Home / ڪرنٽ افيئر / صحافي ولي بابر جا قاتل نيٺ انجام تي پهتا!
above article banner

صحافي ولي بابر جا قاتل نيٺ انجام تي پهتا!

Picture1

د ستگير ڀٽي

جيتوڻيڪ ملڪ اندر هر نئين سج هڪ نئون خطرناڪ ڌماڪو ۽ هانءُ ڏاريندڙ واردات ڪروڙين ماڻهن جو سک ڦٽائي ڇڏيو آهي پر اهڙي مايوسي واري عالم ۾ جڏهن عدليه جا ڪجهه اهم فيصلا ٻڌون ٿا ته هانوَ تي ڇنڊو پوي ٿو ۽ ڪجهه اميد جا ڪرڻا ڏسڻ ۾ اچن ٿا. اهڙو ئي هڪ حوصلو ڏياريندڙ فيصلو شهيد صحافي ولي بابر جي مقدمي ۾ عدالت ڏنو آهي جنهن سان نه رڳو ولي خان جي مٽن مائٽن، دوستن ۽ عزيزن، بلڪه ميڊيا سان لاڳاپو رکندڙ هزارين صحافين ۽ انصاف لاءِ واجهائيندڙ لکين انسانن کي وڏي آٿت ملي آهي. دهشتگردن جي ڊپ کان ڪراچي مان هي ڪيس گذريل سال ڪنڌڪوٽ جي سيشن ڪورٽ ۾ منتقل ڪيو ويو ڇاڪاڻ ته وڏي ديدا دليري سان هن مقدمي جي ستن شاهدن کي چونڊي چونڊي ماريو ويو ۽ ولي بابر جي وڪيلن توڙي ججن کي به خوفناڪ ڌمڪيون ملنديون رهيون جنهن ڪري سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي ئي ڪيس ڪنڌڪوٽ جي سيشن جج مشتاق احمد لغاري هلايو .

پهرين مارچ تي فيصلو آيو جنهن موجب گرفتار ٿيل پنجن ڏوهارين مان چئن ڄڻن کي جنم ٽيپ ۽ ٻين روپوش قاتلن کي ڦاهي جي سزا ڏني وئي آهي. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته لساني دهشتگردن گهٽ ۾ گهٽ چوٿائي صدي تائين اخبارن ۽ ٽي وي چيلنز ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ فوٽو گرافرن توڙي ميڊيا جي مالڪن کي ڌمڪيون، ڏيئي هميشه سچ لکڻ ۽ ڳالهائڻ کان روڪڻ جا جتن ڪيا، انگريزي،اردو ۽ سنڌي اخبارن جي دفترن تي حملا ڪرڻ سندن معمول هو. صحافي ويچارا ايتري قدر حراسيل هئا جو ڪراچي شهر ۾ سالن کان ٿيندڙ ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ معصوم ماڻهن جو ڪوس ڪندڙن بابت سڄي ڄاڻ هوندي به حقيقتون لکڻ کان لنوائيندا رهيا. نيٺ 12 مئي 2007ع تي اڳوڻي چيف جسٽس جي ڪراچي آمد مهل ٿيل قتلام ۾ اصل قاتل ۽ دهشتگرد پڌار ٿي پيا. ان کانپوءِ صحافين کان پلاند ڪرڻ لاءِ قاتل جٿا به تيار ڪيا ويا جن هٿان نه رڳو جيئو ٽيليوزن چينل جي رپورٽر ولي خان بابر شهيد ٿيو پر ٻين ڪيترن مارون کاڌيون يا جاسمين منظور وانگر شهر مان لڏي ويا.

پيارو پاڪستان هونئن به صحافين جي عالمي تنظيم طرفان جاري ڪيل سالياني رپورٽ موجب ميڊيا وارن لاءِ دنيا جو سڀ کان ڏکيو ملڪ آهي. اهڙي ملڪ اندر هڪ صحافي جي وارثن ۽ مٽن مائٽن کي انصاف ملڻ ڄڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي پر صحافين، وڪيلن ۽ ججن جي ڊڪٽيٽر جنرل مشرف جي دور ۾ هلايل شاندار تحريڪ کانپوءِ ملڪ اندر اظهار جي آزادي واري جيڪا خوشگوار فضا قائم ٿي آهي تنهن ۾ ڪنڌڪوٽ سيشن جج پاران ڏنل هي فيصلو شاندار سوڀ آهي. 

ولي خان بابر جو جنهن ظالماڻي نموني سفاڪ قاتلن لالو کيت جي وچ بازار اندر سندس خون ڪيو هو انهي سفاڪي ۽ بربريت سڄي دنيا آڏو اهو سچ ظاهر ڪري وڌو ته هن شهر ۾ هڪ منظم مافيا پنهنجو قبضو ۽ راڄ برقرار رکڻ خاطر هر اصول پسند ليکڪ يا رپورٽر کي رت ۾ وهنجاري سگهي ٿي. شاهدن ۽ وڪيلن کي چونڊي چونڊي مارڻ واري پلاننگ مافيا جا سمورا اڇاڪارا پڌرا ڪري وڌا. دهشت ۽ خوف وچان ولي خان بابر لاءِ ڪيترائي وڪيل وڪالتنامو ڀرڻ کان جواب ڏيئي ويٺا. ٻن ڄڻن وڪالت نامو ڀرڻ ۽ هن ڪيس جي پيروي ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ هڪڙو وڪيل ته مورڳو پاڪستان ڇڏي آمريڪا هليو ويو جتي پهچي پناهه ورتائين.

هونئن پاڻ وٽ هن قسم جي اهم ڪيسن جا ڏوهاري يا ته جهلبا ئي ناهن ۽ جي جهلجي به وڃن ته شاهدن ۽ وڪيلن سان اهڙو حشر ڪندا آهن جو سالن جا سال فيصلو ئي نه ٿي سگهندو آهي. پر ولي خان بابر جي وڏي ڀاءُ مرتضيٰ بابر جي اورچائي ۽ دليري سان گڏوگڏ خود چئنل جي مالڪن جي همت ۽ پوئواري ۽ عدالتي عملدارن جي جرئت نيٺ مظلومن کي انصاف ڏياريو. مرتضيٰ بابر هن فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته جن ڏوهارين کي عدالت پاران سزائون ڏنيون ويون آهن سي برابر قاتل آهن پر هو جنهن ڌر لاءِ مهرا ۽ والي بڻجي جنهن جي حڪم تي ڪراچي ۾ قتلام ڪندا رهيا آهن. اصل ۾ انهي مک جوابدار کي سزا ملڻ گهرجي ها ته سندس هانءُ ٺري پوي ها. تنهن هوندي به کيس خاطري آهي ته نيٺ اصل قاتل به قانون جي ڄار ۾ سوگهو ٿيندو.

هونئن اهو قدرت جو قانون آهي ته “جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻي”. پڙهندڙن کي معلوم هوندو ته وزيراعظم نواز شريف اسڪاٽ لينڊ يارڊ جي تحقيقي آفيسرن کي ڪراچي ايئرپورٽ تان ٻه سال اڳ گرفتار ٿيل ڊاڪٽر عمران فاروق جي ٻن قاتلن سيد محسن ۽ ڪاشف کان آڏي پڇا ڪرڻ جي هفتو کن اڳ ۾ ئي اجازت ڏئي ڇڏي. ٻنهي ڄڻن نه رڳو عمران فاروق جو خون باسيو آهي پر اهو به ٻڌايو آهي ته اصل ۾ ڪنهن جي حڪم تي اهو ناحق خون ڪيائون. انهن ٻنهي قاتلن کي لنڊن مان سائوٿ آفريقا ۽ اتان گهمائي ڦيرائي سريلنڪا پهچايو ويو، جتان هو ڪراچي پهتا. ڪراچي پهچڻ کان اڳ موبائل فون وسيلي سندن ساٿين سان جيڪا ڳالهه ٻولهه ٿي ان جي رڪارڊنگ پاڪستان جي هڪ سگهاري اداري کي هٿ چڙهي وئي جنهن مان پتو پيو ته هوائي اڏي تي شميم نالي ڪي ڊي اي جو هڪڙو آفيسر کين وٺڻ ايندو ۽ گاڏي ۾ ويهاري صفوران ڳوٺ کان پرتي جهنگ ۾ بيٺل اجر قاتلن کي سندن ٻانهن ڏيندو جيڪي مٿان کان مليل حڪم مطابق کين ماري سندن لاش گم ڪري ڇڏيندا. 

انٽيليجنس عملدارن پهريان ته ٻاهر بيٺل شميم کي پڪڙيو ۽ پوءِ جهاز جي لهڻ جو انتظار ڪري شميم کان پڇيائون ته ڪهڙن ٻن همراهن کي کڻڻ لاءِ آيو آهين. شميم کين پري کان سڃاتو ۽ عملدارن کي اشاري سان ٻڌايو جن کين لائونج اندر وڃي سوگهو ڪري ورتو. ان زماني ۾ پياري پاڪستان جو صدر آصف علي زرداري ۽ داخلا جو وزير رحمان ملڪ هو جنهن کي لنڊن مان هڪدم فون آئي ته ٽنهي ڄڻن کي لڪائي ڇڏيو ۽ اسڪاٽ لينڊ يارڊ کان بچايو. سوا سال تائين برطانيه جي هن نامياري پوليس پاڪستان سرڪار کي منٿون ڪيون پر “مفاهمت“ جي ماريل سرڪار پنهنجن اتحادين کي اليڪشن هارائڻ تائين راضي رکيو. مسلم ليگ نون جي حڪومت به شروع شروع ۾ برطانيه سان سهڪار نه ڪيو ڇاڪاڻ ته کين انهي ڌر جا ووٽ گهربل هئا. هاڻي ڪراچي آپريشن کان پوءِ جڏهن تلخي وڌي وڻ ٿي آهي ته نيٺ جاچ جي اجازت ڏنائون جنهن جوابدار ڌر کي بتال ڪري ڇڏيو آهي. جيڪا الزام هڻندي وتي ته سندن ڪارڪنن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. هوڏانهن رينجرس جو سربراهه جنرل رضوان ۽ ڪراچي پوليس چيف شاهد حيات بار بار اهو ئي ورجائين پيا ته ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن اڻ ڌريو آهي ۽ ڪنهن به هڪ ڌر کي نشانو بڻائڻ جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي. باقي دهشتگرن جون گرفتاريون بنا متڀيد جي جاري آهن جن مان ڪيترن ئي پنهنجا خوفناڪ ڏوهه باسيا آهن ۽ کين ڪراچي مان ٻين شهرن جي جيلن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي. ايڊيشنل آءِ جي شاهد حيات ته ولي خان بابر جي ڪيس ۾ موت جي سزا مليل ٻن جوابدارن ڪامران عرف شامي ۽ فيصل موٽا کي جهلائيندڙ ماڻهن لاءِ ويهه لک روپيا انعام ڏيڻ جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي. هي ٻه ڀاڄوڪڙ قاتل ڪنهن ٻئي شهر ۾ لڪل آهن، جيئن ته سندن نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ شامل آهن تنهن ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄڻ هنن لاءِ سولو ناهي.

فقط طالبان مٿان دهشتگردي جو الزام هڻڻ سان ڪم نه هلندو. طالبان جي دهشتگردي جنرل مشرف جي دور کان يعني 2001ع نائين اليون کانپوءِ شروع ٿي جڏهن ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ دهشتگردي جو راڪاس 1986ع کان قتلام ڪندو رهيو آهي. اسان هر قسم جي دهشتگردي کي ننديون ٿا. نواز شريف حڪومت طالبان کي ڊگهو رسو ۽ ڳالهين لاءِ ايڏو وقت ڏئي هڪ ڀيانڪ غلطي ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته انهي عرصي اندر هو منظم ٿي وڌيڪ حملن جي تياري ڪري سگهن ٿا. اڄ هر ماڻهو سندن دهشتگردي سبب پريشان ۽ ڏکويل آهي. اسڪولن، درگاهن، ادارن ۽سپاهين تي حملا ڪرڻ کانپوءِ هاڻي هنن عدالتن کي تباهه ڪرڻ جو رستو اختيار ڪيو آهي. ملڪ جي قانون ۽ دستور کي مڃڻ واسطي هو تيار ناهن. زوري زبردستي پنهنجو مخصوص شرعي نظام سڄي ملڪ مٿان ٿاڦڻ گهرن ٿا. تنهن ڪري ساڃاهه وند ماڻهو سرڪار کي صلاح ڏين پيا ته مصلحت ۽ بزدلي کان ڪم وٺڻ بدران انتهاپسندن جي پاڙ پٽڻ لاءِ سرجيڪل آپريشن ڪرڻ لازمي آهي. اسان سنڌ جي ماڻهن لاءِ انڌي جهڙي پئڪين تهڙي ساهرين واري ڪار آهي. جي وزيرستان ۾ آپريشن ٿيندو به ته لڏپلاڻ اسان جي ڳچي ۾ پوندي، جي طالبان آڏو سرڪار گوڏا کوڙي جهڪندي، جيئن نظر پيو اچي تڏهن به انتهاپسندي جو راڪاس اسان کي سک جو ساهه کڻڻ نه ڏيندو. مطلب ته هوڏانهن باهه ته هيڏانهن پاڻي! جيئن ٻٽو بلدياتي نظام سنڌ لاءِ مصيبت جو ڪارڻ بڻيو هو، تيئن ان کان به وڏيون مصيبتون پاڻ ماڻهن لاءِ ٻٽي دهشتگردي پئدا ڪري ڇڏيون آهن. اڳي فقط شهري دهشتگردن جو نشانو هئاسين پر هاڻي اترين علائقن مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ جي ڪري طالبان واري خطرناڪ دهشتگردي جنهن تيزي سان سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن اندر وبائي مرض جيان پکڙجي رهي آهي، ان جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ واسطي جيڪڏهن سنڌين پاڻ ۾ فوري طور ٻڌي ڪري انتهاپسندن جي رستاروڪ نه ڪئي ته پوءِ دهشتگردي جو راڪاس هميشه واسطي اسان جي ايندڙ نسلن جو به جيئڻ جنجال ڪري ماڳهين مستقبل تباهه ڪري ڇڏيندو. مون کي خوشي ٿي آهي ته برطانيه جي چونڊيل نمائندن لارڊ نذير احمد ولي خان بابر جي وڏي ڀاءُ مرتضيٰ بابر کي لنڊن اچڻ جي دعوت ڏني آهي ته جيئن پاڻ نه رڳو هائوس آف لارڊ ۾ هن معاملي تي تقرير ڪري برطانوي پارليامينٽ کي حقيقتون ٻڌائي. هن اهو به يقين ڏياريو آهي ته مرتضيٰ خان کي وزيراعظم ڊيوڊ ڪيمرون سان ملائيندو جنهن کي درخواست ڪئي ويندي ته سندس ڀاءُ ۽ بهادر صحافي شهيد ولي بابر جي اصل قاتلن جنهن جي حڪم تي هيءَ ناحق ٿيو، قانوني گرفت ۾ آڻڻ لاءِ سهڪار ڪري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو