Home / پروفائيل / سيد عبدالله شاھه نه سي جوڳي جُوءِ ۾، نه سي سامي واٽ!
above article banner

سيد عبدالله شاھه نه سي جوڳي جُوءِ ۾، نه سي سامي واٽ!

نصير اعجاز

جنرل پرويز مشرف جي حڪومت جو اڃا شروعاتي زمانو ھو جڏھن ڪراچيءَ ۾ شانتي نگر واري منھنجي گھر ۾ صبح جو ڏھين يارھين وڳي ڌاري فون جي گھنٽي وڳي. منھنجي گھرواريءَ فون تي ڳالھائيندي مونکي سڏ ڪيو ۽ ٻڌايائين ته عبدالله شاھه نالي ڪو ماڻھو ڳالھائڻ ٿو چاھي. مان سوچ ۾ پئجي ويس ته اھو ڪير ٿو ٿي سگھي جو منھنجي دوستن يارن ۾ ان نالي سان ڪو ماڻھو ڪونه ھو. فون جي رسيور تي ھيلو ڪرڻ سان ٻئي پاسي کان آيل آواز ٻڌي ڇرڪي ويس. “نصير مان آمريڪا مان عبدالله شاھه ٿو ڳالھايان،” مان ڪجھه گھڙين لاءِ ماٺ ۾ اچي ويس. ھو سنڌ جو اڳوڻو وڏو وزير سيد عبدالله شاھه ھو جيڪو 1996 ۾ پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت برطرف ٿيڻ کانپوءِ سُتت ئي ھڪ ڏينھن اوچتو غائب ٿي ويو ۽ پوءِ خبر پئي ته ھو ملڪ ڇڏي وڃي چڪو آھي. مان ڪجھه سيڪنڊن اندر ئي حيرت واري ڪيفيت مان ٻاھر اچي ويس جو شاھه صاحب جو آواز وسارڻ جوڳو ڪونه ھو. آمريڪا مان ھزارين ميلن جي فاصلي تان فون ۽ ورھين کان سندس آواز نه ٻڌڻ جي باوجود کيس سڃاڻڻ ڏکيو ڪونه ھو. مونکي حيراني ان ڳالھه جي ھئي ته شاھه صاحب کي آمريڪا ۾ منھنجو فون نمبر ڪيئن مليو. ھن ته ڪراچيءَ ۾ ھوندي به سڄي حياتيءَ ۾ سواءِ ھڪ ڀيري جي مونکي فون ڪانه ڪئي. نه مون وٽ سندس ڪو فون نمبر ھو ۽ نه ئي وٽس منھنجو نمبر. ساڻس ڪي ملاقاتون بھرحال ھيون جن کان وڌيڪ ٻي ڪا ويجھڙائپ ڪانه ھئي جيئن اڪثر صحافي رپورٽنگ يا پنھنجن ذاتي “ڪمن ڪارين” جي خيال کان وڏي وزير جي اڳيان پٺيان پيا ڦرندا آھن. اھڙي حالت ۾ آمريڪا مان شاھه صاحب جي فون اچڻ تي حيراني ٿيڻ لازمي ھئي پر حقيقت ۾ مونکي ڏاڍي خوشي به ٿي جو سواءِ ڪِن متضاد ڳالھين جي سندس شخصيت جا ڪيترائي پھلو منھنجي نظر ۾ ساراھه جوڳا ھئا. “حيران ٿيندو ھوندين ته مون ڪيئن اڄ فون ڪئي آھي. اصل ۾ گھڻن ئي ڏينھن کان دل ۾ ھو ته سنڌ ۾ ڪنھن سڄڻ سان ڳالھائجي ۽ حال احوال وٺجي. تنھنجو فون نمبر مون ھتي ڪن دوستن کان پُڇائون ڪري ھٿ ڪيو آھي،” عبدالله شاھه منھنجي حيراني محسوس ڪندي چيو. منھنجي ڪجھه ڪُڇڻ کان اڳ ئي شاھه صاحب چيو،“عرصو ٿي ويو آھي جو سنڌ کان پري آھيان ۽ خبر ناھي ته وطن جا وڻ ڏسڻ ڪڏھن نصيب ٿئي، انڪري سوچيم ته فون ڪري توکان حال احوال وٺان.” سندس لھجي مان ڌرتيءَ کان پري ھجڻ وارو درد مون محسوس ڪيو ھو.

Picture2

مان سمجھي ويس ته شاھه صاحب آمريڪا ۾ ڊاڪٽر مظھر لاکي ۽ سني پنھور جي شروع ڪيل ٽال فري ٽيليفون نيوز سروس “اِن ٽچ” تي ھر ھفتي منھنجي آواز ۾ رڪارڊ ٿيل خبرون ٻڌندو ھوندو جنھن ڪري کيس فون تي مون سان ڳالھائڻ جو خيال آيو ھوندو. اھا نيوز سروس نوي جي ڏھاڪي جي وچ ڌاري ٻنھي دوستن شروع ڪئي ھئي. تن ڏينھن ۾ اڃا انٽرنيٽ يا آن لائين اخبارن جو سلسلو شروع ڪونه ٿيو ھو ۽ آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ ويٺل سنڌين کي سنڌ توڙي پاڪستان جي خبرن جي تانگھه ھئي. ڊاڪٽر مظھر ٽال فري فون کي ان مقصد لاءِ استعمال ڪيو جنھن ذريعي ھو مونکي ھر ھفتي ۽ ڪن خاص حالتن ۾ روزانو فون ڪري خبرن جو بليٽن رڪارڊ ڪندو ھو. آمريڪا ۽ ڪئناڊا ۾ رھندڙ ڪوبه سنڌي ٽال فري فون نمبر ملائي اھي خبرون ٻڌي سگھندو ھو. اھو سلسلو لڳاتار ست سال ايستائين ھليو جيستائين آن لائين اخبارون آيون. 

مون شاھه صاحب کان پڇيو ته ھو اوچتو ئي اوچتو سنڌ مان ڪيئن ھليو ويو ڇو ته پ پ پ حڪومت جي برطرفيءَ کانپوءِ پارٽيءَ پاران ڪراچيءَ ۾ ھڪ وڏو جلسو رٿيل ھو ۽ ان جي تيارين جي حوالي سان پبلسٽيءَ جي سلسلي ۾ ھن مونکي برسات اخبار جي آفيس ۾ فون ڪئي ھئي، جنھن جو مان ايڊيٽر ھئس. “نصير مھل اچي پئي آھي، ھاڻ ساٿ ڏجانءِ”، شاھه صاحب چيو ھو. مون شاھه صاحب کي ڀرپور ساٿ جي پڪ ڏني ھئي پر جلسي کان اڳ ئي ھو سنڌ ڇڏي ويو جو نگران حڪومت سندس خلاف وٺ پڪڙ شروع ڪئي ھئي. “بس يار قسمت ساٿ ڏنو ۽ ملڪ ڇڏڻ ۾ ھڪ اھڙي ماڻھوءَ مدد ڪئي جنھن سان حياتيءَ ۾ ڪڏھن ملاقات ڪانه ٿي ھئي”، ھن چيو پر منھنجي زور ڀرڻ تي به ان شخص جو نالو نه ٻڌايائين ۽ صرف ايترو چيائين ته اڳتي ڪڏھن موقعو مليو ۽ پاڻ ملياسين ته ضرور ٻڌائيندومانءِ. 

Picture3

صحافيءَ جي حيثيت ۾ ھونئن ته مان پ پ پ جي جلسي مھم کي غيرجانبدار ٿي جائز حد تائين ڪوريج ڏياريان ھا، پر شاھه صاحب جي فون کانپوءِ مون پاڻ کي اخلاقي طور پابند محسوس ڪيو ته وڌ ۾ وڌ ڪوريج ڏياريان. شاھه صاحب جو مونتي قرض ھو، جنھن جي موٽ مان ايئن ئي ڏئي ٿي سگھيس. سيد عبدالله شاھه کي ھڪ سياستدان طور مان گھڻي وقت کان سڃاڻندو ھئس پر ساڻس پھرين ۽ ڊگھي ملاقات 1989 جي شروعات ۾ ٿي جڏھن ھو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر ھو. ھي اھو زمانو ھو جڏھن ڪراچيءَ ۾ پھرين آڪٽوبر 1988 کان وٺي هڪ لساني ڌر سنڌين جو قتلام شروع ڪيو ھو. منھنجي رھائش گلشنِ اقبال ۾ باغِ رضوان اپارٽمينٽ ۾ ھئي جتي مان واحد سنڌي ھئس. اھو مذڪوره ڌر جو ڳڙھه ھو ۽ سندن ھٿيارن جا انبار اتي ذخيرو ٿيل ھئا جنھن لاءِ ھڪ خالي فليٽ تي قبضو ٿيل ھئن. سڄي ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي قتل ڪري اھي خوني ان اپارٽمينٽ ۾ اچي لڪندا ھئا. مون اھو ذڪر ڪن سنڌي شاگرد دوستن سان ڪيو ھو جن ھڪ رات مونکي سيد عبدالله شاھه وٽ ھلڻ لاءِ چيو. تن ڏينھن ۾ مان ھلالِ پاڪستان اخبار ۾ ھيس. مان رات جو ڊيوٽي پوري ڪري دوستن سان ڊفينس ۾ شاھه صاحب جي گھر وڃي پھتس. ھو اڇي پھراڻ ۽ سلوار ۾ اچي اسان سان لان ۾ ويٺو ۽ اَسُر تائين ويٺو رھيو. سندس بي تڪلفي مونکي وڻي جو ھو پن جي ٻيڙي پيئندي سڄي رات ٿَڪُ ظاھر ڪرڻ بنا اسان کان حال احوال وٺندو رھيو. مون کيس ايم ڪيو ايم جي سرگرمين جي ڄاڻ ڏني ته ھن ھڪدم مون کان باغِ رضوان اپارٽمينٽ جو اتو پتو ورتو. ھيءُ اھو اپارٽمينٽ ھو جنھن جي گيٽ تي به دھشتگردن جو قبضو ھوندو ھو. مان حيران ٿيندو ھئس ته مان ۽ منھنجا گھر ڀاتي ڪيئن ايترو وقت اُتي زنده رھياسين. بلڪل ٻئي ڏينھن ئي پوليس باغِ رضوان جو گھيرو ڪري گھر گھر تلاشي ورتي. اھا ٻي ڳالھه آھي ته مذڪوره ڌر جي انٽيليجنس پوليس کان وڌيڪ تيز ھئي جو اتان سمورا ھٿيار ۽ دھشتگرد اڳواٽ ئي ڀر ۾ ھڪ ٻئي اپارٽمينٽ ۾ منتقل ٿي چڪا ھئا. بھرحال عبدالله شاھه پنھنجو وعدو نڀايو. ساڻس ٻي ملاقات ڊسمبر 1989 ۾ سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن پاران ڪوٺايل سچل انٽرنيشنل ڪانگريس ۾ ٿي جتي مون سندس ھٿان شيلڊ وصول ڪئي ھئي. ٽين ملاقات ان وقت ٿي جڏھن ھو شھيد بينظير ڀٽو جي ٻي حڪومت ۾ وڏو وزير ٿيو ۽ ھن چيف منسٽر ھائوس ۾ صحافين جي مان ۾ ڊنر ڪوٺائي ھئي. اسپيڪر طور سندس صلاحيتن جو به مون ويجھڙائيءَ کان جائزو ورتو ھو جو مان سنڌ اسيمبليءَ جي ڪارروائي باقاعدگيءَ سان ڪور ڪندو ھئس. ان ڏينھن ڊنر ۾ سندس تقرير به گھڻو متاثر ڪيو جو لڳو ته ڪو دانشور ڳالھائي رھيو آھي. سنڌي توڙي انگريزيءَ ۾ ھو وڏي اعتماد سان پنھنجي حڪومتي پاليسين تي ڳالھائيندو رھيو. کائنس اڳ يا پوءِ وارن وڏن وزيرن جي ڀيٽ ۾ ھو گھڻو مختلف ھو. شاھه صاحب تقرير جو فن به ڄاڻندو ھو ته ٻولي ۽ لفظن تي به عبور حاصل ھيس. سياست سان گڏو گڏ ادب ۽ تاريخ تي کيس وڏي ڄاڻ ھئي. ساڻس آخري ملاقات 1996 ۾ ان وقت ٿي جڏھن برک اديب ۽ شاعر، برسات اخبار جو مالڪ يوسف شاھين ھڪ ڪيس ۾ گرفتار ٿيو ۽ مان سنڌ اسيمبليءَ واري سندس چيمبر ۾ ان ڪيس جي حوالي سان مدد لاءِ مليو ھئس. شاھه صاحب ۾ ڪابه تبديلي ڪانه آئي ھئي. ھن پھرين ملاقات ۾ به جيئن سڄي رات پن جون ٻيڙيون پيتيون ھيون، ان ڏينھن به ٽيبل جي خاني مان ٻيڙين جو بنڊل ڪڍيو ۽ پيئڻ لڳو ھو. اھا سندس فقيري طبيعت جي نشاني ھئي. ھو جڏھن پنھنجن وچ ۾ ھوندو ھو ته ڪابه وڏ ماڻھپائي ڪونه ڏيکاريندو ھو. 

سيد عبدالله شاھه دلير انسان ھو. منجھس صحيح يا غلط پر وقتائتي فيصلي ڪرڻ ۽ ان تي قائم رھڻ جي سگھه ھئي. ڳالھين کي ڦيرائي گھيرائي بولاٽيون کائڻ بدران ھو رک رکاءَ کانسواءِ ھر ڳالھه چئي ڏيندو ھو ۽ اھي ئي صلاحيتون کيس ٻين کان منفرد رکنديون آيون. ننڍپڻ ۾ سندن ڳوٺن باجارا ۽ واھڙ ۾ والد۽ ان جي دوستن جي پاڇي ۾ گذاريل وقت، والد سيد مراد علي شاھه جي قتل ۽ ننڍپڻ ۾ ئي مٿس آيل ذميوارين، راڄ ڀاڳ سان نڀايل لاڳاپن، مقامي وڏيرڪي سياست ۽ اھڙين ٻين حالتن کيس گھڻو ئي تجربو ڏئي ڀَڙُ ڪري ڇڏيو ھو. تاريخ، ادب ۽ سماجيات ۾ دلچسپي ھئڻ ڪري ھو سنڌ جي حالتن کي به چڱيءَ طرح سمجھندو ھو. سندس انھن صلاحيتن جي ڪارڻ ئي ھو پ پ پ جي ٽڪيٽ تي 1970 وارين چونڊن ۾ سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ۽ پوءِ کيس ڊپٽي اسپيڪر جو عھدو ڏنو ويو. ھيءُ اھو زمانو ھو جڏھن سنڌ اسيمبليءَ مان سنڌي ٻوليءَ کي صوبي جي سرڪاري ٻوليءَ وارو بل پاس ڪرڻ تي ڪراچيءَ جي جنگ اخبار فرنٽ پيج تي رئيس امروھويءَ جو شعر “اردو ڪا جنازا ھي ذرا ڌُوم سي نڪلي” نمايان ڪري ڇاپيو ھو، جنھن بعد شھر ۾ سنڌين جو قتلام شروع ٿيو ۽ سندن لاش بجليءَ جي ٿنڀن تي لٽڪايا ويا ھئا. اھڙو ئي خوني دور ان وقت به جاري ھو جڏھن سيد عبدالله شاھه 1993 ڌاري سنڌ جو وڏو وزير ٿيو ۽ رئيس امروھوي، محمودالحق عثماني ۽ اھڙن ٻين ھٿ ٺوڪين ترقي پسند اديبن ۽ دانشورن جي سوچ مطابق جنرل ضياءَ جي خلقيل لساني ڌر جا هٿياربند ڪراچيءَ ۾ سنڌين کي ڳولي ڳولي اغوا ڪري ڊرل مشينن سان جسمن ۾ سوراخ ڪري لاش ٻورين ۾ وجھي رستن تي ڦٽو ڪندا ھئا. اھو ئي ڪارڻ ھو جو سيد عبدالله شاھه حڪومت ۾ ايندي ئي سخت موقف اختيار ڪيو. ھن ايم ڪيو ايم کي اھم وزارتون ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ھو. حيرت جي ڳالھه اھا آھي ته ولي خان ۽ اجمل خٽڪ جھڙن ماڻھن به ايم ڪيو ايم جي نه رُڳو حمايت ڪئي ھئي پر اھي نواز شريف سان گڏجي الطاف حسين سان ملڻ لاءِ لنڊن وڃي پھتا ھئا. شاھه صاحب سگهارن ادارن۽ سندن خاص سياستدانن جي دٻاءَ تي ايم ڪيو ايم سان ڳالھيون ته شروع ڪيون پر سندن اھي مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته گرفتار دھشتگردن کي آزاد ڪري ڪيس خارج ڪيا وڃن ۽ پنجاھه سيڪڙو وزارتن سان گڏ اھم وزارتون ايم ڪيو ايم کي ڏنيون وڃن. ان وقت ايم ڪيو ايم سنڌ کي ڀاڱا ڪرڻ لاءِ نعرو ھنيو ھو “آڌا تمھارا، آڌا ھمارا” ۽ شاھه صاحب بردبار سياستدان طور اردو آباديءَ کي واضح لفظن ۾ جواب ڏنو:“سارا تمھارا، سارا ھمارا”. ھن اردو ڳالھائيندڙن کي ٻڌائڻ ٿي گھريو ته اھي ھاڻ سنڌ جي سماج جو حصو آھن ۽ ڪا به ونڊ ورڇ ڪانه ٿيندي. ھن دھشتگردن آڏو آڻ مڃڻ کان انڪار ڪندي غيرمعمولي قدم کنيو ۽ آرميءَ کي واپس موٽائي پوليس ذريعي دھشگردن کي چيڀاٽڻ جو فيصلو ڪيو ھو. سيد عبدالله شاھه جي عزم ۽ ارادن کي ڏسي لساني دھشتگرد سندس ڪَڍِ پئجي ويا ھئا ۽ ھڪ ڏينھن سندس ننڍي ڀاءُ سيد احسان علي شاھه کي شھيد ڪري ڇڏيائون. سيد عبدالله شاھه جي جاءِ تي ٻيو ڪير ھجي ھا ته ڀڄي ڀور ٿي پوي ھا، ھن آڻ وري به ڪانه مڃي ۽ صبر کان ڪم وٺندي بس ايترو چيائين: “مان اھو معاملو الله تي ڇڏيان ٿو.” ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته الطاف حسين جو ڀاءُ ڪجھه ڏينھن اندر ئي گولين جو بکُ بڻجي ويو. “دھشتگردن ھٿان شھيد ٿيندڙ سڀ سنڌي منھنجا ڀائر آھن،” ھن دھشتگردن کي للڪاريندي چيو ھو ۽ پوءِ دھشتگردن جي لڪڻ جون جايون کُٽي ويون ھيون. “مان دھشتگردن آڏو ھٿيار ڦٽا نه ڪندس. مان کين صاف لفظن ۾ ٻڌائڻ گھران ٿو ته سياست ۽ دھشتگردي گڏوگڏ نٿا ھلي سگھن،” ھن چيو ھو. ان وقت ڪن اخبارن سيد عبدالله شاھه کي ڪراچيءَ جي محاذ تي دھشتگردن سان وڙھندڙ اڪيلو ويڙھاڪ سڏيو ھو. چوٻول ھو ته سيد عبدالله شاھه پنھنجي ڀاءُ جي خُون جو پلاند ڪيو آھي. جيڪڏھن ايئن ھو تڏھن به صحيح ھو. شيڪسپيئر جي چواڻي؛

If you prick us do we not bleed?

If you tickle us do we not laugh?

If you poison us do we not die?

And if you wrong us shall we not revenge?

انھن ئي ڏينھن ۾ شاھه صاحب پوليس کي ڪمانڊو سکيا ڏيارڻ جا حڪم جاري ڪيا ۽ جڏھن پنج سئو پوليس وارن جي ڪمانڊو سکيا مڪمل ٿيڻ تي پاسنگ آئوٽ پريڊ واري تقريب ۾ ڪمانڊو مظاھرن ۾ ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن جي نموني طور سنڌي ڪپڙا پھريل جوان آندا ويا ته شاھه صاحب جي اندر جو سنڌي جاڳي پيو ھو. ھن پنھنجي تقرير کان اڳ ئي ٽريننگ آفيسر کي ڇينڀ ڪڍندي چيو ھو “انھن سڀني فرضي طور ڏيکاريل ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن کي سنڌي ڪپڙا پارائي ڇو پيش ڪيو ويو آھي؟ آئنده ايئن نه ٿيڻ گھرجي. ھن پنھنجي تقرير ۾ وري ان ڳالھه کي ورجايو ھو. 

ھو سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ رھندڙ غيرقانوني رهاڪن ھندستانين، بنگالين، برمين، افغانين ۽ ٻين کي نيڪالي ڏيڻ جو حامي ھو. پنھنجي ڪابينا جي ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ آدمشماريءَ بابت بحث دوران ھن صاف لفظن ۾ چيو ته سنڌ مان ٽيھه لک غيرقانوني ماڻهن کي ڪڍڻ گھرجي ۽ انھن کي آدمشماريءَ ۾ نه ڳڻيو وڃي. ھڪ صلاحڪار ان گڏجاڻيءَ ۾ تجويز ڏنس ته غيرقانوني ماڻهن جي ڳڻپ ٿيڻ سان صوبي جي آبادي وڌيڪ ٿيندي ۽ ان سان سنڌ کي ئي فائدو ٿيندو. شاھه صاحب ھڪدم ان تجويز کي رد ڪندي چيو ھو: “اسان اھڙو ڪوبه غلط فيصلو ڪونه ڪنداسين، جنھن سان تاريخ اسان تي ڦٽ لعنت ڪري. اسان ڪيئن انھن غيرقانوني باشندن کي سنڌ ڌرتيءَ جا ڄاوا تسليم ڪنداسين. انھن جو سنڌ سان ڪوبه واسطو ڪونھي.” گڏجاڻيءَ ۾ انگ اکر پيش ڪيا ويا ته غيرقانوني باشندن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ تي جيڪو خرچ ٿيندو اھو موجوده وقت کين ملندڙ سھولتن تي ٿيندڙ خرچ جي اڌ برابر ھوندو. ان تي شاھه صاحب چيو ھو ته اھو معاملو ھُو وفاقي حڪومت وٽ کڻندو ته جيئن ڌارين جي نيڪاليءَ وارو عمل شروع ڪري سگھجي. ھن سرڪاري ايجنسين تي به سخت تنقيد ڪئي ھئي ته سرحدن تي ڌارين کي نٿيون روڪين ۽ کين پاڪستان جو سڃاڻپ ڪارڊ به سستو مليو وڃي. ھن چيو ھو: “مان وفاقي حڪومت کي صلاح ڏيندس ته پاڪستان ۽ انڊيا جي سرحد تي فوج سان گڏ سنڌ پوليس جا دستا به مقرر ڪيا وڃن ته جيئن غيرقانوني ماڻهن جي آمد کي روڪي سگھجي ۽ ساڳي وقت پنجاب سان ملندڙ سنڌ جي سرحد تي به پوليس جا خاص دستا مقرر ڪبا ته جيئن اتان ايندڙ ڌارين کي روڪجي.” سيد عبدالله شاھه ان وقت اھي ڳالھيون ڪيون جنھن لاءِ ھاڻ سنڌ ٿنڪرس اينڊ رائٽرس فورم آواز اُٿارڻ شروع ڪيو آھي. شاھه صاحب ته پنھنجي اخباري انٽرويوز ۾ به کُلم کُلا چوندو رھيو ته ڪراچي جي شهري ڌر کي ھٿيارن جي فراھمي به انھن سرحدن ذريعي ٿي رھي آھي جنھن لاءِ ھن ٻين صوبن جي حڪومتن وٽ به آواز اُٿاريو ھو. تن ڏينھن ۾ ايم ڪيو ايم سنڌ جي شھري علائقن جي ماڻھن کي نوڪرين ۾ نظرانداز ڪرڻ ۽ ڪوٽا سسٽم جي خلاف به روڄ راڙو شروع ڪيو ھو. ان لاءِ ھو شھيد ذوالفقار علي ڀُٽي تي الزام ھڻندا ھئا. سندن روڄ راڙي ۽ الزامن کي رد ڪندي ھڪ انٽرويوءَ ۾ شاھه صاحب چيو ھو: “اھو تاثر ئي غلط آھي ته ڪوٽا سسٽم ڀُٽي صاحب رائج ڪيو ھو. سڀ کان پھرين ڪوٽا سسٽم لياقت علي خان لاڳو ڪيو ھو ته جيئن انڊيا مان آيلن کي ھتي سرڪاري نوڪرين ۾ لڳائجي. ان کانپوءِ يحى خان انھيءَ وقت شھري ۽ ٻھراڙيءَ واري ڪوٽا مقرر ڪئي جڏھن 1969 ۾ ون يونٽ ختم ڪيو ويو.” 

اھڙي شخص لاءِ شھيد بينظير ڀٽو به چئي ڏنو ھو ته “سيد عبدالله شاھه اصولن جي جنگ وڙھي رھيو آھي. ھو پنھنجي خاندان لاءِ نه پر سنڌ جي عوام لاءِ وڙھي رھيو آھي.” ممبئيءَ کان سنڌ جي علحدگيءَ کان وٺي ھيل تائين سنڌ جي وڏ وزارت ماڻيندڙ شخصيتن ۽ ان سموري عرصي جي سياست ۽ حالتن تي نظر رکندڙ مبصرن جو خيال آھي ته شھيد الله بخش سومري کانپوءِ سنڌ کي جيڪڏھن ڪو چڱو ماڻھو وڏي وزير طور مليو ته اھو سيد عبدالله شاھه ھو. “شاھه صاحب عالمي سطح جو اڳواڻ ته ڪونه ھو پر ھن پنھنجي انتظامي ۽ سياسي صلاحيتن آڌار پاڻ کي سنڌ جو ڪامياب سياسي ڪمانڊر ثابت ڪري ڏيکاريو ھو،” مبصر لکن ٿا. حقيقت ۾ سيد عبدالله شاھه کي ته وھم گمان ۾ به ڪونه ھو ته سنڌ جي وڏ وزارت کيس ملندي. ان عھدي لاءِ سيد قائم علي شاھه ۽ پرويز علي شاھه وچ ۾ ڇڪتاڻ ھلي رھي ھئي جنھنڪري ٻنھي جا لاڳاپا به خراب ٿي چڪا ھئا. ان صورتحال ۾ بينظير صاحبه به مداخلت ڪئي پر ڪو نتيجو ڪونه نڪتو ۽ ھن سيد عبدالله شاھه کي وڏو وزير مقرر ڪري ڇڏيو ھو. 

وڏي وزير ٿيڻ کان اڳ سيد عبدالله شاھه سينيٽر جو عھدو به ماڻي چڪو ھو. سينيٽر جي حيثيت ۾ ھو ان وفد ۾ به شريڪ ھو جيڪو ايران ۾ امام خميني ورسيءَ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ لا۽ ويو ھو. ان وفد ۾ ئي شامل ھڪ شخص امين ارباب ھڪ مضمون ۾ لکيو ھو:“ڪراچي ھوائي اڏي جي وي آءِ پي لائونج ۾ مون سيد عبدالله شاھه کي پھريون ڀيرو ڏٺو ۽ پوءِ جھاز ۾ کيس صحافين سان ڳالھائيندي ٻڌم. ھو ڀرپور انداز ۾ چئي رھيو ھو ته “سنڌ مسئلن ۾ ڦاٿل آھي. سنڌ سان ٺڳي ٿي رھي آھي. انسانيت جو کلم کلا قتلام ٿي رھيو آھي، وڏيون سازشون ڪيون پيون وڃن پر افسوس جو صحافين جا قلم ماٺ آھن.” امين ارباب لکي ٿو:“مان سيد عبدالله شاھه جا اھي لفظ ڪڏھن به وساري نٿو سگھان ته جيڪي ماڻھو سنڌ ۾ رھندي پاڻ کي سنڌي سڏائيندي شرم محسوس ڪن ٿا، اھي پاڪستاني ئي ڪونھن.” شاھه صاحب جمھوريت جي بحاليءَ واري تحريڪ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو ھو ۽ جيل به ڪاٽيو ھئائين. پنھنجي والد جو پيارو “گدا شاھه”، جيڪو ننڍپڻ کان صوفياڻاڪلام ٻُڌندي ۽ منڇر جي مھاڻن سان ڪچھريون ڪندي جوان ٿيو، تنھن جي اندر ۾ ھڪ صوفي ويٺل ھو. سندس چوڻ موجب ھن سياست ڪرڻ نه ٿي چاھي. “مان ته سٺ واري ڏھاڪي ۾ ڪراچيءَ ۾ وڪالت شروع ڪري چڪو ھئس. ڀُٽي صاحب جي شھادت کانپوءِ به مان سياست ڇڏي ڳوٺ وڃي زمينداري ڪرڻ لڳو ھئس.” شاھه لطيف جي سورمي مارئي سيد عبدالله شاھه جي به سورمي ھئي جو کيس پنھنجي وطن، ٿر سان پيار ھو، ھن ھڪ انٽرويوءَ ۾ چيو ھو. ايئن ئي سيد عبالله شاھه کي به منڇر، واھڙ، جھانگارا باجارا، بڊي جبل ۽ آسپاس جي سموري علائقي سان پيار ھو. (ھن بڊي جبل تي نئون شھر آباد ڪرائڻ لاءِ ڪم شروع ڪرايو ھو جنھن کي بعد واري حڪومت بند ڪرائي ڇڏيو. سيوھڻ ايئرپورٽ به سندس ڪوششن جو نتيجو ھو. ايئر پورٽ اھڙي ھنڌ آھي جتي جھاز لھندي ۽ چڙھندي منڇر جا من موھيندڙ نظارا نظر ايندا). شايد پنھنجي جنم ڀوميءَ جي اھائي ڇِڪ ھئس جو ھُو مونکي ۽ ٻين يارن دوستن کي آمريڪا مان فونون ڪري حال احوال وٺندو ٿي رھيو. شاھه صاحب مون کي ھڪ ڀيرو وري به فون ڪئي ھئي پر پوءِ ورھيه گذري ويا تان جو 2007 ۾ بيماريءَ جي حالت ۾ سندس واپس ورڻ جي خبر آئي. آمريڪا مان واپسيءَ جو سفر 1931 کان سندس حياتيءَ جي شروع ٿيل سفر جي پڄاڻيءَ وارو سفر ثابت ٿيو. ھو پنھنجي ڌرتيءَ لاءِ من ۾ تانگھه کڻي موٽيو ۽ پنھنجي مٽيءَ ۾ پنھنجي پيارن جي ڀر ۾ سُڪون واري ننڊ سمھي پيو. (خاص طور افيئر ميگزين لاءِ لکيل)

nasiraijazpk@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو