻيڪ دهلي ڄائي جوتي سنگهه پانڊي جو نالو دنيا جي طاقتور ترين عورتن جي فهرست ۾ ڳولئي نه ٿو ملي پر حقيقت ۾ 23 سالن جي ڄمار ۾ سفاڪي سان قتل ٿيندڙ ان عورت جي موت سان هندستان ۾ هڪڙو وڏو سماجي ڇال آيو آهي جنهن صدين کان خاموش عورت ۾ اتساهه پيدا ڪيو آهي ته اها پاڻ سان ٿيندڙ سماجي ناانصافي خلاف آوازا اٿاري. ايئن گذريل سال کان هندستان ۾ جيترو چرچو عورتن جي حقن بابت ٿي رهيو آهي تنهن جو مثال شايد ئي تاريخ ۾ ملي سگهي.

ها جوتي سنگهه پانڊي جنهن کي هندستاني نرڀايا “بي خوف“ جي نالي سان سڃاڻپجندڙ اها ئي بدنصيب ڇوڪري آهي جيڪا پنهنجي دوست سان گڏ “Life Of Li” جهڙي ڀوائتي فلم ڏسڻ کانپوءِ بس ۾ گهر واپس وڃي رهي هئي ته پنجن ڄڻن زنا ڪرڻ ۽ جسماني ايذاءُ ڏيڻ کانپوءِ سرد رات ۾ کيس روڊ تي اڇلائي ڇڏيو هو. ايئن هن 13 ڏينهن موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ گذارڻ کانپوءِ ڪندي 16 ڊسمبر 2012 تي دنيا کان موڪلايو. چون ٿا ته دهلي جي ان بس حادثي جو شڪار ٿيندڙ جوتي جو ڪيس ميڊيا تي ايترو ته دهرايو ويو جو جيئن ئي اهو اعلان ٿيو ته حادثي جو شڪار جوتي گذاري وئي، هزارين عورتن هندستان جي هر ڪنڊ ۾ روڊن تي نڪري آيون ۽ هڪ آوازا ٿي عورتن جي تحفظ لاءِ ايڏو ته گوڙ ڪيو جو ڪيتري عرصي تائين هندستاني ميڊيا ۽ پارليامينٽ ۾ رڳو عورتون جي تحفظ جي نعرن جو پڙاڏو هو. ايئن ئي ٿيو پارليامينٽ اندر ۽ پارليامينٽ کان ٻاهر صرف هڪڙو ئي موضوع هو ته عورتن کي مردن جي عتاب کان ڪيئن بچائجي، نتيجو جسٽس ورما ڪميشن جي صورت ۾ ٺهيل بورڊ پاران عورتن جي تحفظ بابت قانون ۾ سخت ترميمن جي شڪل ۾ اڳيانآيو ۽ هندستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو Sexual harassment at work place (prevention, prohibition, redressal Act) قانون ٺهيو جنهن تحت سختي سان سڀني ادارن کي پابند بڻايو ويو ته ان قانون تي عمل ڪندي عورتن خلاف ٿيندڙ بدسلوڪي خلاف ايڪشن کنيو وڃي.
جيئن ته جوتي سان حادثو دهلي ۾ پيش آيو هو تنهن ڪري دهلي پوليس ۽ سپريم ڪورٽ عورتن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڀ کان اڳرا رهيا نتيجي طور دهلي ۾ چڱن ڀلن نالن خلاف عورتن ڪيس ڪيا ۽ ايئن هندستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي پيماني تي مردن پاران جنسي طور حراسان ڪرڻ وارين حرڪتن خلاف ڪيس داخل ٿيا. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته اڄ ڪلهه هندستان ۾ مرد عورتن کان ائين ٿا لهرائين جيئن گنجو ڀڄي پاڪي کان. دلچسپ حقيقت اها آهي ته تاريخ ۾ پهريون دفعو قانون ٺهڻ کانپوءِ سڀ کان وڏو نزلو امير مردن تي ڪريو آهي ۽ جنسي حراسان ڪرڻ خلاف عورتن هندستان جي مشهور ترين ماڻهن جي ڏاڙهي ۾ هٿ وڌا آهن.
سڀ کان پهريون هاءِ پروفائل ڪيس شازيه مري جي ڳوٺاڻي سنڌي واڻيي آسارام باپو خلاف ٿيو، ها اهو ئي آسارام باپو جنهن لاءِ مشهور آهي ته يوگا ۽ شاسترن جا منتر پڙهندڙ هي همراهه هن وقت هندستان توڙي ٻاهرين دنيا ۾ ٻن ڪروڙ ماڻهن جو مرشد هئڻ سان گڏ اربين روپين جي پراپرٽي جو مالڪ آهي ۽ گجرات رياست جو انتهائي سگهارو پنڊت تسليم ڪيو وڃي ٿو. سندس مريدن ۾ عام خلق کانسواءِ نريندر مودي، امه ڀارتي ۽ رام سنگهه جهڙا سياستدان به سندس مريد آهن. 1940 ۾ اڳوڻي نوابشاهه ۽ هاڻوڪي سانگهڙ ضلعي جي ٻيراڻي شهر ۾ پيدا ٿيندر هي همراهه جڏهن ورهاڱو ٿيو ته پيءُ سان گڏ هندستان هليو ويو. گهڻو عرصو نارائڻ سائين کي به تربيت ڏئي هندستانين جا ڪارا جادو ۽ جن ڪڍڻ شروع ڪيا. چون ٿا ته آسارام باپو پنهنجي ان ڪاروبار سان نه صرف ملڪيت حاصل ڪئي پر زنا ۽ قتل به سندس رڪارڊ جو حصو رهيا.
جيئن ئي دهلي ۾ جوتي جو ڪيس ٿيو، ميڊيا ۽ سول سوسائٽي ۾ چرپر عام ٿي ته 16 سالن جي گجراتي ڇوڪري نيٺ همت ڪري 72 سالن جي پوڙهي آسارام باپو خلاف احمد آباد مان نڪري دهلي ۾ ڪيس داخل ڪيو. ڪيس جو داخل ٿيڻ ۽ پوليس جا اٽالا آسارام ۽ نارائڻ سائين خلاف سڄي ملڪ ۾ پکڙي ويا. قانون مطابق Sexual Narassment جو ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ پوليس کي 24 ڪلاڪن ۾ مجرم ئي گرفتار ڪرڻو آهي. چون ٿا ته آسارام باپو لاءِ سڄو هندستان ٽامو ٿي ويو ۽ سندس پٽ کي ان وقت گرفتار ڪيو ويو جڏهن هو سکن جهڙو ويس ڪري ملڪ مان ڀڄڻ ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. باوجود ملڪيت ۽ سياسي سگهه رکڻ جي آسارام باپو کي دهلي جي پوليس ايئن قابو ڪيو جيئن ڪنهن کيسا خالي ڪندڙ بشنيءَ کي پوليس ٻڌندي آهي. حالانڪه آسارام باپو ميڊيا تي اچي اهو به چيو ته آءُ پوڙهو ماڻهو آهيان ۽ زنا ڪرڻ جي جسماني طاقت نه ٿو رکان پر پوليس ڊاڪٽر جي ٽيم تشڪيل ڏئي اهو ثابت ڪيو ته پوڙهو هر حال ۾ زنا ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت سان مالا مال آهي.
چون ٿا ته باپو خلاف ملڪ ۾ پهرين ئي وڏي ڪاوڙ هئي ڇو ته هن جوتي واري ڪيس تي ڳالهائيندي اهو چيو هو ته “جوتي جيڪڏهن ريپ ڪندڙن خلاف مزاحمت نه ڪري ها ۽ کين منٿ ڪري ها ته هو هن کي گهٽ ۾ گهٽ ايذاءُ نه ڏين ها” اهڙي طرح باپو جي سونهاري دز ٿيڻ کانپوءِ دهلي ۾ ميڊيا جو خانصاحب سڏائيندڙ همراهه به لوهه ٿي پيو.
هندستان ۾ ميڊيا ۾ تهلڪو مچائيندڙ ترن تيجپال جنهن لاءِ مشهور آهي ته هن هندستان ۾ چڱن ڀلن ماڻهن جا ايئن ڀٽڪاڌوڙ ڪيا جو سندن Career ئي تباهه ٿي ويو.
ترن تيجپال تهلڪا ڊاٽ ڪام جو مالڪ اڄڪلهه جيل جي هوا کائي رهيو آهي، هن همراهه کي جيل جي دال کارائيندڙ هڪڙي صحافي ڇوڪري هئي جيڪا سندس اداري ۾ ملازمت ڪندڙ هئي. ترن تيجپال خلاف جنسي طور حراسان ڪرڻ جو ڪيس هندستان ۾ هڪڙي وڏي خبر جي طور سامهو آيو. ميڊيا جو ماڻهو جنهن ميڊيا ذريعي راڄن جا پٽڪا لاٿا سو پاڻ ميڊيا ۾ تماشو ٿي ويو. چون ٿا ته تهلڪا ڊاٽ ڪام هندستان جي ميڊيا ۾ هڪڙو نئون ٽرينڊ متعارف ڪيو. Sting Operation جو ابو سڏجندڙ ترن تيجپال نشي جي حالت ۾ نوجوان عورت صحافڻ ۾ هٿ وڌا ۽ ان عورت ڪيس ڪري نه صرف ترن تيجپال کي جيل ياترا ڪرائي پر تهلڪه ڊاٽ ڪام جي مئنيجنگ ايڊيٽر شرما چوڌري جنهن کي News Week ميگزين دنيا جي 150 طاقتور عورتن جي فهرست ۾ شامل ڪيو هو کي به استعيفيٰ ڏيڻ تي مجبور ڪيو.

India-Gang-Rape_full_600
تهلڪه ڊاٽ ڪام هندستاني صحافت ۾ Sting Opertaion ذريعي رات پيٽ ۾ وڏي مشهوري ماڻي هئي. سن 2000 ۾ Operation West End جي نالي سان هڪڙي ڊاڪيو مينٽري ٺاهي هندستان جي ڊفينس منسٽري خلاف هڪڙي وڏي اسٽوري بريڪ ڪئي. چون ٿا ته تهلڪه ڊاٽ ڪام جي صحافڻ کي جعلي Visiting Cards ڏئي هندستان جي ڊفينس منسٽري ۾ هٿيارن جو سوداگر بڻائي ڪميشن ذريعي ڏيتي ليتي جو ڊرامو ڪيو. ايئن Undercover صحافي برطانيه جي West Endڪمپني جا ملازم ٿي هيٺان کان مٿين سطح تائين رشوت ڏئي ڊفنيس منسٽري جي ماڻهن سان خفيه ملاقاتون لڪل ڪئمرائن ذريعي رڪارڊنگ ڪيون ۽ ڊاڪيومينٽري کي Upload ڪيو. ان ڊاڪيومينٽري جي منظر عام تي اچڻ کانپوءِ هندستان ۾ هڪڙو وڏو تهلڪومچي ويو هو، ايتري تائين جو جارج فرناڊس کي جيڪو ان وقت ڊفينس منسٽر هو استعيفيٰ ڏيڻي پئجي وئي هئي. چون ٿا ته ان ڊاڪيومينٽري رليز ٿيڻ سبب تهلڪه ڊاٽ ڪام جيڪا بعد ۾ روزاني اخبار جي شڪل اختيار ڪري وئي هئي ذري گهٽ بند ڪرڻو پيو هو، مالي پريشانين سبب تهلڪه ڊاٽ ڪام اخبار ۾ صرف 3 ملازم وڃي بچيا هئا ۽ اخبار ڪڍڻ لاءِ ٽڪو به نه بچيو هو. پر تهلڪه ڊاٽ ڪام جي Investigative رپورٽنگ عوام ۾ ايتري ته مشهور هئي جو تهلڪه جا نمائندا سڄي هندستان ۾ بس ۽ ريل ۾ مفت ۾ سفر ڪندا هئا، هنن کان سوارين وارا ڀاڙو نه وٺندا هئا. اهو ئي سبب آهي جو اخبار جي مالي سهائتا لاءِ هندستان جي مشهور سماجي ڪارڪنن چندو گڏ ڪري اخبار کي جياريو. ارون ڌڻي راءِ انهن چندي ڏيندڙن ۾ سڀ کان اڳتي رهي. تهلڪه ڊاٽ ڪام نه صرف Operation West End سبب مشهور ٿي پر سندن Fallen Heroes واري ڊاڪيو مينٽري ڪرڪيٽرن، اظهر الدين، اجي جڊيجا ۽ اجي شرما جا ڪيريئر تباهه ڪيا. ڪرڪيٽ جي مئچ فڪنسگ جا راز عوام تائين آڻيندڙ تهلڪه ڊاٽ ڪام هئي جنهن ان وقت جي مشهور رانديگر منوج پرڀارڪر کي ڊاڪيومينٽري رڪارڊ ڪرڻ لاءِ اسائنمينٽ ڏني ۽ ائين ظهر الدين، جديجا، اجي شرما سان گڏ ڪرڪيٽ بورڊ جو ڏيئو گل ڪيو.
چون ٿا ته تهلڪه ڊاٽ ڪام دهلي بس واري واقعي تي اسپيشل ايڊيشن ڪڍي انتهائي سنجيده بحث ڇيڙيو هو ته آخر هندستان جا مرد جسني طور حراسان ڪرڻ وارن واقعن کان باز ڇو نه ٿا اچن ۽ عورتون جيڪي عتاب جو شڪار ٿين ٿيون سي انهن خلاف قدم ڇو نه ٿيون کڻن. ايئن پيشيورانه اخلاقيات ۽ ٻين موضوعن تي تهلڪه هميشه عوامي آواز کي هٿي ڏيندي رهي پر اها ته ڪنهن کي خبر نه هئي ته اداري جي اندر ڇا ٿي رهيو آهي. ياد رهي ته هڪڙي عام ڇوڪري جي همت نه رڳو ميڊيائي لارڊ کي جيل ۾ بند ڪرايو پرتهلڪه اخبار به ٺپ ٿي وئي.
تازو هندستان جي ٻن سپريم ڪورٽ جي ججن خلاف جنسي طرح حراسان ڪرڻ جا ڪيس داخل ٿيا آهن. 22 سالن جي Stella James تازو هڪڙو بلاگ لکي جسٽس اشوڪ ڪمار گانگولي تي سندس Intern رهندڙ ڇوڪري ڪيس ڪيو ۽ ڪورٽ کي ڄاڻايو ته پوڙهي جج هن ۾ هٿ وڌا ۽ جسماني طور تي حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ياد رهي ته جسٽس گانگولي ان وقت سپريم ڪورٽ مان تازو رٽائر ٿيو هو ۽ ويسٽ بنگال رياست جي هيومن رائيٽس ڪميشن جو چيئرمين هو جتان هن کي ان ڪيس سبب بيدخل ڪيو ويو آهي.
چون ٿا ته هندستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو وڏي انگ ۾ عورتون ٿاڻن تي اچي جنسي طرح حراسان ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ڪري رهيون آهن ڇاڪاڻ ته اڄڪلهه ميڊيا ۽ سول سوسائٽي عورتن جي ڀرپور مدد ڪري رهيون آهن. جڏهن کان هاءِ پروفائل مردن خلاف ميڊيا، پوليس ۽ ڪورٽ گهوڙا گهوڙا شروع ڪئي آهي تڏهن کان هندستان جي شرفا کي ڦڦڙي لڳل آهي ۽ مجال آ ڪو مرد ٺرڪي نظر سان ڪنهن عورت کي گهوري.
انڊين ڪرائيم رڪارڊ بيورو مطابق دهلي بس گينگ ريپ کانپوءِ تقريبن 95 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيڻ ۾ واڌ آئي آهي. اهڙي طرح رڳو، دهلي ۾ 2012 ۾ صرف 727 ڪيس داخل ٿيا هئا جڏهن ته 2013 ۾ انگ وڌي 2844 ٿي ويو.
هندستاني اهو ضرور تسليم ڪن ٿا ته جيتوڻيڪ جنسي طور حراسان ڪرڻ واري عمل ۾ ڪا گهٽتائي ته نه آئي آهي پر عام سجاڳي ۽ ادارن جي بهترين سلوڪ سبب هاڻي عورتن ۾ همت پيدا ٿي آهي ته اهي پاڻ خلاف مردن جي غير مناسب رويي جو نوٽيس وٺن ۽ انهن خلاف شڪايت ڪن. شايد اهو ئي سبب آهي جو نه صرف پڙهيل لکيل عورتون پر عام ڳوٺاڻيون عورتون به نه رڳو پوليس کي شڪايتون موڪلي رهيون آهن بلڪه سيمينارن ۽ ميڊيا تي اچي پنهنجو ڪيس پيش ڪرڻ ۾ ڪا هٻڪ محسوس نٿيون ڪن.
جيتوڻيڪ هندستان آمريڪا کان چئوڻ تي وڏو ملڪ آهي پر هندستان جي نسبت آمريڪا ۾ اهڙن واقعن جو تعداد به لکن ۾ آهي جهڙي نموني عورتن جي تحفظ جو موضوع جيترو هندستان ۾ بحث ڪيو وڃي پيو شايد دنيا جي ٻئي ڪنهن ملڪ ۾ ٿيندو هجي.
جيتوڻيڪ ملالا يوسف زئي طالبان جي حملي سبب دنيا وارن لاءِ ٽيسٽ ڪيس ٿي وئي پر سندس ان قرباني جو اثر اسان کي سماج ۾ اثر انداز ٿيندي محسوس نه ٿو ٿئي پر ٻئي پاسي جوتي سنگهه جي موت جي واقعي گهٽ ۾ گهٽ هندستان جي سماجي زندگي کي هڪڙو نئون اتساهه ڏئي ڇڏيو آهي. هندستاني عورتن لاءِ نرڀايا جو موت هڪڙي اتساهه جي روپ ۾ نروار ٿيو آهي جنهن سان ڪروڙين عورتن جي زندگي تان خوف جو پاڇو ختم ٿيندي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو