Home / افيئر / سنڌ فيسٽيول ۽ سنڌ جي تهذيب
above article banner

سنڌ فيسٽيول ۽ سنڌ جي تهذيب

رام اوڏ

ڪنهن دور ۾ بادشاهن ۽ شهزادن جا شوق توهان ۽ اسان ٻُڌا ۽ پڙهيا آهن. عجيب و غريب اهي شوق پوءِ ڪهڙا به هجن پر وزير، مشير، فوجون سندن دلي تمنا کي پورو ڪرڻ لاءِ وڏا ڪشالا ڪڍي به اِهي فرمائشي شوق پورو ڪندا هئا. سنڌ ۾ هتي ميرن جي دور جا شوق اڃا تائين ڳايا وڄايا وڃن ٿا. ڪافي ڏينهن کان سنڌ فيسٽيول جي باري ۾ اخباري اشتهار پڙهان پيو، جنهن ۾ موهن جي دڙي جي تصوير ڏنل آهي، ۽ مٿي لکيل آهي: ” پنهنجي ثقافت تي ناز ڪريو، پاڪستان سان پيار ڪريو“. انهي اشتهار کي پڙهڻ کان پوءِ مان سوچڻ لڳس ته موئن جي دڙي جي سُڃاڻپ ڄڻ ته 1947ع کان پوءِ جي آهي!! هونئن به، پاڻ وٽ 712ع ۽ 1947ع کان پوءِ واري تعارف کي رياستي سرپرستي ڪجهه سَرس رهي آهي! خير، 25 ڪروڙن جي لاڳت سان سنڌ فيسٽيول جون سرگرميون سڄي سنڌ ۾ موهن جي دڙي کان شروع ٿيون . آثارن جي حالت ۽ ”ثقافت“ جي جھلڪ ميڊيا تي پاڻ ڏسي چُڪا آهيون، آثارن کي ائين ڀيلاڙيو ويو. ڄڻ ڪنهن حملي آور جي گھوڙن جي سُنبن ڪنهن مفتُوح جي ڌرتي کي کيڙيو هُجي!!. بهرحال، هن فيسٽيول جو ڌڙ ۽ سِر سنڌ جي ڪلچر سان منسوب ڪيل آهي. تازو اُن حوالي سان ڊاڪٽر مُبارڪ علي جو هڪ مضمون ”ڪلچر ۽ سماجي تبديلي“منهنجي نظر مان گُذريو آهي. ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته:”ڪلچر جي انهن مختلف قسمن ۾ گڏيل ڪلچر کي اُن وقت سامهون آندو ويندو آهي، يا اُن وقت انهن جي اهميت کي اُجاگر ڪيو ويندو آهي، جڏهن معاشرو ڪنهن سياسي يا معاشي بحران مان گُذري رهيو هوندو آهي، انهي موقعن تي حُڪمران طبقو نيشنل ازم ۽ نيشنل ڪلچر جي نالي تي عوام جي جذبن کي اُڀاري، انهن کي پنهنجي مدد لاءِ طلب ڪندو آهي.

“ هن وقت پاڻ هن فيسٽيول جي سڀني ڳالهين، حدفن، ۽ نتيجن تي بحث ڪرڻ بجاءِ موهن جي دڙي جي تاريخي اهميت تي اچون ٿا. سڀ کان اول وِل ڊيورانٽ جي انهي ڳالهه کي پيش ڪريون ٿا، جيڪا هن پنهنجي ڪتاب ”تاريخ، تهذيب، تمدن، فلسفه هندستان“ جي صفحي نمبر 19 تي هيئن لکي آهي: ” حيرت جي ڳالهه اها آهي ته زير زمين انهن مربوط آثارن جو سڀ کان هيٺيون تهه، مٿئين تهه جي نسبت وڌيڪ ترقي يافته هئڻ جو ڏس ڏئي ٿو، جڏهن ته انهن آثارن جا قديم ترين ذخيرا به سوين نه بلڪه هزارين سال اڳ جي تهذيب متعلق آهن. پٿر، ٽامي ۽ پتل جا ٺهيل اوزار ٻُڌائن ٿا ته جڏهن باقي دُنيا Chalcolithic Age ( جڏهن انسان پٿر کان پوءِ پتل جو استعمال سِکي رهيو هو) ۾ هئي، سنڌ جي تهذيب ان جي اڳتي وارين منزلن کي طئه ڪري چُڪي هُئي. ماهرن جو اندازو آهي ته موهن جو دڙو جي تهذيب اُن وقت وڏي عروج تي هُئي، جڏهن پهريون مصر جو اهرام تعمير هيٺ هو. ان جا سمير ۽ بابل تهذيبن سان واپاري، مذهبي ۽ فني رابطا موجود هئا. عيسيٰ جي پيدائش جي 300 سال اڳ تائين هي ٽي هزار ساله تهذيب موجود هُئي.“

1924ع ۾ سرجان مارشل، آر-ڊي- بينرجي سان گڏ جڏهن موهن جو دڙو جي کوٽائي ڪئي هُئي ته ڪيئي منزله عمارتون، ٿانو، سِڪا، ٺپا، ٻن ڦيٿن واري ڍڳي گاڏي، هار ۽ زيورات وغيره مليا هئا. هن تهذيب جي مطالعي مان پتو پوي ٿو ته هتي زندگي گُذارڻ جا قاعدا قانون هئا، منظم سماجي ماحول، ڪُشادا رستا، پڪين سِرن جون جايون، غسل خانه ۽ گندي پاڻي جي نيڪال لاءِ ڊرينج سسٽم هو. مطلب ته هي ماڻهو صحت ۽ صفائي جو خيال رکندڙ هئا. شهر جي عمارتن مان اندازو ٿئي ٿو ته هتي بادشاهي نظام نه هو، پر واپارين جي تنظيم هُئي، جيڪا نگراني ڪندي هُئي. ماڻهو زندگي گُذارڻ ۾ آزاد هئا، زندگي جي ضرورتن ۾ برابر حق ۽ طبقاتي برابري واري سماج جي عڪاسي ٿئي ٿي. سر جان مارشل ڪتاب The Prehistoric Civilization of the Indus (1928ع) ۾ لکي ٿو: ” سنڌ ۽ پنجاب ۾ موجود هي آثار ٽي ۽ چار هزار سال قبل از مسيح جي ترقي يافته شهري زندگي جو ڏس ڏين ٿا. انهن آثارن ۾ ملڻ وارا گھر، ان سان گڏ کوهه، غسل خانا ، نيڪال جو خاطر خواهه نظام ۽ شهري معاشرت جون ٻيون سهوليتون، هن تهذيب کي سومير سان گڏ گھٽ ۾ گھٽ، پنهنجي همعصر بابل ۽ مصري تهذيبن کان وڌيڪ ظاهر ڪن ٿيون. ايستائين جو ”ار“ جا گھر به پنهنجي طرز تعمير ۾ موئن جو دڙو جو مقابلو نٿا ڪن“.

humaima_malick_chosen_to_host_sindh_festival

هتي عورت جو رُتبو اعليٰ هو. آثارن ۾ عورتن جون ڪافي تعداد ۾ مورتيون، چوڙيون، وار سنوارڻ جا اهڃاڻ مليا آهن. جھُومر، آڱرين جون مُنڊيون، پيرن جا ڪڙا وغيره ٻُڌائن ٿا ته هتي عورتن ۾ هار سينگار جو رُجحان عام هو. ناچڻي کي ڏسجي ٿو ته مُجسمي جي کاٻي هٿ ۾ ڪارائي کان ڪچن تائين چُوڙيون آهن. اهي چُوڙيون هاٿي جي ڏندن جُون ٺهيل هيون. سمبارا جو مُجسمو رقص ۽ موسيقي جي ثقافت کي ظاهر ڪري ٿو. توڙي جو، موئن جي دڙي جا ماڻهو طِرز زندگي ۾ سيڪيولر هئا، سر جان مارشل انهن جو تعلق تنترڪ عقيدي ۽ رسمن سان ٻُڌائي ٿو. رقص شايد مذهبي رسمن ۾ به شامل هو.

موهن جي دڙي جا هي ماڻهو پُر امن هئا. قتل و غارت، حملا ۽ وحشتون انهن ماڻهن جي من ۾ نه هُيون، جنهن جو ثبوت اهو آهي ته موهن جي دڙي جي آثارن جي کوٽائي ۾ جنگي هٿيار نه مليا آهن. البته تير ڪمانيون هٿ آيون آهن، جيڪي هي ماڻهو شڪار لاءِ استعمال ڪندا هئا. محمد ادريس صديقي پنهنجي ڪتاب ” واديء سنڌ جي تهذيب“ (1959) ۾ لکيو آهي ته: ” هڪ مهر تي ٻن ماڻهن کي تير جي ذريعي هرڻ جو شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، ٻي مهر تي جھنگ جي ٻڪري کي نشانو بڻايو ويو آهي. هتان جي تصويري تحرير ۾ به تير ڪمان جا نشان ملن ٿا“.

هن تهذيب کي مُڪمل سمجھڻ مشڪل اُن ڪري به آهي ته هتي مُختلف نوادرات تي اُڪريل لکت اڃا پڙهي ۽ سمجھي نه وئي آهي، جڏهن اِهي تحريرون پڙهي سگھبيون ته اَڃان به گھڻو ڪُجھ چئي سگھبو. موهن جي دڙي جي تهذيب مان پاڻ ڇا پرايو آهي، انهن قديم آثارن جا پاڻ ڪيترا قدردان ٿيا آهيون؟!! سبط حسن لکيو آهي ته: ”تهذيب معاشري جي طرزِ زندگي ۽ طرزِ فڪر ۽ احساس جو جوهر هوندي آهي“. ڇا اسان اهڙي جوهر جي پوئواري ڪندي ۽ تحفظ ڪندي اهو پيغام اُخذ ڪيو آهي، جيڪو سنڌ فيسٽيول جي محفل ۾ ڏنو ويو آهي؟!!

اي سنڌ جي چمڪندڙ ماضي جي پيرن جا نشان،

تنهن جي ويراني ۾ چئو ايڏي ڪشش آئي ڪٿان؟ (تنوير عباسي)

oad.ram@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو